ڊاڪٽر
در محمد پٺاڻ
(تو بن جاني! هيءَ جهان)
”ڇورا!
توکي پڳ ڪو نه ٻڌرائيندا!“
چوندا آهن ته ڪنهن ڳوٺ جو وڏيرو مري ويو ته
غريب گهراڻي جي ٻار وڃي پنهنجي ماءُ سان سور سليا ۽ وڏيءَ اڻ تڻ ۾ پڇيائينس
ته:”امڙ! وڏيرو جو مري ويو آهي ته هاڻي ڪنهن کي پڳ ٻڌرائيندا؟“ ماڻهنس جواب ڏنو
ته: ”سندس پٽ کي“، غريب ٻار ان جواب مان مطمئن ڪو نه ٿيو، تنهنڪري وري پڇيائينس
ته: ”امڙ! جيڪڏهن اهو به مري وڃي ته پوءِ ڪنهن کي پڳ ٻڌرائيندا؟“ ان تي جواب مليس
ته : ”سندس ڀاءُ کي“. وري ٻار بي قرار ٿي ويو ۽ پڇيائينس ته: ”امڙ! جيڪڏهن اهو به
مري وڃي ته پوءِ........“. ماڻهنس تپي لال ٿي وئي ۽ چيائينس ته: ”مان سمجهان ٿي ته
تون ڇا پيو سوچين ۽ ڇا پيو پڇين. پر ڇورا! توکي پڳ ڪو نه ٻڌرائيندا“.
سو منهنجا سائين سنڌ جو گورنر گذاري ويو ۽
اسان مان ڪنهن کي خوشفهمي نه ٿيڻ گهرجي ته هاڻي مان ته مون جهڙو ڪو ٻيو گورنر
ٿيندو. ڇو ته اڻندو اها ئي، جيڪا ڪوريءَ جي من ۾. پر ڪوريءَ ڌاڳن مان نه ليڪن انهن
پنجوڙن مان اڻندو، جيڪي اسان پنهنجي لاءِ پاڻ ٺاهيا آهن. 1973ع کان مائي بيگم رعنا
لياقت علي خان کان وٺي مري ويل گورنر سعيد الزمان صديقيءَ تائين سنڌ جا جملي
اڻويهه گورنر ٿيا، جن مان چئن گورنرن: عبدالقادر شيخ، محمد هارون، ايئر مارشل عظيم
دائود پوٽي ۽ محمد ميان سومري کانسواءِ باقي پندرهن گورنر اهڙا ٿيا جيڪي اسان مان
ته هئا، پر انهن مان ڪنهن به باقي چئن گورنرن وانگر ڌرتيءَ- ڄائي نج سنڌي ماءُ جي
ٿڃ نه پيتي. بيشڪ اهڙا وڏا عهدا ۽ رتبا ته ڇا، پر اهم منصب لساني
حوالن سان ورهائڻ ونڊن ملڪي آئين ۽ روايتن سان ٺهڪي نه ٿا اچن. ملڪ جو ڄائو، ملڪ
جي ڪنهن عهدي ۽ رتبي تي مقرر ٿي سگهي ٿو. ليڪن سنڌ ۾ گورنريءَ جي تقرريءَ جا مخصوص
پيمانا ۽ ماپا آهن.
سنڌ جي حوالي سان اهو ڄڻ ”اڻ-لکيئي آئين“ جو
حصو يا روايت بڻجي وئي آهي ته 1973ع کانپوءِ ڪوشش ڪري ”نون سنڌين“ کي ئي هن عهدي
تي رکڻ ۽ رهڻ جو موقعو وڌيڪ ڏنو ويندو. مري ويل گورنر سعيد الزمان ويچارو فقط ٻه
مهينا عهدي تي رهيو، پر انهن ٻن مهينن ۾ گهڻا ڏينهن اسپتال ۾
گذاريائين. کائنس اڳ واري گورنر سنڌ جي تاريخ جي ۾ چوڏهن سالن جي طويل عرصي تائين
عهدي ماڻڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪو به گورنر ايڏي وڏي عرصي
تائين انهيءَ عهدي تي نه رهيو. هو مشرف جي زماني ۾ آيو ۽ ملڪ جي ٻن وڏين سياسي
پارٽين جي اقتدار وارن ڏهاڙن ۾ به گورنر ٿي رهيو تان جو ٻه مهينا اڳ کيس رخصت ڪيو
ويو.
گورنر مرڪز جو ئي نمائندو ٿئي ٿو، ۽ هن جي
مقرريءَ ۾ مرڪز کي صوابديدي اختيار حاصل هوندا آهن. مرڪز چاهي ته صوبائي حڪومت سان
صلاح مشورو ڪري، ۽ جيڪڏهن مشورو نه ڪري ته ان تي ڪا قانوني يا آئيني پابندي ڪانهي.
عشرت العباد کي تڪڙو فارغ ڪري ۽ ڪنهن وقت
وڃائڻ کانسواءِ سعيد الزمان کي گورنر مقرر ڪرڻ واري ڳالهه تي چوٻول به ٿيو ته
چميگويون به ٿيون. ڪن ڌرين جو خيال هئو ته نوازليگ چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ افهام تفهيم
واري تحرڪ دوران قومپرست ڌرين ۽ پيپلزپارٽيءَ جي مخالف ڌرين کان غير معمولي گرم
جوشيءَ واري موٽ ماڻي هئي. سنڌ جي ڪن سياستدانن نوازليگ جي اقتدار ۾ اچڻ بعد گورنر
يا صدر ٿيڻ واريءَ خوشفهميءَ ۾ ڪڙتا ۽ شيروانيون به سبرائي ڇڏيون. ماڻهن - مٽ ته
ٿي، پر خوشفهمين جي غلط فهمين ۾ ورتل ڪنهن کي به موقعو ڪو نه مليو.
عشرت العباد جي وڃڻ کانپوءِ به خوشفهمين جي
اهڙي لهر وري سنڌ جي ڪن سياسي ڌرين کي بهار جي مند مثال لڳي، ليڪن سعيد الزمان جي
گورنر ٿيڻ سندن سوچن تي سياري جي پاري جهڙو اثر وجهي ڇڏيو. هاڻي ويچارو سعيد
الزمان به هن جهان ۾ ڪو نه رهيو آهي. حالتن هن جي پڇاڙي اجري ائين ڪئي جو انهن
ٻنهي مهينن ۾ مرحوم جي پرگهور ۽ دوا درمل تي جيڪو خرچ پکو آيو هوندو، اهو شايد
سندس گورنر نه هجڻ واري صورت ۾ ايترو نه به اچي ها. ڀلا ڀاڳن سان ڪنهن جي ريس! ”ڪي
جيئري ئي جنت ۾ ته ڪي مئا مس مڙن“. سندس گورنر مقرر ٿيڻ تي جيڪي چميگويون هليون
هيون، انهن ۾ اها ڳالهه به شامل هئي ته ڪو اهڙو ماڻهو ته گورنر ڪري رکيو وڃي ها،
جيڪو صحت ۽ عمر جي حساب سان منصب سان انصاف ڪرڻ جي طاقت ۽ سگهه رکندو هجي ها. پر
اهو مسئلو مرڪزي سرڪار جو هئو ته اها ڪنهن تي اعتبار ڪري ٿي؟ ڇو ته ڪنهن کي گورنر
رکڻ نه رکڻ جا روحاني راز اها ئي سمجهي ٿي.
هاڻي گورنر ڪير ٿيندو ؟ ۽ ڇو ٿيندو ؟
اهو اسان جو مامرو ڪونه هو. پر اسان سان جيڪا ڳالهه واسطو رکي ٿي ۽ ڪم جي آهي، اها
هيءَ آهي ته حالتن جي امڙ اسان کي چئي ٿي ته: ”ڇورا! توهان کي پڳ ڪو نه
ٻڌرائيندا!“. ڇو ته سنڌي ٻوليءَ واري بل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڪشيدگي ۽ غلط فهمين
کي دور ڪرڻ لاءِ اسان جي مدبرن اها روايت قائم ڪئي ته اهو عهدو اسان جي نون ڀائرن
جي حوالي ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪا ان جي برعڪس مقرري ٿئي ٿي ته اها مارشل لا جي زماني ۾
هوندي يا غير معمولي حالتن ۾ ٿيندي.
No comments:
Post a Comment