** 1910ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبرن بمبئي ليجسليٽو
ڪائونسل جي پهرئين سيشن ۾ شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙ
ميمبرن ۾ سيٺ هرچندراءِ وشنداس،
سيد الهڏنو شاهه ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي شامل هئا.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت ڪاميٽي طرفان
حيدرآباد ۾ هڪ وڏو عوامي ميڙ ٿي گذريو،
جنهن جي صدارت مولانا غلام احمد ڪئي.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي الوحيد جي ايڊيٽر کي سٽي
مئجسٽريٽ ڪورٽ ڪراچي آڏو پيش ڪيو ويو، الوحيد جو
ايڊيٽر انڊين پينل ڪوڊ سيڪشن 153 ۽ 124 اي تحت ڪيس کي منهن ڏئي رهيو هو.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تعلقي ڪڪڙ جي ماڏو
نالي ڳوٺ ۾ سنڌ خلافت ڪاميٽي جي هڪ ذيلي تنظيم طرفان
ميڙ ڪوٺايو ويو، پهريون ڀيرو 200 کان
وڌيڪ مسلمان عورتن انهيءَ ميڙ ۾ شرڪت ڪئي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي حڪومت پيپلز
ريپبلڪ آف چائنا کي تسليم ڪيو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گورنر جنرل غلام محمد لطيف آباد
ڪالوني جو افتتاح ڪيو، انهيءَ ڪالوني ۾ انڊيا مان لڏپلاڻ ڪري
آيل مسلمان مهاجرن کي رهايو ويندو.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شيخ مجيب الرحمان کي اگرتلا
سازش نالي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي اڳواڻن
اهو فيصلو ڪيو ته هو سنڌ ۾ امن امان جي قيام لاءِ گڏجي ڪم
ڪندا ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هو جلد ئي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪندا.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نواز شريف ۽ الطاف حسين
ان ڳالهه تي اتفاق ڏيکاريو ته موجوده حڪومت جي خاتمي
سان ئي ملڪ بدامني جي باهه مان نڪري سگهي ٿو.
No comments:
Post a Comment