Wednesday, 20 May 2026
SINDH in history today (21st May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21s May}. Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]***** Dr. Pathan wishes you Good Day:
[ I admit and accept that in beauty, vision and wisdom, I am not at par with you. But, in accepting, respecting and loving you, I am second to none. I am body, you are soul, I am love you are life. May you understand it and understand me. May you not lock door of your heart, because, it my Paradise lost.]
نہ صورت نہ سيرت پر تنهنجو پيار گهڻو,
تن من ۽ روح وجود کي پرين پيا ٿا وڻو,
ھي جي بار بره جا شل مون جيان کڻو,
شل تالا ڪين هڻو, پنهنجئ دل جي در تي.
EVENTS: 1845: The Commissioner of Sindh is directed that who so ever could prove that he made his Salam on 24th of May of this year; the right of Jageer will be restored to him. The Jageer of Syed Ali Akbar shah is restored to him by the Collector of Hyderabad, under this policy.
1854: Commanding Officer, Sindh Division request Govt. that Buldings at points along with the whole line of the river Indus be constructed, or improved where already existing, as they are important for so many reasons.
1928: In a public meeting held by the Congress and other parties with Naraindas Anandji in chair, it is decided the 1000 volunters will stage protest against the Simon Commission. Shaikh Abdul Majeed Sindhi and Mir Muhammad Baloch address on the occasion.
1947: 69,000 Indian Muslim migrants arrive, announces the Govt.
1954: The U.S.A announces to make available to Pakistan in current fiscal year about ¤ 105, 000,00 in Economic Aid. Any N.G.0/Non Govt. Research Organization must conduct research to find that 1) How much loan/Aid has been received so for and 2) What is its province - wise utilization. Results will be amazing one.
1961: President Ayub inaugurates first atomic energy research and training center, in Lahore.
1972: Mairaj Muhammad Khan, Central Minister for State resigns and accuses PPP Govt. of being anti - labour.
1992: Benazir launches PDA's Out - Nawaz movement.
1998: India rejects Pakistan's no - war pact proposal being conditional in the resolution of Kashmir dispute.
SINDHI TRANSLATION OF POST:
*****
EVENTS:
ڪي واقعا آھن: 21.1.1932
سنڌ جي ڪمشنر آر.اي. گبسن پريس نوٽ جاري ڪري ڪراچئ جي مکيه روڊن رستن تي خانگي موٽر بس سروس هلائڻ جي اجازت ڏني. انھئ سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ, ايس. پي, ڪراچي ميونسپالٽئ جي نمائندي, ڪراچي ڇانوڻئ جي ايگزيڪيٽو آفيسر ۽ بس مالڪن جي ٻن نمائندن تي ٻڌل " ٽريفڪ ايڊوائزري ڪميٽي" ٺاهي ته جيئن شروع ٿيندڙ موٽر بس سروس لاء قائدا قانون جوڙي. 21.5.1943
لاڙڪاڻي ميونسپل هاء اسڪول جي ٻن شاگردن: موٽومل پٽ ڌنراجمل ۽ ڪشن پٽ جيوترام کي “ڊفينس آف انڊيا رولس" جي مختلف قلمن هيٺ گرفتار ڪيو ويو. هو اسڪولي شاگرن کي سرڪار خلاف بغاوت ڪرڻ تي ڀڙڪائي رهيا هئا. هنن وٽان تحريڪ آزادئ وارو لٽريچر به هٿ ڪيو ويو. 21.5.1949
سورهيه بادشاه ۽ سندس حرن, آزادئ جي تحريڪ ۾ ڏاڍو رياستي ڏاڍ برداشت ڪيو. انھئ زماني ۾ پير ڳوٺ ۾ ٿيندڙ 27 رجب واري ميڙاڪي تي به بندش وڌي وئي هئي. اڄ اها بندش ھٽائي وئي. 21.5.1950
سنڌ جي وزير آغا غلام نبي خان بيان ڏنو ته مان انھئ سوچ جي تائيد ڪريان ٿو ته اڙدوء کي تعليم ڏيڻ جو ذريعو بڻائجي 21.5.1958
سابق وڏي وزير ڊاڪٽر خان جي قتل ۾ علامه مشرقي گرفتار ڪري جڊيشل لاڪپ ۾ وڌو ويو 21.5.1962
وڏئ سرڪار حڪم جاري ڪيو ته اسان جي ٻئي حڪم تائين خان عبدالغفار خان گهر ۾ نظربند رهندو. 21.5.1975
سنڌ سرڪار پڌرو ڪيو ته ايندڙ مالي سال کان ٽنڊي ڄام جي زرعي ڪاليج ۽ ڄام شوري جي انجنيري ڪاليج کي يونيورسٽين جو درجو ڏنو ويندو
اڄوڪي ڏينهن 21 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
21 مئي 1921ع ليکڪ ارجن ڀارواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1936ع ليکڪ حشمت هرواڻي (جهنڊو مري/احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1949ع ليکڪ حسين بخش ڪانهيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1949ع ليکڪ پٿر ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي.
21 مئي 1951ع شاعر ۽ سياسي ڪارڪن ارشاد نبي عباسي (سوڀودير / تنوير عباسي جو ڀاء) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1951ع ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر عابد مظهر شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
21 مئي 1954ع اسٽيج ڊائريڪٽر وڪرم شهاڻي (خيرپور / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1973ع ناليواري صحافي ۽ ليکڪ الياس ٿري (ڇور) جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
21 مئي 1951ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا در محمد ڊول جو انتقال ٿيو.
21 مئي 1970ع مشهور هاري اڳواڻ، شاعر ۽ ليکڪ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو لاڏاڻو ٿيو.
21 مئي 1975ع مشهور رياضيدان ۽ تعليمدان ڊاڪٽر مير نور محمد ٽالپر کي اٽليء ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو.
21 مئي 1991ع ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم راجيو گانڌي کي خودڪش بم حملي ۾ قتل ڪيو ويو.
Tuesday, 19 May 2026
SINDH in history today (20th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th May}. Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]***** Dr.Pathan wishes you Good Day:
[Translation:
Dear! It is my firm belief and faith that you are truth & beauty. You are in my heart & mind, dreams & thoughts, here & there. Is it not amazing that you are within me, but not with me. Since centuries my soul is waiting to see you near, my dear. Let distance & differences may not pave way for death. Be life, you are life. ]
جانب جت ڪٿ جو جاچیو مون،
آھین تون ۽ تون ساجن فقط تون،
سچ ۽ سندء سونھن جون لاٽون،
تن من ۾ تان ڏٺیون پسيون سون،
پوء بہ پرین پري صدین لاڪون؟
ڏس نیٹن ۾ ماڪون، سلام سان.
************SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th MAY}
EVENTS:
1847: Boundary survey of Rohri distric is completed and Farrington, Dy.Collector of Rohri forwards a sketch of the District and town of Rohri to the Government of Sindh.
1852: Every Department starts submitting its Annual Reports to the Government. Today Report about working of Police is submitted to the Commissioner, Sindh.
1920: Haji Abdullah Haroon, Moulana Taj Mahmood Amroti and Hakim Shamisuddin Ahmad Kazi are elected as President, Vice President and Joint Secretary respectively of the Sindh Khilafat Committee. It has also been notified by the Khilafat Committee that so many Managers of Deni Madressahs have declared that in future they will not accept or request for financial aid for their Madressahs and Schools from the Government. Some of them are: Khalifo M.Usman of Mured Machhi (Mirokhan), Moulvi Muhammad Hassan of Sujawal Gopang, Moulvi Din Muhammad of Buthi; Moulvi Muhammad Alam of Mahboob Tunyo; Moulvi Muhammad Azam of Pind, Merokhan; Mulan Imran of Tando Ali Murad; Moulvi Khair Muhammad of Chhto Joyo; Moulvi Fatih Muhammad of Hasil Jamali; Moulvi Qadir Bux of Drib Chandio and Hafiz Abdul Ghani of Bhanbho Chandio.
1922: A public meeting is arranged by Aman Sabha of Tando Bago under chairmanship of K.B.Mir Ghulam Muhammad.It is attended by Keswandas, Mukhi Hiromal; Bhai Topanmal; Edanmal and Tourmal. Moulvi Abdul Aziz Pro-Government Moulvi is specially invited to share his knowledge about Khilafat and advise people not to take part in any agitation launched by Khilafat Committee.
1947: Bazim-i-Mushaera of Larkano arranges Poetic Sitting. The Poetry presented was later on published in ‘Adeeb Sindh’.
1951: Major General Nazir Ahmad is arrested in connection with Rawalpindi Conspiracy Case.
1956: Chief Minister of East Pakistan is not allowed by the Speaker of East Pakistan Provincial Assembly to present Budget.
1968: Pakistan has given notice to U.S.A for termination of lease of the American Communications Unit at Badaber, near Peshawar, the National Assembly is told.
1973: PPP government is the modern shape of dictatorship. It is neither in the interest of democracy, nor in the interest of people, blames Asghar Khan.
1977: Four killed and 16 injured in anti-government riots is Sialkot. Curfew is imposed. Unrest prevails in Karachi and Lahore.
1978: Z.A.Bhutto’s appeal against Lahore High Court judgment is hearing by the full bench of the Supreme Court.
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
*********
20.5. 1920:
سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ 1920 جو سال وڏي اهميت وارو هو. خاص طور تي "خلافت تحريڪ" وڏو زور ورتو ۽ عوام ڌارين انگريزن جي دشمنئ ۾ روڊن رستن تي نڪري آيو. سال جي پهرين مهيني ۾ 4.1.1920 تي حيدرآباد, 6.1.1920 تي لاڙڪاڻي ۽ 30.1.1920 تي پاٽ ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنسون ٿيون.
اڄوڪي ڏينھن (20.5.1920) تي خلافت تحريڪ جي حوالي سان ٽي واقعا ٿيا: (الف). سنڌ خلافت ڪميٽئ جون چونڊون ٿيون. جن ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون کي صدر ۽ خزانچي, مولانا تاج محمود امروٽئ کي نائب صدر ۽ حڪيم شمس الدين احمد کي جوائنٽ سيڪريٽري بڻايو ويو.
(ب). جيڪب آباد ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي, جنهن جي احوال تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو.
(ت). عوام سرڪار کان گرانٽون وٺڻ کان انڪار ڪيو, ڪيترن نوڪريون ڇڏيون. اهو سلسلو سمورئ سنڌ ۾ شروع ٿيو. هتي لاڙڪاڻي ضلعي جو مثال پيش ڪجي ٿو.
ھنن ماڻھن پنهنجي ملان اسڪولن لاء سرڪار کان مالي گرانٽ نه وٺڻ جو اڄ اعلان ڪيو ۽ اهڙو اطلاع لکت ۾ ملان اسڪولن جي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر کي ڏياري موڪليو. اهي آھن: خليفو محمد سليمان (ڳوٺ مريد ماڇي, تعلقو ميروخان), مولوي محمد حسن (سجاول گوپانگ), مولوي دين محمد (بٺي), مولوي محمد عالم (محبوب تنيو), مولوي محمد اعظم (پنڊ, ميروخان), مولوي خير محمد (ڇٽو جويو), مولوي فتح محمد (حاصل جمالي), مولوي قادر بخش (ڊرٻ چانڊيو) ۽ حافظ عبدالغني (ڀنڀو خان چانڊيو).
20.5.1922:
خلافت تحريڪ جي زور گهٽائڻ ۽ ماڻھن کي ويڙھائي حڪومت ڪرڻ لاء فرنگي سرڪار پنهنجي وفادارن کان سنڌ ۾ ”امن سڀا" نالي جماعتون ٺھرايون. اڄ ٽنڊي باگي جي امن سڀا طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو. ان جي صدارت خانبهادر مير غلام محمد ڪئي. سرڪار پرست مولوي عبداعزيز کي خاص طور تي حيدرآباد مان گهرايو ويو هو جيئن هو عوام کي خلافت تحريڪ کان پري رهڻ لاء تقرير ڪري.جن ٻين مکيه ماڻھن ھن ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪئي, اهي هئا: مکي هيرومل, ڪيسوداس, ڀائي ٽوپومل ۽ عيدنمل.
20.5.1968:
نئشنل اسيمبلئ ۾ سرڪار ٻڌايو ته پشاور ويجهو بڊابير ۾ آمريڪا جي قائم ڪيل ڪميونيڪيشن يونٽ جي ليز ختم پئي ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪا کي نوٽيس ڏنو ويو آھي.
20.5.1977:
پي.اين.اي وارن جا ڀٽي-حڪومت خلاف وڳوڙ روز به روز وڌندڻ لڳا. اڄ سيالڪوٽ ۾ چار وڳوڙي ماريا ويا. ان ڪري اتي ڪرفيو لڳايو ويو. ڪراچئ ۽ لاهور ۾ حالتون ابتر رهيون.
20.5.1978:
ذوالفقار علي ڀٽي کي لاهور هاء ڪورٽ ڦاهئ جي سزا ڏني ته هن انھئ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. اڄ انهئ اپيل جي ٻڌڻي شروع ٿي.
*************
{20 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
20 مئي 1914ع شاعر واڌومل بيچين جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1929ع شاعر عالم هيسباڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1933ع لطيف جي راڳئ غلام حيدر نظاماڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1946ع شاعر ۽ مصور اياز ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1955ع اداڪار ڪمار کلواڻي (شڪارپور / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1957ع شاعر ارباب علي عادل چوهاڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
20 مئي 1960ع شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصئ جو جنم ڏينهن آهي.
20 مئي 1971ع صحافي انيس حاجاڻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1974ع ليکڪ نذير احمد ملاح جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
20 مئي 1966ع شاعر يار محمد مسلم ٽانوري جو انتقال ٿيو.
20 مئي 1975ع اسڪالر ڊاڪٽر نور محمد ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو.
20 مئي 2012ع اداڪار ۽ صداڪار ابراهيم نفيس دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو
Monday, 18 May 2026
SINDH in history today (19th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {19th May}. Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]******EVENTS: 1845: The draft of treaty between His Highness Mir Ali Murad Khan and Government of India is sent by Charles Napier with remarks that all lands held by Mir Ali Murad Khan in north of Rohri belong to him by gift and those in the south of Rohri are his by right.
1849: The Government of Bombay approves Rules for (Civil) Justice for Sindh as proposed by the Sindh Commissioner.
1916: The lecture program is organized by ‘ The Young Amil’s Association of Karachi that is chaired by Vazirmal, Registrar of the Judicial Commissioner and lecture is delivered by Achalsing Awani on the topic of ‘ Deti Leti and Amil Marriage’.
1920: Moulana Muhammad Sadiq of Khuda is sharing account and details of Jacobabad Khilafat Conference in public meeting at Karachi. Muhammad Hussain, one of from audience breathes his last as the story of political sorrows and longings was unbearable and terrible for him. Is it not a tragedy of our history that leaders are given undue place in the pages of history and common workers are ignored at all. Who knows Muhammad Hussain and his attachment with ideology?
1848: India will not welcome back those who have left India and migrated to Pakistan on their own. They are not Idian citizens more, declares Indian Government
1951: Seth Fida Alibhai, Sardar Baz Muhammad Jogezai and Yahya Bhakhtiar resign as members of the ‘Balochistan Council’ constituted by the Government of Pakistan.
1952: Fifty-two persons are arrested in Karachi on account of attacking ‘Ahmadi/Qadyani Convention’ held there.
1953: Sindh Muslim League must comply with instructions of the Pakistan Muslim League on Cabinet- making/formation task, says Khuwaja Nazimuddin PML President.
1958: Muslim League, Nizam-i-Islam Party and Jamait-i-Islami form an alliance for the next general elections.
1960: Khan Abdul Ghaffar Khan is disqualified from taking part in politics.
1977: imposition of Martial law by PPP Government is challenged by PNA in Lahore High Court.
1991: Terrorist kills 4 innocent people in Hyderabad.
1996: Cabinet Committee on Privatization approves sale of Bankers Equity Ltd tp LTV Consortium.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Translation of my poetry:
You are my Dear and Ideal, because, you are second to none in beauty and behavior. You never believe in snatching or begging. Your never take without reciprocation. You love to help and support needy people without any discrimination. When conditions are terrible and situation is not favorable and people are encircled by sorrows & longings, you set new trends in sincerity & sacrifice to save souls . You are hope, vision & wisdom.]
پنڻ ۽ڇنڻ نہ سکیا سپرین،
ڏیڻ سندن ڏان وڏي ڏات،
رولن نه ڪنھن کي رڻ ۾،
ڪن قرب پڇن نه هو ذات،
انھن جي پل پل طلب تات،
اٿم سرت سونھن سلام جي.
************
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
*******
19.5.1839
منوڙو ٻيٽ ۽ ڪراچي شھر فرنگين جي قبضي ۾ آيا ته عوام ان تي مزاحمتي ردعمل ڏيکاريو. ڪئپٽن ھينڊ کي ماري وڌائون ۽ ڪيترائي اٺ فوج کان ڦري ورتائون. نائونمل ۽ ٻين جي مدد سان 20 سنڌي پڪڙيا ويا. انهن مان 5 ڄڻن باسيو ته ڪيئپٽن هينڊ جي قتل وقت ھو موجود ھئا. اسان جي حڪمرانن فرنگين سان راضپو ڏيکاريو ته ڀلي ڏوهارين کي ڦاهئ چاڙھيو. 19.5.1839
فرنگين جي حيدرآباد واري مقامي ايجنٽ منشي ڄيٺانند اڄ سنڌ جي ريزيڊنٽ کي تفصيلي خط لکي, ڪراچئ کان ميرپور خاص ۽ خيرپور تائين عوامي ردعمل ۽ حڪمرانن جي روين بابت تمام اهم معلومات ڏني آھي. هئ خط سنڌ جي تاريخ تي هڪ اهم دستاويز/سورس مٽيريل جي حيثيت رکي ٿو. خط ۾ ان دور جي سمورن حڪمرانن کان سواء نواب احمد خان لغارئ, مرزا خسرو, جهان خان ۽ تقي شاه بابت اهم معلومات ڏنل آھي.
19.5.1843
مير صوبدار خان, جيڪو جنگي قيدئ جي حيثيت ۾ قيد آھي, اھو اتان ممبئئ جي گورنر کي خط لکي کيس نيپيئر جي بڇ تي ٿيل حيدرآباد جي قهري ڪارواين جو تفصيل ڏئي, گهر ٿو ڪري ته ڦر لٽ دوران لٽيرا فوجي انگريزن سان ٿيل معاهدن واريون اصل ڪاپيون به کڻي ويا هئا, اهي مون کي واپس وٺي ڏيو.
19.5.1920:
"الوحيد" جي اڄوڪي پرچي ۾ هڪ عجيب ۽ انوکي خبر شايع ٿي. خبر آھي ته ڪراچئ جي کڏي واري مدرسي مظھرالعلوم ۾ خلافتي جيڪب آباد وارئ خلافت ڪانفرنس جا هڪ ٻئي کي حال احوال ڏئي رهيا هئا. سڀني خيال سان پئي ٻڌو. اوچتو هڪ شخص, جنھن جو نالو محمد حسين هو, سو "الله اڪبر, الله اڪبر" جا نعرا بلند ڪندي , پهريون بي خود ٿي ويو ۽ پوء سندس دم پرواز ڪري ويو.
19.5.1948:
انڊيا حڪومت اعلان ڪيو ته هتان جيڪي به ماڻهون پناهگير ٿي يا هجرت ڪري سرحد ٽپي ويا آھن, انھن مان جيڪڏهن ڪو موٽيو ته هن کي قبول نه ڪيو ويندو. ڇو ته اهي پنهنجئ مرضئ سان هي ملڪ ڇڏي ويا آھن.
19.5.1958
" سنڌ مسلم ليگ کي حڪومت ٺاهڻ ۽ حڪومت هلائڻ ۾ مرڪزي مسلم ليگ جي هدايتن تي هر صورت ۾ عمل ڪرڻو پوندو"- پاڪستان جي مسلم ليگ جي صدر جو نادري حڪم جاري ٿيو.
19.5.1960:
خان عبدالغفار خان کي سياست ۾ حصي وٺڻ کان نااهل ڪيو ويو. هو آزادئ جي تحريڪ جو هڪ مثالي اڳواڻ هو.
19.5.1977
ڀٽي طرفان جزوي طور تي ڪن شهرن ۾ لڳايل مارشل لا کي پي.اين.اي وارن لاهور هاء ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو.
19.5.1991
حيدرآباد شھر ۾ دهشتگردن رت جي هولي کيڏي. 4 بيگناه شھري اجل جو شڪار ٿيا.
سنڌ جي شهرن ۾ ٿيل دهشتگردئ تي گل حيات معياري ۽ مقداري مواد گڏ ڪيو آهي, جيڪو
Sorrows of Cities
جي عنوان سان محفوظ ڪيو ويو آھي.
”واقعاتي تاريخ“ ته 19 مئي 2023 تي لکي اٿم پر ان سان 2021 تي رڪارڊ ڪيل وڊيو ٽاڪ شامل ڪيو اٿم, جنهن ۾ ”واقعاتي تاريخ“ کان وڌيڪ کوڙ ساري اضافي معلومات موجود آھي. ساڃھ-وند سڄڻن کي اهو ڏسڻ, ٻڌڻ ۽ ونڊڻ جي دعوت ڏجي ٿي. يوٽيوب کولي اتي سبسڪرائيب ڪرڻ نه وسارجو.
پنهنجو خيال رکجو.
************
{19 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
19 مئي 1864ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ آزادي پسند سيد عبدالحڪيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 مئي 1875ع شاعر غلام حسين شيخ (شيخ اياز جو والد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 مئي 1961ع شاعر حافظ رحيم بخش لکڻ (قادرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
19 مئي 1962ع شاعر مسڪين پاٽائي جو جنم ڏينهن آهي.
19 مئي 1976ع شاعره عطيه بتول تنيو (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
19 مئي 1922ع مذهبي اسڪالر پير رشدالله راشدي (پير جهنڊو) جو لاڏاڻو ٿيو.
19 مئي 1932ع شاعر مرزا قربان علي بيگ (ٽنڊو آغا) جو انتقال ٿيو.
19 مئي 1933ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولانا بهاء الدين بهائي جي وفات ٿي.
19 مئي 1963ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا غلام حسين ٽالپر (ٽنڊو ڄام) جي وفات ٿي.
19 مئي 1964ع همايون سان تعلق رکندڙ مذهبي عالم مولانا عبدالباقي جو لاڏاڻو ٿيو.
19 مئي 1965ع سياسي ۽ سماجي اڳواڻ غلام رسول خان جتوئئ جي وفات ٿي.
19 مئي 1966ع صحافي ۽ آزادي پسند دورڪا پرساد شرما (دادو) جي ديهانت ٿي
Sunday, 17 May 2026
SINDH in history today (18th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute
Translation by his son Mumtaz Ali..
EVENTS: 18th May
1832: Colonel Pottenger informs his Government that Mir Naseer Khan of Mirpur makes overtures for a separate treaty on favoring terms but he refuses to do anything without the knowledge of Mir Murad Ali of Hyderabad and without orders of Governor –General.
1922: Sindh Congress observes ‘Gandhi Arrest Day’. Meetings are held and processions are taken out.
1926: ‘Amature Dramatic Society’ of Jacobabad stages drama ‘Sachi Patri’ at Larkana. The income will be donated to Gaoshala of Jacobabad.
1936: ‘Civil Liberties Union’ is formed in Sindh with Jamshed Mehta as its founder president.
1950: The PeshawarUniversity comes into existence.
1952: Qadianis’ Convention at Karachi is rampaged.
1962: The former chief justice Justice Muhammad Munir is appointed Law Minister of Pakistan.
1971: U.N.O Secretary-General U Thant issues worldwide appeal for aid to the East Pakistani Refugees, now in India.
1975: Arrested defunct NAP leaders to remain at Sihala, Supreme court orders.
1986: PML(N) decides to remove Syed Fakhr Imam from the National Assembly speaker-ship.
1991: Dr.Qadir Magsi disassociate himself from Jeay Sindh and announces his own party.
1992: Overspending on military can led to disintegration . Benazir calls for arm-cut agreement with India.
1994: U.S.A to send its technical proposal for ‘ non-interusive nuclear inspection’ . Step is aimed at verifying that Pakistan does not possesses any nuclear weapon.
Dr.Pathan wishes you Good Day:
[Believing on listening is putting self on toes to dance as desired by others. One should be ear, but not without vision & wisdom. Listening without verification is the worst kind of blind faith. But, listening, and not understanding is hobby of my dear ]
من-ڪچو سو دل جو ڀلو ماٹھو سچو،
پر ڪن-ڪچو سو سڀ لاء آھي ڏچو،
هن کي نچائي ڪيو ٻيو هن کان بچو،
دل جي در اچو, جت هلي ٿي سرت جي
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
******
18.5.1832
سنڌ ۾ فرنگي فريب ڪارئ, سفارت ڪارئ ۽ مڪارئ جا ابتدائي ڏينھن آهن. پاٽينجر حيدرآبادي ۽ خيرپوري ميرن سان پنھنجي مرضئ وارن معاهدن بابت ڳالهيون ڪري چڪو آهي. اڄ پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته ميرپور خاص مان مير نصير خان به معاهدي ڪرڻ لاء آماده ٿيو آهي.
ياد رهي ته فرنگين خيرپور, حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جي حڪومتن سان هڪ جهڙو معاهدو ڪو نه ڪيو. پر انھن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ لاء الڳ الڳ ۽ مختلف معاهدا ڪيا.
18.5.1849
سنڌ غلامئ جا ڏينھن ڏسي رهي آھي. جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ افغاني, مري, بگٽي , کيتران ۽ ٻيا جابلو قبيلا ڦرلٽ ڪندا رهن ٿا. جيڪب کي سياسي مامرن جي چارج ڏني وئي آھي. اڄ ھن ڪمشنر ذريعي سرڪار کي پنهنجي انتظامي حڪمت عملئ جا تفصيل موڪلي ڏنا.
ياد رهي ته جيڪب ڦورو جابلو قبيلن جي سنڌ ۾ مناسب شرطن تي آبادڪاري ڪري, امن امان جو مسئلو به حل ڪيو ته انھن قبيلن کي سنڌي سماج جو اٽوٽ حصو به بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. انھن قبيلن سنڌي ٻولئ ۽ ثقافت کي قبول ڪيو.
18.5.1936
سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري تحريڪ دوران اسان جي امن ۽ پيار وارئ ڌرتئ تي جيڪي مذھبي, نسلي ۽ سماجي نفرتن جا طوفان آيا ۽ حڪومت کي " ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو" جو وارو مليو اهڙئ صورتحال انساني حقن واري ماحول کي مجروح ڪيو. انھئ پسمنظر مظلوم جي واهر ڪرڻ وارئ سوچ کي جنم ڏنو. ان ڪري جمشيد نسروانجئ جي اڳواڻئ ۾ اڄ ” سول لبرٽيز يونئن" نالي تنظيم قائم ٿي. ان جو تفصيل گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آهي.
18.5.1952
ڪراچئ ۾ قاديانين جي ڪنوينشن تي حملو ڪيو ويو. ڪيترا زخمي ٿي پيا.
18.5.1978
پيپلز پارٽئ جي اختلافي ڌڙي جي اڳواڻ مولانا ڪوثر نيازئ اڄ مارشل لا لاڳو ڪندڙ جنرل ضياء الحق ۽ جنرل چشتئ سان روح رهاڻ ڪئي. هن ڀٽي جي زندگئ ۾ مٿس "ديد ور" نالي ڪتاب لکيو هو. هاڻي ڀٽي جو اولاد کيس نه ٿو وڻي.
18.5.1991
ڊاڪٽر قادر مگسي جيئي سنڌ کان ڌار ٿي پنهنجي الڳ سياسي پارٽي ٺاهي.
18.5.1992
" مليٽرئ تي حد کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ سان ملڪ ٽٽي سگهي ٿو. ان بدران انڊيا سان " اسلحي گهٽائڻ" وارو معاهدو ڪريو", بينظير ڀٽي جي اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير.
*****
اڄوڪي ڏينهن 18 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
18 مئي 1848ع سماج سڌارڪ ساڌو نولراءِ (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 مئي 1893ع صحافي ۽ آزادي پسند ويرومل بيگراج (سکر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 مئي 1929ع گلوڪار رميش مهتا (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مئي 1943ع سگهڙ غلام سرور ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
18 مئي 1952ع گلوڪار چندر ننڪاڻي (بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 مئي 1977ع صحافي مير محمد ٻگهيو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مئي 1980ع مشهور گلوڪار علي ظفر جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
18 مئي 1821ع بزرگ شيخ عبداللطيف ثاني (لنواري) جو لاڏاڻو ٿيو.
18 مئي 1930ع شاعر ڊاڪٽر مرزا مدد علي بيگ ”مدد“ (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
18 مئي 1933ع گلوڪار پير علي بخش ڀٽي (ڀٽ شاهه) جو لاڏاڻو ٿيو.
18 مئي 1985ع شاعر سعيد هالائي جي وفات ٿي.
Saturday, 16 May 2026
SINDH IN HISTORY TODAY (17th May). By. Dr.Pathan & his som Mumtaz Ali
Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Translation:It is good to respect everybody. It is better to love without discrimination and beyond imagination. But, it is best, not to claim it in return. It is better to believe in love, but it is best to trust beloved. Vision requires sincerity and wisdom demands sacrifice. We are ideal, if have such an ideology. But
I am following this ideology religiously, because, you are my ideal ]
مڃبو ماروئڙن ماٹھن کي،
پر ناھي مڃتا سان ڪم،
ھلبو پيو پیار خلوص سان،
رکندو تان برہ اسانجو ڀرم،
ناهي لھٹو لیکو لالڻ سان،
ڪندو ڪوھیارو پاڻ ڪرم،
اھو منھنجو عقل مت شرم،
جو چوان سلام سرت سان
*************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {17th MAY}
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan
Some Events:
1917: Miss K.Vealle delivers lecture on the topic of ‘Theosophy & Hiduism’. The program is organized by Young Amil’s Association of Karachi.
1920: A public meeting is held at Mithyani with Pir Turab Ali Shah in chair. Moulvi Fazul Muhammad and Moulvi Karim Bux deliver their speeches on the importance of Khilafat and ask people to participate in Khilafat Movement. The function is arranged by Mian Muhammad Sidiq and Khair Muhammad, both Zamindars of Mithyani.
1922: It has been notified that Haji Khamiso Gul Muhammad has been elected as a member of Legislative Council of the Governor of Bombay by the Karachi District Muhammadan Ruler Constituency in place of Muhammad Abid Abdani who breathed his last.
1924: Anjuman Taraqi-ay-Urdu establishes Book Store in Karachi.
1926: Syed Miran Muhammad Shah appears for the oral examination in the office of Judicial Commissioner Sindh for the post of Sub Judge, but he is not selected.
1950: The number of Muslim migrants from India those have reached in Pakistan/Sindh recently, is 103600. None of them will be sent back to India, says Ishtiaq Qureshi, State Minster.
1951: Accused and arrested in Rawalpindi Conspiracy Case, Maj.General Akbar, Begum Nasim Akbar, Faiz Ahmad Faiz, and Sajjad Zaheer are shifted to Lahore Jail.
1954: Communists are behind unrest and uprising in East Pakistan, says Prime Minister of Pakistan, Muhammad Ali.
1960: If Peshawar is attacked by Russia, Atom Bombs can be dropped on her major cities, says Ayub Kan, the President of Pakistan. He also lodges protest with U.S.A for using of U2 from Peshawar Base to make USSR Jet target.
1972: Abdul Hamid Jatoi is arrested on account of providing shelter to criminals.
1969: Boundary demarcation in Rann Kutch is completed in accordance with International Tribunal Award.
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
Dr.Pathan
“ سنڌ جي واقعاتي تاريخ-(17 مئي)- ڊاڪٽر درمحمد جي تحقيق".
***************
17.5.1836
ڪوئي جيترو ظالم هوندو آهي, اهو اوترو ئي بزدل ٿيندو آهي. فرنگين کي سنڌ, بلوچستان, قلات ۽ افغانستان مان ڊپ رهندو آيو. هنن جي فريبي چال سنڌ ۾ کين پير کپائڻ جو موقعو ڏنو. پوء ميرن جي مدد سان باقي خطرن لاء بند ٻڌائون. هن مرزا باقر شاه کي بلوچستان موڪليو ته اتي قلات جي محراب خان ۽ بلوچستان وچ سرحدن تي ٿيندڙ يلغارن خلاف گڏيل قدم کڻڻ بابت معاهدو ڪرائي. اڄ پاٽينجر پنھنجئ سرڪار کي اهڙو اطلاع موڪليو
17.5.1842
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل ڪمپنئ جي سليڪٽ ڪمپنئ کي ٻڌايو ته اسان جا سفارتڪار سنڌ ۾ سنڌ جي حڪمرانن جي شڪي, ڀروسي نه ڪرڻ جوڳن روين ۽ بي وفائين ڪري ڏاڍو پريشان رهن ٿا. مون ميرن لاء کين خط موڪليا آھن ته مير اسان سان سڌا ۽ سچا ٿي هلن,ٻئ صورت ۾ ھنن کي ڳري قيمت ڀرڻي پوندي.
17.5.1843
مير رستم علي خان اڄ ممبئي جي گورنر کي لکيو ته مون ته نيپيئر سان ڀال ڪيا, بکر ۽ امام ڳڙھ جا قلعا ڏنا. پر, هن انھئ چڱائي جي بدلي جنگي قيدي بڻائي اوهان ڏي موڪليو آھي. مون کي واپس موڪليو يا عزت جوڳو رستو ڪڍو.
17.5.1920
مٺياڻئ ۾ ٻن زميندارن- ميان محمد صديق ۽ خير محمد- جي اهتمام سان خلافت تحريڪ جو جلسو ٿيو. ان جي صدارت مشهور خلافتي ليڊر پير تراب علي شاه ڪئي ۽ تقريرن ڪندڙن ۾ مولوي فضل محمد ۽ مولوي ڪريم بخش شامل هئا, جن هجرت تحريڪ جي حوالي سان اتساه ڏيندڙ تقريرون ڪيون.
17.5.1922
ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر محمد عابد عابداڻي وفات ڪئي ته سنس جاء تي ( ڪراچي ڊسٽرڪٽ محمدن رولر) تي حاجي خميسو گل محمد ميمبر ٿيو.
ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ ان جي سنڌي ميمبرن تي چڱو خاصو مواد گل حيات جي ويب تي موجود آھي.
17.5.1924
سنڌ لساني بغض کان پاڪ پرڳڻو آھي. سنڌ ان ڪري هفت زبان شاعر پيدا ڪيا. فرنگين جي دور ۾ ڪيتريون واپاري ڪميونٽيون سنڌ ۾ آيون ته اڙدو ٻولي رابطي زبان بڻي. اڄ ڪراچئ ۾ ”انجمن ترقي اردو" طرفان ڪتب خانو کوليو.
17.5.1926
معاشرو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان مذاق ڪندو آھي ۽ ڪم واري انسان کي تڪڙو ڪونه سڃاڻيندو آهي. اڄ سيد ميران محمد شاه جڊيشل ڪمشنر جي دفتر ۾ سب جج ٿيڻ لاء زباني امتحان ۾ ڪامياب نه ٿيو. پوء ڏسو ته ساڳيو ماڻھون اسپيڪر ٿيو, وزير ٿيو ۽ سفير.
مزي جي ڳالھ هئ آهي ته علامه آء.آء.قاضئ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ مدرسي جي پرنسپالئ لاء اپلاء ڪيو هو, پر نه کنيا ويا هئا
17.5.1950
" هن وقت تائين 103600 پناهگير انڊيا مان پهتا آهن, انهن مان هڪ به واپس نه موڪلبو, سڀني جي سنڀال ڪبي"- اسٽيٽ منسٽر اشتياق حسين قريشئ جو اعلان.
17.5.1969
انٽرنئشنل ٽرئبيونل ايوارڊ جي روشنئ ۾ انڊين رڻ ڪڇ ۽ پاڪستاني رڻ ڪڇ جون سرحدون طئي ڪيون ويون.
****
اڄوڪي ڏينهن 17 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
17 مئي 1545ع هالا سان تعلق رکندڙ صوفي شاعر ۽ بزرگ مخدوم امين محمد (اول) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1804ع ٽالپر حڪمران مير نصير خان (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1810ع رياست ميرپور خاص جي اڳوڻي حڪمران مير شير محمد خان ٽالپر (ميرپورخاص) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1924ع ليکڪ سيد منظور نقوي جوجنم ڏينهن آهي.
17 مئي 1934ع چانڊيا قبيلي جي سردار نواب احمد سلطان چانڊيو (غيبي ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1938ع مذهبي اسڪالر هدايت الله آريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1950ع سگهڙ عبدالحڪيم ناريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1963ع اداڪاره جيوتي مهتا (احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1967ع شاعر غلام حيدر شاهه حيدر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
17 مئي 1958ع موسيقار آسر فقير خواجه جو انتقال ٿيو.
17 مئي 2012ع ٿر جي سماج سڌارڪ ۽ کاهوڙي انسان فقير مقيم ڪنڀار جو لاڏاڻو ٿيو۔
Friday, 15 May 2026
SINDH in history today (16th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
*SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th May}. Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]********EVENTS: 1850: Inhabitants of Hala petition the Govt. for introduction of Act X X XV1 of 1850 into the Town Municipalty.
1940: Munshi Abdul Ghafoor, employee of the Larkana District Local Board sets a new and amazing trend in taking part in politics. He goes on 9 month without pay leave and goes to Punjab to participate in Khaksar Movement. He is arrested their and is sentenced to 5 month rigorous imprisonment. When he is released, comes back to Larkana and joins his duty.
1952: Sindh Journalists' Association condemns the promulgation of the Security Act.
1954: Fifty nine Sindh Assembly members resign from the Muslim League.
1959: World Bank team headed by its president Eugene Black starts talks with Pakistan Govt. on Canal Water issue.
1961: Karachi is connected with Jidah by Radio Telephone Service.… See more
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Dear! Tears in eyes narrate complete story about happenings in heart. Either it is because leaving of lovely one, or due to death of hopes & exceptions. But, it is life and heart has to face rainy days and odd hours without reason, or with reason]
هي نیٹن منجهہ جو پاٹي،
سي دل جي درد-ڪھاٹي،
جان ڏسجي وڇوڙي-ھاٹي،
یا محبت تنهن ناھي ماٹي،
دل پوء بہ تہ راٹي سیاٹي،
سور سھڻ لاء سا ساماٹي
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
By.Dr.Pathan
“ سنڌ جي واقعاتي تاريخ-(16 مئي)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق".
*********
[[[سوچي سمجهي ڌيان سان ڪندو ماضئ جو مطالعو;
ڌرتئ ۽ ڌرتئ-ڌڻين جو محبتي متوالو, وساري نه تاريخ کي]]]].
**********
16.5.1841
فرنگين کي سنڌ اندر ۽ سنڌ جي الهندي سرحدي پٽئ ۾ ھر وقت عوامي مزاحمت جو خطرو رهندو هو. اڄ مري قبيلي جي ماڻھن فرنگين کان اٺن جا وڳ به کسي ورتا ۽ هڪ فوجي عملدار به ماري وڌو.
16.5.1850
هالا جي ماڻهن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ايڪٽ XXXVI آف 1850 هالا ميونسپالٽئ سان پڻ لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن ميونسپالٽي وڌيڪ بهتر طريقي سان عوام جي خدمت ڪري سگهي.
16.5.1940
انگريزن جي دور ۾ عوام سياست ۽ آزادئ جي تحريڪ ۾ عشق, بلڪ جنون جي حد تائين دلچسپي ورتي. ماڻھون سرڪاري/نيم سرڪاري نوڪرئ تان موڪل وٺي وڃي تحريڪن ۾ حصو وٺندا ھئا.
عبدالغفور نالي لاڙڪاڻي جي هڪ منشئ پگهار بنا 9 مهينن جي موڪل وٺي, لاهور وڃي خاڪسار تحريڪ ۾ حصو ورتو. اتي 5 مهينا جيل ۾ به پيو. ايئن 9 مهينا لاهور گذاري وري اچي لاڙڪاڻي ۾ نوڪرئ تي چڙھيو.
16.5.1952
سنڌ تي ڪڏهن ننڍي ته ڪڏهن وڏي سرڪار ڪاوڙ جو عملي اظھار ڪندي رهي آهي. تازو " سيڪيورٽي ايڪٽ“ لاڳو ڪيو ويو ته ڪيترن طبقن خاص طور تي " سنڌ جرنلسٽس ائسوسيئيشن" ان جي مذمت ڪندي انھئ قدم کي انساني حقن جي لتاڙ وارو عمل سڏيو.
16.5.1972
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ويٽنام خلاف آمريڪي اڳرائئ جي مذمت ڪئي وئي, جلوس ڪڍيا ويا ۽ گڏجاڻيون ڪيون ويون.
16.5.1974
سنڌ سرڪار 65 سرڪاري عملدارن کي ڪرپشن جي الزام ۾ رٽائير ۽ 225 کي ڊسمس ڪيو.
16.5.1977
ڪوئيت جو پرڏيهي وزير پاڪستان آيو ته جيئن پي.اين اي ۽ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪرڻ تي آماده ڪري سگهي.
******
محسن علي پٺاڻ
“ سنڌ جي واقعاتي تاريخ-(16 مئي)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق".
*********
اڄوڪي ڏينهن 16 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
16 مئي 1927ع صحافي ڪرشن ڄيٺنند جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 مئي 1931ع شاعر غلام نبي عاقل جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 مئي 1930ع شاعر غالب مالڪاڻي جوجنم ڏينهن آهي.
16 مئي 1953ع ليکڪا الماس سنڌو جو جنم ڏينهن آهي.
16 مئي 1958ع اسٽيج ڊائريڪٽر ٻلديو گهنشاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
16 مئي 1915ع شاعر محمد اعظم ”اعظم“ جو لاڏاڻو ٿيو.
16 مئي 1928ع شاعر زمان شاهه ساقي (ٺٽو) جو انتقال ٿيو
Thursday, 14 May 2026
SINDH in history today (15th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH IN HISTORY TODAY (15th May) & GOOD DAY . Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtax Ali Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Dear! It is my firm belief and faith that you are truth & beauty. You are in my heart & mind, dreams & thoughts, here & there. Is it not amazing that you are within me, but not with me. Since centuries my soul is waiting to see you near, my dear. Let distance & differences may not pave way for death. Be life, you are life. ]
جانب جت ڪٿ جو جاچیو مون،
آھین تون ۽ تون ساجن ففط تون،
سچ ۽ سندء سونھن جون لاٽون،
تن من ۾ تان ڏٺیون پسيون سون،
پوء بہ پرین پري صدین لاڪون؟
ڏس نیٹن ۾ ماڪون، سلام سان.
*************
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan
EVENTS:
1906: A Box of the cordile is exploded in the polygon building of the Hyderabad Fort, and sets it on fire. At 8.30 a terrific explosion shook the town and at the same time tons of bricks and stone are hurled in all direction, killing eight persons on the spot and wounding a large number.
1919: Nawab Qaisar Khan Magsi of Larkana offers his support to the Government that was facing some trouble given by Afghanistan. He announces to put services of 50 people at the disposal of the Government and those will fight agaist Afghanistan on behalf of Britsh Government.1920: The Viceroy of the India in Notification No 3042 express his sympathy with Indian Muslim and declares that though, due to natur of terms of treaty with Trukey, Indian Muslims will be hurt to extend but, he is confidient that Indian Muslims will prove their loyalty with Crown and will not be irritated with terms.
1931: A meeting of Religious Muslim Scolars is held at Badin and the branch of Jamiat-ul-Ulema, Sindh is opened with following as its founder office-bearers: Moulana Ghulam Ali (President), Moulana Abdul Wahab (Vice President), Moulana Ahmad Malah (Sectertary) and Haji Abdullah (Treasurer).
1946: A public meeting is organized by the local branch of the Muslim National Party at Jacobabad, Ali Muhammad Makrani, Vice President of the party presiding. Sopeeches of lives and achievements of Aslam Achakzai and Allah Bux Soomro are made and resolution on Hindu-Muslim unity and Freedom Movement are adopted. Muhammad Amin Khoso, Agha Muhammad Shafi, Muhammad Momin Kalim, Choithram Dembha, Pesumal and Kodomal also spoke on the occasion.
1948: Special Tribunal consisting of Justice A.Rashid and Justice Shahabuddin is constituted for trial of Muhammad Ayub Khuhro, Ex-Chief Minister of Sindh.
1951: Tribunal comprising of Justice Abdul Rahman, Justice Aminuddin & Justice Muhammad Sharif is constituted to hear Rawalpindi Conspiracy case.
1953: Sindh Assembly supports Qazi Fazulullah to form Sindh Government
1955: Home Minister Major General Iskandar Mirza holds talks with his Indian counterpart
1956: Government is not bound to accept recommendation of Pakistan Muslim League on the political crisis in West Pakistan, says Prime Minter Muhammad Ali.
1971: Uprising has been defeated for ever. However, some events of creating law and order are some times reported, says General Tikka, Governor of East Pakistan.
1977: Acting President of PNA, Pir Pagaro is house arrested for three days.
SINDHI TRANSLATION OF POST:
سنڌ جي واقعاتي تاريخ-(15 مئي)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق"
15.5.1906
حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ فرنگين جي رکيل بارود کي باه لڳي جنھن سڄي شھر کي لوڏي ڇڏيو. ٽنين سرون هوا ۾ اڏنديون رهيو, جن 8 ماڻھون اڦٽ ماري وڌا ۽ سوين زخمي ڪيا. 15.5.1919
افغانستان فرنگين کي نڪ ۾ دم ڏنو ته اهڙين حالتن ۾ لاڙڪاڻي جي نواب قيصر خان مگسئ سرڪار کي آڇ ڏني ته هو 50 جوڌا جوان هند سرڪار حوالي ڪرڻ لاء تيار آهي, جيڪي افغان سرحد تي سرڪار جو دفاع ڪندا. 15.5.1920
هندستان جي وائسراء پڌرنامي ذريعي مسلمانن کي ٻڌايو ته اتحادي سپريم ڪائونسل ترڪئ سان شرطن تي ٺاه ڪيو آهي, جن مان ڪي مسلمانن کي ڏکيا لڳندا. پر مسلمان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ برطانوي تاج سان پنهنجي وفاداري ثابت ڪن. 15.5.1920
سيد غلام شاه جي صدارت ۾ خيرپور ناٿن شاه ۾ خلافت جو جلسو ٿيو, جنھن ۾ ڪيترا ٺھراء پاس ڪيا ويا. ڪي آھن: 1.جيڪب آباد جي انتظاميه جي خلافيتن خلاف سخت قدم کڻڻ جي مذمت, 2. هجرت ڪرڻ لاء ھوشياري وٺڻ ۽ 3. هندو-مسلم اتحاد قائم رکڻ. 15.5.1931
بدين ۾ ڏکڻ سنڌ جي عالمن جو ميڙاڪو ٿيو, جنھن ۾ ” جميعت العلماء“ جي شاخ کولي مولوي غلام علئ کي صدر, مولوي عبداوهاب کي نائب صدر, مولوي احمد ملاح کي سيڪريٽري ۽ منهاج حاجي عبدالله کي خزانچي چونڊيو ويو عالمن جي انھئ ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندڙ باقي عالمن جا نالا آھن: مولوي قاضي غلام محمد, حاجي مولوي عطاء الله, مولوي تاج محمد, مولوي محمد هاشم, مولوي امام الدين, مولوي عبدالرحيم, حافظ الهڏنو, مولوي عبدالڪريم ۽ مولوي مير محمد 15.5.1944
سنڌ مسلم ليگ جي چونڊن ۾ جي.ايم.سيد صدر ۽ سيد غلام حيدر شاه سيڪريٽري چونڊيا ويا هئا. اڄ اخبارن ايڊيٽوريل لکي, جي.ايم.سيد تي الزام تراشي ڪئي ته هو سنڌ مسلم ليگ کي سيد ليگ پيو بنائي.
15.5.1971
'اوڀر پاڪستان ۾ باغيانه ڪاروين ڪندڙن کي ڪچليو ويو آھي". اوڀر پاڪستان جي گورنر جنرل ٽڪا خان جو بيان
*****
اڄوڪي ڏينهن 15 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
15 مئي 1920ع شاعر ڌڻي بخش ڌنڻ (سونمياڻي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 مئي 1924ع شاعر ۽ صحافي جهامنداس عاشق جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 مئي 1930ع شاعر غالب مالڪاڻي جوجنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1931ع اديب، شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر موتي پرڪاش (دڙو / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1944ع شاعر وفا ناٿن شاهي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 مئي 1953ع اداڪاره چندو آهوجا (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1959ع شاعر فيض پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1961ع ليکڪ ۽ سياسي ورڪر مولا بخش چنڊ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 مئي 1962ع ليکڪ اشرف زمان پير چندامي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 مئي 1964ع صحافي نعيم ملڪ جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1965ع صحافي فقير قاسماڻي (رسولپور) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1965ع ليکڪ ۽ تاريخدان حزب الله آءِ سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1967ع باليووڊ اداڪاره ماڌوري ڊڪشٽ جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1969ع شاعر حاذق سولنگي (راڌڻ اسٽيشن) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1970ع ليکڪ ۽ ڪالم نگار مير نادر علي تاج ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1971ع صحافي پريل دايو جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1971ع صحافي سهيل پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1976ع شاعر مسرور پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1984ع شاعر شاهه محمد پهنور جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
15 مئي 1940ع صوفي شاعر ۽ بزرگ رکيل شاهه (فتح پور) جو لاڏاڻو ٿيو.
15 مئي 1944ع آخوند حافظ ولي محمد (هالا) جو انتقال ٿيو.
15 مئي 1972ع صوفي شاعر غمدل فقير جو لاڏاڻو ٿيو.
15 مئي 1982ع صحافي محمد محرم بلوچ جو انتقال ٿيو
Wednesday, 13 May 2026
SINDH in history today (14th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th May}. Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th May}.****Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Life must not engage us only for its protection, and Death must not keep us away from life. Otherwise, we are subject to both and Master of none. Let Life be ground reality and Death reality. Both are to enjoy and not to avoid]
حرص حیاتئ جو، موت سندو هئ ھراس،
تنزل ترقئ جو، ڪري سوچ صلاحیت ناس،
اونو ڇا وٺائي واس، سونھن سلام سندو؟
*************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th MAY}
EVENTS:
1832: Colonel Pottenger has concluded treaties with Talpur Rulers of Hyderabad and Khairpur and today he sends origional signed copies of those treaties to his Government.1914: A big religious function is held in the Memon Masjid of Gadi Khata of Karachi with Moulvi Abdul Karim Dars in Chair. It is organized by ‘Anjuman Guldastai Ghous”.
1944: The metting of the Sindh Muslim league is held in Karachi District Local Board Hall to elect new office-bearers. G.M.Syed is elected as President un opposed. Whereas Ghulam Hyder Shah becomes General Secretary as Yousif Haroon withdraw in his favour on the advice of G.M.Syed.
1948: Khan Abdul Samad Khan is arrested.
1950: Resentment prevails in political circles of Sindh on the unending influx of migrants from India.
1951: Balochistan is attacked by Afghanistan. Pakistan lodges protest.
1952: Saadat Hussain Manto is released on bail.
1955: Various issues including Kashmir is discussed between Prime Ministers of Pakistan and India , in the meeting held in New Delhi.
1965: Sukkur Power Station starts functioning.
1971: Lt.General A.A.K.Niazi, Major General B.M.Mustafa,Major General Ch.Nisar Ahmad and Major General Khadim Hussain are appointed as Zonal Martial Law Administrators for Zone B, D,E & F respectively.
1977: Curfew is imposed in Multan. Joint session of the Parliament express confidence in Z.A.Bhutto.
SINDHI TRANSLATION OF THR POST:
**********
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th MAY}
EVENTS: 14.5.1832
فرنگين جي سفارتڪارئ ۽ مڪارئ جي ڪاميابئ جو ڏينھن آھي. اڄ پاٽينجر حيدرآبادي ۽ خيرپوري ميرن کان پنهنجئ مرضئ ۽ مطلب وارا معاهدا دستخط ڪرائي ڪمپني حڪومت کي ڏياري موڪليا.
14.5.1843
اڄ مير رستم علي خان ممبئي جي گورنر ڏي خط لکيو آھي, جيڪو انگريزن جي ظلم جو دل ڏاريندڙ داستان آهي. مير رستم علي خان الف کان ي تائين پنهنجي سهڪار ۽ فرنگين جي مڪارئ جي ڪهاڻي ٻڌائي آھي ۽ لکيو اٿس هن ڪنھن پيشگي شرط کان سواء بکر جو قلعو ۽ امام ڳڙھ جو قلعو نيپيئر جي حوالي ڪيو. نيپيئر بي ايماني ڪري مير علي مراد کي حڪمران ٿيڻ ۽ مون کي پريشان ڪيو. مان وڏو حصو ڪڏهن ننڍي ڀاء مير علي مراد خان ته ڪڏهن نيپيئر جي چوڪسئ ۾ رهيس.
14.4.1938
لاڙڪاڻي شھر ۽ ضلعي ۾ ڪالرا جي وبا منھن ڪڍيو, جنهن سيپٽمبر 1938 تائين راڱا لاٿا ۽ ڪيترا ماڻھون ماريا.
14.5.1943
سنڌ جي سابق وزير اعظم الله بخش سومري کي ڏينھن ڏٺي جو شڪارپور ۾ شھيد ڪيو ويو. سنڌ ۾ ھئ پهريون سياسي قتل هو.
14.5.1944
ڪراچئ جي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ھال ۾ مسلم ليگ جي چونڊ- گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ جي.ايم.سيد کي صدر ۽ غلام حيدر شاه کي سيڪريٽري چونڊيو ويو.
14.5.1953:
قاديانين خلاف هلايل تحريڪ دوران 6 مارچ تي لاهور ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو, ان کي اڄ هٽايو ويو.
14.5.1965
سکر پاور اسٽيشن پنهنجو ڪم شروع ڪيو.
14.5.1977
اڄ هڪ طرف پارليامينٽ جي گڏيل سيشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي تي اعتماد جو اظھار ڪيو ته ٻئي طرف ساڳي ڏينهن تي ملتان ۾ ڀٽو-مخالف مظاهرن ڪري ڪرفيو لڳايو ويو. 4 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
[جنم ڏينهن:]
14 مئي 1952ع ليکڪ نارائن واڌواڻي (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي.
14 مئي 1955ع سماجي ورڪر ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽو (شهدادپور) جو جنم ڏينهن آهي.
14 مئي 1957ع شاعر فدائي سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
14 مئي 1962ع شاعر مختيار ناز جو جنم ڏينهن آهي.
14 مئي 1969ع ليکڪ نياز وگهيو جو جنم ڏينهن آهي.
14 مئي 1973 ع تي گل حيات جي شروعاتي خيرخواه ۽ مددگار عبدالفتاح سومري جي عاقل ۾ ولادت ٿي.
14 مئي 1979ع شاعر ڏکايل ضمير سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
14 مئي 1943ع سنڌ جي سابق وزير اعظم شهيد الله بخش سومرو کي شڪارپور ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.
14 مئي 1992ع شاعر فيض بخشاپوري جو انتقال ٿيو.
14 مئي 1995ع موسيقار ۽ راڳي استاد مٺو ڪڇئ جي وفات ٿي.
Tuesday, 12 May 2026
SINDH in history today (13th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. SINDH IN HISTORY TODAY (13th MAY)
Dr.Pathan wishes you Good. Day.
[What I have to do with Days or Nights? I have nothing to do with time, place and circumstances also. My only task is please you, see you and witness your beauty and to get share of your vision & wisdom. I am thankful to my sorrows and longings those are not ready to leave me all alone in your absence. ]
نہ ڪي ڏسبو ڏینھن کي،
نہ ڪي ڏسبي ڪائي رات،
تنھنجي طلب تانگھ ۽ تات،
سندم سورن جي سوغات,
سدا ساري رکبي روح سان.
13th May
BIRTH DATES
1. Pir Ghulam Mujadid Sarhandi (Freedom Fighter/ birth 13th May 1883),
2. Abdul Fatah ‘Abd’ (Aaqil/Poet & Journalist/ birth 13th May 1907),
3. Nawab Bahawal Khan Laghari (tajpur/Poet/ birth 13th May 1921),
4. Sushila Lalwani (Hyderabad >Mumbai/writer/ birth 13th May 1923),
5. Ardo Utradhi (Kandhkot/Writer/ birth 13th May 1949),
6. Shaban Khokhar (FaizKhokhar/Folklore Poet/ birth 13th May 1950)
7. Rab Nawaz Burdi (Bagul Khan/Writer/ birth 13th May 1969),
8. Syed Rushdullah Amroti (Religious Scholar/ birth 13th May 1978).
13th May
DEATH DATES
1. Kalachand Kalyan (Hyderabad/Singer & Social worker/ death 13th May 1911)
2. Moulana Ghulam Rasool Abbasi (Larkano/Religious Scholar/ death 13th May 1970)
13th May
EVENTS
1843: Mir Muhammad Nasir Khan writes to Governor-General that he, in 1838, helped Sir John Keane; in purchase of provision at Sabzalkot and Rs.8000 are still outstanding. That amount is paid to me. The letter starts with words:” MAY Nawab Governor Sahib Bahadoor, the august and elevated, the possessor of prompt and grandeur, the selected of the world, the phoenix of the age, be preserved.”
1856: “Sind Kossid’, periodical of Karachi, edited by Briggs, in course of its editorial protest against the reluctance of Bombay Government to connect Karachi with Aden and Syez by Steam communication. It pleads that Steam communication would benefit the whole of North- Western India, including the Punjab.
1949: Prime Minister of India refutes allegation that his country is interfering and indulging in NWFP affairs.
1950: Jodhpur-Sindh border is closed to block undue influx of people from India.
1953: Death sentence awarded to Moulana Moudoodi and Moulana Niazi is converted into imprisonment of 14 years, Punjab C.M.L.A issues orders.
1958: Government takes administrative steps and asks the Settlement Commissioner to provide help to Muhajreen, either it is be given in cash and kind, or morally in resolving their settlement problem without any delay.
1966: The Dhaka High Court asks the East Pakistan Government to clarify and justify its position on the arrest of Shaikh Mujeeb-u-Rahman and other Awami League leaders.
1971: It is announced that 147 anti-state and terrorists are killed in East Pakistan.
1974: Resolving the the Kashmir issue can only bring peace and progress in the region, says Z.A.Bhutto, Prime Minister of Pakistan during his address in the Great Peoples’ Hall in Peking.
1975: Pir Pagaro disassociate himself and his party from PNA
1977: No question of resigning as Prime Minister on the wish of a few opposition leaders, however, referendum can hold to get the decision of the people, says Z.A.Bhutto, Prime Minister of Pakistan.
1990: The Senate of Pakistan passes enforcement of Shaiat Bill, that became very disputed since its introduction in the National Assembly.
1992: Detained MNA Asif Ali Zardari is brought to Islamabad to attend National Assembly session.
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
13.5.1832
پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کان هدايت وٺڻ لاء خط ٿو موڪلي ته ميرن گورنر جنرل لاء جيڪي سوکڙيون پاکڙيون ڏنيون آهن, اهي اوهان ڏانھن موڪلي ڏجن يا کپائي ان مان ملندڙ ڏوڪڙ سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرڻ لاء روانا ڪجن.
13.5.1843
جنگي قيدي مير نصير خان قيد مان ممبئي جي گورنر کي لکي ٿو ته اسان انگريزن سان جيترو سٺو پير کنيو, انگريزن ان کان ٻيڻو ٽيڻو نقصان ڏنو. سر جان ڪين جي مون سبزل ڪوٽ ۾ وڏي مدد ڪئي. هن کي مون ان کان علاوه 8000 روپيا به اوڌر تي ڏنا. سرڪار مون کي اهي ڏوڪڙ ڀري ڏئي.
13.5.1843
مير صوبدار خان, جيڪو پڻ جنگي قيدي آهي, سو به قيد مان ممبئي جي گورنر کي خط لکي انگريزن جي نقلي شرافت تان پڙدو هٽائي ٿو. انگريزن جيڪا لٽ مار ڪئي, ان بابت تفصيل لکي ٿو ۽ گهر ٿو ڪري ته جيڪي منھنجا ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سان معاهدا ٿيا آھن, انھن جون ڪاپيون مون کي فراهم ڪيون وڃن
13.5.1851
سنڌ جي ڪمشنر صوبائي حڪومت کان جيڪب آباد ۾ فوجي ڇانوڻئ جي واڌاري ۽ سڌاري آڻڻ لاء اجازت گهري.
13.5.1856
ڪراچئ جي اخبار "سنڌ قاصد" (Sind Kossid) سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ڪراچئ کي آبي آمدرفت ذريعي عدن ۽ سئز ڪئنال سان ملايو ۽ ان لاء آگبوٽ-سروس شروع ڪئي وڃي.
13.5.1933
شاهنواز خان ڀٽي جي صدارت ۾ لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ شرڪت ڪندڙ ھئا: لاڙڪاڻي ۽ قمبر جا ڊپٽي ڪليڪٽر, عبدالحق ڀٽو, محمد صديق وڳڻ, امام بخش ماهوٽو, نبي بخش ڀٽو, الهداد تنيو, فقير محمد انڙ, عبدالهادي ٻگهيو, احمد خان ڀٽو, آئلداس, ڀوڄراج, امير علي لاهوري, فريدالدين جتوئي, گوڪلداس, آسودومل, علي حسن هڪڙو, پير بخش کهاوڙ ۽ حاجي يار محمد چانڊيو.
اجلاس ۾ ٽول ٽيڪس لڳائڻ, لارين/ بسن کان سالياني في/ ٽيڪس وٺڻ ۽ ميمبرن جي مختلف ادارن تي نامزدگئ بابت فيصلا ڪيا ويا.
13.5.1950
جوڌپور ۽ سنڌ وارو بارڊر سيل ڪيو ويو ته جيئن پناهگيرن جي بيجا آمد روڪي وڃي.
13.5.1958
پناهگيرن جي پرگهور ۽ آبادڪارئ لاء مرڪزي سرڪار وڏا ڪم ڪيا: وزارت ٺاهي, ٽيڪس لڳايا, فنانس ڪارپوريشن جوڙيو ۽ ٻيا اهڙا ڪم ڪيا جو انڊيا ۾ رهندڙن مسلمانن ۾ پاڪستان ڏانھن لڏڻ جو شوق وڌيو. اڄ سرڪار پناهگيرن لاء سيٽلمينٽ ڪمشنر مقرر ڪيو.
13.5.1977
" وزارت اعظما تان مستعفي ڪونه ٿيندس. ريفرينڊم ڪرائڻ ۽ عوام جي فيصلي مڃڻ لاء تيار آھيان"- ڀٽي جو بيان.
**************
{13 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
13 مئي 1883ع پير غلام مجدد سرهندي (مٽياري) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مئي 1907ع شاعر عبدالفتاح عابد عاقلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مئي 1921ع شاعر نواب بهاول خان لغاري (تاجپور) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مئي 1923ع ليکڪا سشيلا لالواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مئي 1950ع سگهڙ شعبان کوکر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مئي 1969ع ليکڪ ربنواز بڙدي جو جنم ڏينهن آهي.
13 مئي 1978ع مفتي سيد رشد الله امروٽي جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
13 مئي 1911ع گلوڪار ڪالاچند ڪلياڻ جو لاڏاڻو ٿيو.
13 مئي 1970ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام رسول عباسي جو انتقال ٿي
Monday, 11 May 2026
SINDH in history today (12th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {12th May}. Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** Dr.Pathan wishes YOU Good Day with love, respect and regards.
[It is easy to like, but very difficult to accept. It is most difficult to maintain contacts & affiliations and relations & connections. Life never believes in dreams. It is hard ground reality. Beautify it with love as it can accept you. Be more sincere, as can share Beauty Offer sacrifice, as love can declare you wise]
ڀانئڻ اچي سڀ کي، نڀائڻ ڪنھن ڪنھن جو ڪم،
رشتا گھرن رت روح جو، کائن هر پل لڱ لحم،
جي ھٹین دوستئ جو دم، چئج سرت سان سلام تون
*************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {12th MAY}
EVENTS:
1843: The Sindh Governor recommends the case of Mecleod for his appointment as the Collector of Customs with salary of Rs.800 per month and the case is approved by the Govt of India. There is a road in Karachi, after this man.
1920: The Central Khilafat Committee presents Memorandum to the Viceroy of India in Simila. It is also signed by Khilafat leaders from Sindh such as Seth Haji Abdullah Haroon, Moulana Taj Mahmood Amroti, Munshi Aminuddin, Asadullah Shah, Dr. M.A.Ahmad, Moulana Muhammad Sadiq of Khada, Shaikh Abdul Majeed, Muhammad Khan, Jan Muhammad Junijo, Moulana Abdul Ghafoor Jacobabadi, Abdul Kaliq Morai, Pir Rashidullah Shah and others.
1929: Shaikh Abdul Majeed Sindhi forms "Sindh Muslim Voters Association" so as awareness can be created to vote and elect true, sincere and dedicated candidates in election.
1935: Indian State and Broadcasting Service, Mombai, already broadcasting Sindhi Programs, to broadcasted Sindhi Classical songs sung by Vishni Jagtiyani.
1948: Shaikh Karamat Ali, Education Minister for the Govt of West Punjab is found traveling without Ticket in Karachi Mail.The train was checked by Special team at Khaniwal Railway Station.
1949:" We do not believe in any ISM,my Govt is working for creating FREE SOCIETY", says Liaqut Ali Khan, Prime Minister of Pakistan. His speech is broadcasted from Cairo Radio Station.
1951: The opening of Karachi University is announced.
1957: Moulana Bhashani announces to observe Protest Week against Price- hike in the country.
1960: “We are bound morally to satisfy USSR. The investigation is being conducted to see that either USA aircraft used Peshawar Base to attack Russian Jet", says Z.A.Bhutto,the Federal Minister.
1970: The National Assembly adopts bill abolishing Sardari System in the Pakistan.
SINDHI TRANSLATION OF POST:
SINDH IN HISTORY TODAY (12th May). By. Dr. Pathan
سنڌ جي موجود اڌ منئ صدي ۾ اڪثر ڪري جيڪو ڏينھن آيو, سو ڳورو ثابت ٿيو. بس جيڪو آيو سور ڏئي ويو, پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو.
سنڌين سوچيو ته سرڪار هونء ته هر اداري جي ڀينگ ڪئي آھي, پر کيس عدليه سان هٿ چراند ڪرڻ نه گهرجي. ان ڪري 12 مئي 2007 تي ڪيترن سنڌين ڪراچئ ڏي رخ ڪيو ته جيئن گڏجي سرڪار جا ڪن کڻائجن ته سرڪار جي عدليه-دشمني کين قبول ناهي. پر ڪراچي شھر جي هر لنگه تي سندن قتل عام ڪيو ويو.
اسان سنڌي ويچارا ويسارا ڪا اهڙي ڳاله ياد رکون ئي ڪونه. جهڙوڪ اهو واقعو سنڌ ۾ ٿيو ئي ڪونه هو. تاريخ اسان جي اهڙئ ويسر جا کوڙ قصا سيني ۾ سانڍي رکيا آھن. پر تاريخ پڙھڻ کان اسان مان اڪثر ماڻھن کي بڇان لڳندي آھي.
ڪنهن کي بڇان لڳي يا ڪنهن کي سچ ٻڌڻ جو شوق هجي, تاريخ پنهنجو درس ڏيندي رهندي. اچو اڄوڪي ”واقعاتي تاريخ“ جو ورق نظر مان ڪڍون:
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي گورنر عملدار ميڊيئوڊ کي ڪسٽم ڪليڪٽر مقرر ڪرڻ لاءِ سفارش برطانوي سرڪار کي موڪلي ڏني، سندس پگهار 800 رپيا ماهوار مقرر ڪرڻ جي سفارش سرڪار منظور ڪري ورتي، واضح رهي ته ڪراچي ۾ ميڪلوڊ جي نالي سان هڪ روڊ به ٺهيل آهي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مرڪزي خلافت ڪاميٽي هندستان جي وائسراءِ کي شملا ۾ ميمورنڊم پيش ڪيو، جنهن تي سنڌ جي خلافتي اڳواڻن سيٺ حاجي عبدالله هارون، مولانا تاج محمود امروٽي، منشي امين الدين، اسدالله شاهه، ڊاڪٽر ايم اي احمد، مولانا محمد صديق کڏي وارو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد خان، جان محمد جوڻيجو، مولانا عبدالغفور جيڪب آبادي، عبدالخالق مورائي، پير راشد الله شاهه ۽ ٻين جون صحيحون ٿيل هيون.
** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شيخ عبدالمجيد سنڌي سنڌ مسلم ووٽرز ايسوسيئيشن نالي تنظيم قائم ڪئي، جنهن جو مقصد صحيح نمائندا چونڊڻ بابت جاڳرتا مهم هلائڻ هو.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊين اسٽيٽ اينڊ براڊڪاسٽنگ سروس ممبئي سنڌي پروگرام نشر ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو، ريڊيو تي ڪيترائي سنڌي ڪلاسيڪل گيت هلايا ويا.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پنجاب جي تعليم واري وزير شيخ ڪرامت علي کي ريل گاڏي ۾ بغير ٽڪيٽ جي سفر ڪرڻ تي سوگهو ڪيو ويو، اسپيشل ٽيم خانيوال ريلوي اسٽيشن تي چيڪنگ ڪئي ته صوبائي وزير وٽ ٽڪيٽ نه هئي.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان قاهره ريڊيو کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اسان ڪنهن به عزم ۾ يقين نٿا رکون، اسان آزاد سماج لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي يونيورسٽي جو باضابطا طور تي افتتاح ڪيو ويو.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليواري سياسي اڳواڻ مولانا ڀاشاني عام استعمال جي شين جا اگهه وڌائڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو هفتو ملهائڻ جو اعلان ڪيو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو سوويت يونين کي خاطري ڪرائي ته پشاور ايئر بيس تان آمريڪي جهاز جي اڏامڻ ۽ روسي جهاز تي حملي واري معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي.
** 1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي پاڪستان ۾ سرداري نظام جي خاتمي لاءِ قانوني بل منظور ڪري ورتو.
12.5.2007:
ڪراچئ ۾ انهن عدليه-دوست سنڌين جو مختلف هنڌن تي قتل عام ڪيو ويو, جيڪي مختلف شھرن مان ڪراچئ ان ڪري اچي رهيا هئا ته هڪ هنڌ گڏ ٿي حڪومت جي عدليه-دشمن حڪمت عملئ جي مخالفت ڪن.
*****
اڄوڪي ڏينهن 12 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
12 مئي 1801ع اڳوڻي حڪمران مير صوبدار خان ٽالپر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 مئي 1862ع شاعر مرزا دوست محمد بيگ دوست (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مئي 1904ع شاعر ۽ اديب آخوند محمد حسن مسڪين جو جنم ڏينهن آهي.
12 مئي 1928ع شاعر گل حسن بيڪس (باڊهه) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مئي 1932ع شاعر ۽ چترڪار بال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج (مٺي / جيپور) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مئي 1944ع قومپرست شاعر، سياسي ڪارڪن، راڳي ۽ اداڪار جمن دربدر جو جنم ڏينهن آهي.
12 مئي 1947ع شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مزاحيه ليکڪ علامه مستانو ابڙو سيوهاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
12 مئي 1955ع اداڪاره نينا آسودواڻي (اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 مئي 1956ع پاڪستاني ڪرڪيٽ امپائر اسد رئوف جو جنم ڏينهن آهي.
12 مئي 1958ع ليکڪ ٻلديو گهنشياڻي جو جنم ڏينهن آهي.
12 مئي 1960ع سگهڙ قائم الدين سهتو جو جنم ڏينهن آهي.
12 مئي 1962ع ليکڪ غلام شبير سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
12 مئي 1967ع ليکڪا گوري ولڀ (مٺي) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مئي 1985ع ليکڪ اياز ڀٽو (مبارڪپور) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مئي 1980ع گلوڪاره امبر مهڪ جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
12 مئي 1801ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران مير فتح علي ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو.
12 مئي 1962ع شاعر خدا بخش خادم (ميهڙ) جو انتقال ٿيو.
12 مئي 1972ع شاعر فقير سيرت علي ڪورائي جو انتقال ٿيو.
12 مئي 1990ع شاعر افضل قادري جو انتقال ٿيو.
12 مئي 1991ع شاگرد اڳواڻ احسان گوپانگ جو انتقال ٿيو.
12 مئي 1991ع شاعر زيب عاقلي (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
12 مئي 2011ع گهڙي نواز مٺا خان زرداري جو انتقال ٿيو
Sunday, 10 May 2026
SINDH in history today (11th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {11th May}. Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** Dr. Pathan wishes you a Good Day.
[ Paulo Coelho says that "Love is an untamed force. When we try to control it, it destroys us. When we try to imprison it, it enslaves us. When we try to understand it, it leaves us feeling lost and confused". But, we are a nation, that has nothing to do with human love and respect. We see beauty in ourselves only and love our own interests. We respect ego, hatred and discrimination. Human-being is Social animal, but we are animals and not social. We have lost ourselves and values]
بره بنا هئ بي رنگي دنيا ان ۾ ناهي رات يا ڪو ئي ڏينهن,
انا نفرت متڀيد جي جنڊ ۾ تن من روح جي پينهان پينهن,
وسن نہ هت وڏ-ڦڙا ڪي محبت مروت ماڻھپي جا مينهن,
گدڙ بہ ڏر تي شينهن, پر اسان بي همتا سونهن سلام سان. EVENTS
1843: Mir Yar Muhammad Khan writes to the Governor-General of India requesting him to release him with permission to return back to Sindh as he was innocent and was not engaged in any activity against British.
1948: The construction work on federal offices and residential quarters starts in Karachi.
1953: Martial Law court announces Death penalty for Moulana Moudoodi and Moulana Abdul Sattar Niazi for heading anti-Qadyani Movement and creating law and order situation more critical in Punjab.
1954: Agha Ghulam Nabi Khan, Ex-Sindh Minister is disqualified for three years.
1962: U.S Government agrees to provide Pakistan loan of 45 million for the purpose for purchase of industrial items from U.S.A. Perhaps our Sindh province has not still given birth to conduct research on the loan and its province-wise utilization.
1964: Foreign Minister of Pakistan, Z.A.Bhutto meets UNO Secretary-General and apprise him of the outstanding Indo-Pak disputes.
1973: Nine opposition leaders belonging to UDF (United Democratic Front) are arrested.
1975: It is the first time in the history of Sindhi literature that ban is imposed on 36 books and periodicals of Sindhi language under Press and Publication Ordinance. It is amazing to note that it includes Child Literature also. This drastic action is taken by PPP Government.
1977: The National Assembly adopts a bill declaring Friday the weekly holiday.
1991: The IJI Government presents the amended Shariat Bill in National Assembly. The opposition including PDA, JUI and ANP reject bill in toto.
SINDHI TRANSLATION OF POST:
************
11.5.1837:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل ذاتي طور تي ڪوشش ورتي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مستقل سفارتي لاڳاپا قائم ٿين ۽ اهي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جا سفير پاڻ وٽ ترسائن.
11.5.1841:
مير شير محمد حيدرآباد ۾ مقرر ڪيل فرنگين جي مقامي ايجنٽ کي لکيو هو ته مان چاهيان ٿو فرنگين سان دوستئ جو معاهدو ڪريان. ان جي جواب ۾ مقامي ايجنٽ ڄيٺانند لکيس ته فرنگين جي ڪمپني حڪومت سان دوستئ جو معاهدو تنهنجي حق ۾ آهي. ان کان پوء ڪوبه تنهنجي ملڪ ڏي اک ميري ڪري نه ڏسندو. تنهنجي ملڪ جي بچاء لاء توکي فرنگي سرڪار کي ڏن ڏيڻو پوندو.
11.5.1843:
جنگي قيدئ مير يار محمد ممبئئ جي گورنر کي عرضداشت موڪلي ته مان بي ڏوهي آھيان. آئون ته فرنگيين جو يار وفادار رهيس ۽ سنڌ ۾ مون هنن جي رستي تي ڪڏهن ڪنڊا ڪونه اڇلايا. پوء به مون کي گرفتار ڪري جنگي قيدي بڻائي ملڪ بدر ڪيو ويو آھي. مون سان رحمدل سرڪار احسان ڪري, آزاد ڪري, وطن واپس موڪلي.
11.5.1857:
ڪمپني حڪومت ڪراچئ ۾ "يورپين ۽ انڊو يورپين اسڪول" کولڻ لاء 1500 روپيا منظور ڪري, سنڌ جي ڪمشنر کي اطلاع ڏنو.
11.5.1948:
ڪراچئ ۾ وفاقي آفيسن ۽ وفاقي ملازمن جي رهائش لاء گهر/ڪوارٽر ٺھڻ شروع ٿيا. [تاريخ اسان جي سياستدانن لاء روئيندي ۽ لکندي رهي ته "انڌي بڇي ۾ خوش”.]
11.5.1953:
پنجاب ۾ قاديانين خلاف تحريڪ هلائڻ تي مولانا مودودئ ۽ مولانا عبدالستار نيازئ تي ڪيس هلايو ويو ۽ اڄ کين موت جي سزا ٻڌائي وئي. [پر هنن کي اها سزا نه ڏني وئي].
11.5.1954:
آغا غلام نبي پٺاڻ سنڌ ۾ تعليم جو وزير هئو سندس ايمڪارئ ۾ فيصلو ٿيو ته "سنڌ يونيورسٽئ" کي ڪراچئ مان ڪڍي حيدرآباد منتقل ڪبو. ٻين لاء اهڙا خير جا ڪم ڪرڻ کان پوء ”ڪم لٿو ۽ ڊکڻ وسريو" مصداق, کيس ڪنهن ٻئي بهاني سان ٽن سالن لاء سياست ۾ حصي وٺڻ کان نا اهل ڪيو ويو.
11.5.1962:
آمريڪا هائوڪار ڪئي ته صنعتن هڻڻ لاء گهربل سامان خريد ڪرڻ لاء پاڪستان کي 45 ملين ڊالر ڏنا ويندا. 1962 ۾ سنڌ ۾ سرڪار ڪهڙيون صنعتون هڻايون, اهو جواب اسان کي سنڌ جا تڏهوڪا عملدار يا معاشي ماهر ئي ڏئي سگهندا ۽ پڪ آھي ته ڄاڻيندي به جواب ڪونه ڏيندا.
11.5.1975:
ڪن-ڪچا حڪمران اڪثر ڪري شير شاه جي شڪري جيان گهر جا ڪڪڙ ماريندا آھن. ڀٽي حڪومت سنڌئ ۾ شايع ٿيل 36 ڪتابن ۽ رسالن تي پابندي مڙھي. ان ۾ ٻاراڻا ڪتاب به شامل هئا. ڪتابن جي ايڏي تعداد تي فرنگين جي زماني به بندش نه پئي.
11.5.1977:
“جيئڻ ڪارڻ جيڏيون, مون وڏا وس ڪيا"مصداق ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي حڪومت بچائڻ لاء سمجهوتي ڪرڻ ۽ حريفن کي راضي ڪرڻ جي سياست شروع ڪئي. سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش وڌي وئي. شراب ۽ نائيٽ ڪلبس تي پابندي وڌي وئي ۽ اڄ قومي اسيمبلئ مان بل پاس ڪرائي جمعي ڏينھن تي موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
***************
{11 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
11 مئي 1912ع مشهور افسانه نگار سعادت حسن منٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 مئي 1937ع اداڪار مصطفى قريشي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 مئي 1944ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر عابد لغاري (تاجپور) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مئي 1944ع سياستدان حيدر علي ٽالپر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
11 مئي 1867ع سنڌ جي اڳواڻي حڪمران مير شهداد خان ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو.
11 مئي 1911ع ڀائي ڪلاچند ديهانت ڪري ويو.
11 مئي 1942ع فقير بخش ڪڇي جو انتقال ٿيو.
11 مئي 1960ع بزرگ رنجيت واسواڻي (بنگلديرو / اجمير) جي ديهانت ٿي.
11 مئي 1993 تي بلوچ ليڊر شير محمد مري گذاري ويو. هو جنرل شيروف جي نالي سان مشهور هئو
Saturday, 9 May 2026
SINDH in history today (10th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {10th May}. Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] ***EVENTS
1948: After removing from Chief Minister Ship, Muhammad Ayub Khuhro is prohibited from leaving Pakistan and and drawing amount from Banks without prior permission of the Government. He was accused of creating problems in settling Muhajreen in Sindh.
1950: The Sindh Government has decided to shift Sindh University from Karachi to Hyderabad, says Agha Ghulam Nabi Khan Pathan, Education Minister.
1951: Government orders for arrest of Communist leaders and workers throughout Pakistan.
1952: International Muslim Conference held at Karachi advises Muslim countries to get rid of political and economic influence of U.S.A and U.K
1955: The Governor-General of Pakistan was very much right in dissolving the Constituent Assembly of Pakistan. His action was legal. The Federal Court gives its decision.
1958: Allama Mashrqi is arrested alongwith his close party men.
1960: If Peshawar is used as a base by U.S.A to attack or violate Russian air space, it will cost Pakistan very drastic results, USSR warns Pakistan.
1964: First ever Inter-continental hotel of Pakistan is inaugurated by the President Ayub in Karachi.
1973: Zulfqar Shah Jamot, Khalifo Aqil, Ghous Ali Shah and Pir Muhammad wassan and others are arrested.
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
***************
10.5.1832:
ڪرنل پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته خيرپور ۾ ڪنهن جوڳي معاهدي ڪرڻ ۾ مير رستم خان طرفان پيدا ڪيل رنڊڪن کي منھن ڏئي رهيو آھي [فرنگين ان کان پوء مير علي مراد تي هٿ رکيو ۽ مير رستم علي کي نظرانداز ڪري ٻنھي ڀائرن ۾ دشمني پيدا ڪئي]
10.5.1839:
ملڪ اسان جو پر اسان جي وڏڙن ان جي آب و هوا جو ڪڏهن رڪارڊ رکڻ جو به نه سوچيو. پر اڄ پاٽينجر ڪراچئ ۽ ٺٽي جي آب و هوا جو ماهوار رڪارڊ ٺاهي پنهنجئ سرڪار کي موڪلي ٿو.
10.5.1841:
پوسٽنس اڄ شڪارپور مان ڏکڻ سنڌ جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي شڪارپور بابت رپورٽ ٺاهي موڪلي. هن لکيو ته هي شهر واپار تجارت جي حوالي سان اتر ۽ اولھ وارن ملڪن سان ڳنڍيو پيو آھي. شڪارپور ۾ حيدرآبادي ۽ خيرپوري ميرن جا حصا آھن. ستن مان ٽي حصا خيرپور جا ۽ باقي حيدرآبادين جا حصا آھن. خيرپور وارن ميرن کي سال ۾ 36000 روپيا اپت ٿيندي آھي. ان اپت کي ٽن حصن ۾ ورهائيندا آھن. ٻه حصا مير رستم خان کڻندو آھي. باقي برابرئ جي بنياد تي مير نصير خان خيرپوري ۽ مير مبارڪ جي پٽ کي ملندو آھي.
10.5.1842:
ملڪ جا حاڪم حڪمران هئا ته مير. پر, پاڻ ڪي اختلاف پيدا ٿيندا هئن ته فرنگي سفارتڪارن کي معتبر ڄاڻي, انھن کان فيصلا ڪرائيندا هئا. مير علي مراد ۽ مير رستم خان جو ڪن ڳوٺن جي مالڪئ جو مسئلو پيدا ٿيو ته هنن راس بيل کان فيصلو ڪرايو. هن فيصلو ڪيو ته مير علي مراد ڳوٺن جو وارث ۽ مالڪ آھي. اڄ ڪمپني حڪومت ميجر آئوٽرام کي هدايت ڪئي ته مير رستم خان انھئ فيصلي خلاف تو کي دانھن ڏئي ته تون وچ تي نه اچجان. [ڇو ته راس بيل جي فيصلي جو فرنگين هي فائدو ٿيو ته ان سان هو مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي]
10.5.1858:
فرنگي سرڪار جنهن کي جاگير ڏني, ان تي هر سال پنج سيڪڙو "لوڪل فند سيس" ورتو ويندو هو. انهئ فند کي اسڪولن جي عمارتن جي اڏاوت ۽ روڊن رستن ٺاهڻ تي خرچ ڪيو ويندو هو. اڄ سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي ڪليڪٽرن کي مراسلو موڪلي سمجهايو ته گڏ ڪيل رقم مان روڊن تي ڪيترو خرچ ڪريو ۽ اسڪولن تي ڪيترو خرچ ڪيو.
10.5.1948:
محمد ايوب کهڙي ڪراچئ جي مالڪئ بابت پاڪستان جي اقتدار-ڌڻين سان مهاڏو اٽڪايو ته کيس ڀوڳڻو پيو. هن وقت هو سنڌ جو سابق وڏو وزير هو وڏي سرڪار نادري حڪم ڪڍيس ته هي نه بئنڪ ئان ڏوڪڙ ڪڍرائي سگهي ٿو, نه ملڪ کان ٻاهر وڃي سگهي ٿو. [ ايوب کهڙي سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرائڻ ۽ ڪراچئ کي مرڪز حوالي نه ڪرڻ لاء شاندار ڪم ڪيو. اٺ تاري پڇ ڪري ٻوڙي ڇڏيائين. ساڳي ماڻھوء سنڌ جي ڳچئ ۾ ون يونٽ جو ڳٽ وڌو]
10.5.1950:
سنڌ جي تعليم واري وزير آغا غلام نبئ اعلان ڪيو ته اسان جي سرڪار "سنڌ يونيورسٽئ" کي ڪراچئ مان حيدرآباد شفٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. [اسان جي سياسي ۽ اقتداري اڳواڻن پنهنجئ رضا خوشئ سان ڪراچئ مان هٿ ڪڍڻ جا قدم کنيا]
10.5.1955:
فيڊرل ڪورٽ فيصلو ڏنو ته گورنر جنرل آئين ساز اسيمبلي ٽوڙڻ ۾ حق بجانب هو ۽ هن جو اهو ڪم قانون مطابق آھي.
10.5.1960:
سوويٽ يونئين پاڪستان کي انتباه ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا پشاور کي پنهنجو اڏو بڻائي اسان کي ميرئ اک سان ڏٺو ته ان جي قيمت پاڪستان کي ئي ڏيڻي پوندي.
10.7.1973:
ذوالفقار علي شاه ڄاموٽ, خليفي عاقل, خليفي هاشم, غوث علي شاه ۽ پير محمد وساڻ کي گرفتار ڪيو ويو. ڀٽي حڪومت پنهنجي اڱڻ (سنڌ) تي ٽانڊا رکڻ شروع ڪيا.
***************
{10 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
10 مئي 1901ع شاعر مراد علي ڪاظمي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
10 مئي 1914ع ليکڪا سيتا سامتاڻي (حيدرآباد / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مئي 1914ع صحافي نذير حسين حيدري (بدين) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
10 مئي 1916ع شاعر رانجهو خان پياسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
10 مئي 1924ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد علي پنهور جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
10 مئي 1930ع شاعر الهه نواز نواز رڪڻائيجو جنم ڏينهن آهي.
10 مئي 1931ع سماجي ورڪر بي سي موٽاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
10 مئي 1932ع گلوڪار لال مجرم (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مئي 1937ع صحافي غلام حسين مشتاق سچاروي جو جنم ڏينهن آهي.
10 مئي 1941ع ليکڪ انور جوکيو جو جنم ڏينهن آهي.
10 مئي 1943ع صحافي ارشاد ٿهيم (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مئي 1949ع اسڪالر ڊاڪٽر عبدالرزاق سومرو (خيرپور جوسو) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مئي 1952ع ليکڪ مشتاق شورو جو جنم ڏينهن آهي.
10 مئي 1954ع شاعر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر ديپڪ روهيت چند (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مئي 1961ع ليکڪ ديپو ڪيسواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
10 مئي 1963ع ليکڪ قربان ٻگهيو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مئي 1970ع ليکڪا منور سلطانا قريشي (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مئي 1982ع شاعر ناشاد ٿهيم (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
10 مئي 1999ع سماج سڌارڪ ۽ سياستدان آنند هنڱوراڻي ديهانت ڪري ويو. —
Dr.Pathan wishes yo Good Day.
[Dear! Do not fight with others, fight with self. Keep in mind that It is darkness in day time, it is more darkness than night. No one can see fire on your face and boiling tears in your eyes. You are Dawn and sleeping souls can't see you. See yourself, see your beauty and my love. Change time, place and circumstances. But, don't be changed]
جوڌا وڙھ نہ جهان سان, متان ڏئين مات,
هن تان،ڪلجگ ۾ , ڏینھن بہ ڪاري رات،
وڙھ پنھنجو پاڻ سان، ان ۾ ئي اٿئي اثبات،
توکي ڏسي ڪیئن دنیا، تون ئي تان پرڀات،
سٹي لنو پیو تون لات، سچ سونھن سندي
Friday, 8 May 2026
SINDH in history today (9th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th May}. Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ You are a nice person, if you love and respect everybody without discrimination. But, you are most lucky and second to none, if anybody is loving you. It will be a great recognition & respect of your golden heart and loving soul. If you are owner of vision & wisdom, love & beauty, believe that I will be always at your door alongwith my sincerity & sacrifice and trust & hope at my command.]
TRANSLATION:
چاهت هجئي لکن سان پر توکي ڪو هڪ چاهي اها ڳاله وڏي آھي,
تون تونگر چئبين دنيا جو اگر ڪو ئي ٿو تن من سان تنهنجو سڏائي,
جنهن وٽ سوغات سونهن سرت ۽ سلام جي سو ڀلي پاڻ پڏائي,
پوء لاهي پاهي دل لڳائي, دنيا کي ٻڌائي هلجي در ان دوست جي.
*************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th May}
Research by Dr. Dur Muhammad Pathan.
EVENTS: 9th May
1843: The Government of India approves administrative measures and actions taken by the Sindh Governor, Charles Napier. He is allowed to appoint six additional Collectors and start construction of bunglows in various districts at the cost of Rs.200 each for the use of the Collectors and Dy. Collectors.
1857: The Bombay Government intends to start postal service between Karachi and Bombay via Bhooj and asks Sindh Commissioner to offer his comments and feedback.
1884: At a meeting of the ‘Sindh Sabha’, a proposal is made by Wali Muhammad Hassan Ali that the municipal electorate should be formed into communal wards so as to provide for separate electorates for Muslims and Hindus. This proposal is strongly opposed by Deyaram Jethmal and such type of differences paved way to divide Sindh into Hindu- Muslim camps.
1920: Jacobabad witnesses a big political event today when the largely attended public meeting is held by the District Khilafat Committee.
1931: ‘The Punjab-,Sindh & Frontier Hindu Conference’ is held in D.A.V. College Hall Lahore under the presidency of Bhai Parmanand . The Conference adopts resolution against the separation of Sindh from Bombay Presidency. This resolution is moved by Prof. Chablani and supported by one Sindhi and another Punjabi Hindus.
1933: ‘The latest action of Mahatma Gandhi in suspending Civil disobedience is a confession of failure’ Subahsh Bose and Patel say in a joint statement. The statement proceeds: ‘ We are clearly of opinion that Gandhi as a political leader has failed’.
1958: The Pakistan Republican Party Chief, Dr. Khan Sahib is assassinated in Lahore. Alleged assassian Atta Muhammad is arrested.
1963: The External Affairs Minister Z.A.Bhutto opposes partition of the Kashmir valley or its joint control by India and Pakistan.
1982: Political curbs to be lifted if the number of political parties is reduced, says Zia.
1988: Thirty-one are killed and 120 injured in sporadic clashes in Karachi. Curfew is imposed in affected areas.
TRANSLATION OF POST INTO SINDHI LANGUAGE:
*********
توجه طلب واقعا
***************
9.5.1809:
سنڌ سان سفارتي ۽ تجارتي لاڳاپن رکڻ بابت ڳالهيون ڪرڻ لاء فرنگي نمائندي سمٿ جي سربراهئ ۾ وفد ڪراچئ پهتو. اتي ميرن طرفان مقرر ڪيل نواب طرفان کيس توبن سان سلامي ڏني وئي.
9.5.1843:
ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت اڄ سنڌ جي گورنر کي سنڌ ۾ وڌيڪ ڇه ايڊيشنل ڪمشنر مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ کيس چيو ته مختلف ضلعن ۾ سرڪاري ريسٽ ھائوس ٺھرايا وڃن ۽ هڪ هڪ ريسٽ ھائوس/بنگلي جي اڏاوت تي ٻه سو روپيا خرچ ڪري سگهجن ٿا.
9.5.1857:
ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي ٻڌايو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۽ ممبئي وچ ۾ ٽپال جو سلسلو جاري ڪجي.
9.5.1884:
سنڌ سڀا جي گڏجاڻئ ۾ ولي محمد حسن علئ رٿ ڏني ته ٺھراء پاس ڪري سرڪار کان گهر ڪجي ته ميونسپالٽين جي چونڊن لاء ھندن ۽ مسلمانن لاء چونڊن جا الڳ الڳ وارڊ ٺاهي ڌار ڌار چونڊون ڪرايون وڃن. سندس راء کي رد ڪيو ويو.
9.5.1920:
جيڪب آباد ۾ خلافت طرفان جلسو ٿيو, جنهن ۾ ھندن خواه مسلمانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
9.5.1933:
گانڌئ سول نافرمانئ جي تحريڪ مهمل ڪئي ته پٽيل ۽ سباش چندر بوس مٿس ڪاوڙجي پيا ۽ بيان جاري ڪيائون ته گانڌي هڪ سياستدان جي حيثيت ۾ پاڻ کي ناڪام سياستدان ثابت ڪيو آھي.
9.5.1958:
پاڪستان پبليڪن پارٽي جي سربراه ڊاڪٽر خان صاحب کي لاهور ۾ عطا محمد نالي هڪ ماڻھونء اڄ قتل ڪيو ويو.
9.5.1982:
"ملڪ ۾ سياسي پارٽين جو ڪاٿو ئي ڪونهي. انھن ۾ گهٽتائي اچي ته سياسي سرگرمين جي اجازت ڏبي"- جنرل ضياء الحق جو اونوکو منطق.
9.5.1988:
ڪراچئ ۾ قهري دهشتگردي ٿي. ايڪٽيه ماڻھون مري ويا ۽ هڪ سو ويه سخت زخمي ٿيا. متآثر علائقن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو.
***************
{ 9 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
9 مئي 1912ع اديب ۽ محقق الله بچايو يار محمد سمون(ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 مئي 1920ع سنگيتڪار ۽ راڳي بلوسي راڻي(حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 مئي 1929ع عالمِ دين ۽ بزرگ سيد محمد شاهه امروٽي(پريالوء) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 مئي 1936ع اديب چمن شرما (ٽنڊو آدم / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 مئي 1948ع اديبه رضيه ناز ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
9 مئي 1962ع شاعر حاجي پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
9 مئي 1841ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ مذهبي عالم شيخ محمد عابد انصاري جو انتقال ٿيو.
9 مئي 1974ع شاعر سيد حافظ شاهه ناطق جو انتقال ٿيو.
9 مئي 1975ع صحافي عبدالمجيد ڀٽي جو لاڏاڻو ٿيو.
9 مئي 1976ع صحافت سان تعلق رکندڙ سليم اڪبر قاضي جو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ انتقال ٿيو.
9 مئي 1998ع مشهور گلوڪار ۽ اداڪار طلعت محمود جو انتقال ٿيو.
9 مئي 1989ع سياستدان رئيس الاهي بخش ٻانڀڻ(فيض گنج) جو انتقال ٿيو
Thursday, 7 May 2026
SINDH in history today (8th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {8th May}. Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[ Everything in this Universe is speaking, what not you? Listen and see twinkling stars, the lovely Moon light shimmering through the waters. See day and light, listen nature & beauty, they all are speaking with you. Speak and respond them.
My Dear! Don't be silent. Speak loudly. Speak about your strength. Speak about your beauty & love. Speak about your vision & wisdom.]
هئ تان ناھي نفي ۽ نہ ئي ڪا اثبات،
تنھنجی جيڪا اصلي آھي چپ چپات،
نہ ئي ڏینھن پرين نہ ئي رات یا پرڀات،
سپنن بدران هئ سورن جي ئي سوغات،
ڪا تان لنئون لات، سونھن ۽ سلام جي.
*************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (8th May)
EVENTS: 8th May
1843: The Governor –General of India directs Sindh Governor, Charles Napier to adopt extreme measures of reprisals against hill tribes on the right bank of Indus.
1850 : The Commission is constituted to investigate the matter of certain interpolations made in the treaty of Naunihar by His Highness Mir Ali Murad Khan . His Highness was involved to prove him guilty for the act.
1918: Home Rule League and Congress and Karachi Citizens’ Association jointly protest against the action of Government for cancellation of Passport to the Home Rule League deputation proceeding to England.
1920 The Sindh Khilafat Committee directs its branches to collect donation and membership fee and send its half to the Sindh Khilafat.
1926: Sindh Commissioner directs all Municipalties not to invite political leaders and organize functions on the expenses of municipalities. Who so ever member will insist, will has to pay the expenditure to be occurred on events.
1929: A public meeting is held at Kambar by the local branch of the Khilafat Committee under presidentship of Mian Ghulam Muhammad. Moulana Abdul Karim Chishti and Mian Ali Muhammad in their speeches advises people to take part in politics. The meeting opposed imposition of the Council to carry on the administration of the Khairpur state. It was termed as interference in the affairs of an independent state. The Jacobabad events relating to Hindu- Muslim conflicts were also deplored at large and people of Jacobabad were appealed not go give anti-social forces chance to divide Jacobabad into Hindu Muslim camps.
1933: Mahatma Gandhi announces the suspension of the Civil disobedience movement for a month. The sensational statement is made following consultation with and approval of Acting Congress President.
1939: Subash Bose declares his plan at a meeting held at Howrah. He referees to the formation of a new party within Congress and says that differences between the ‘Forward Blo’ and the ‘Official Blo’ within Congress are two fold. First the Forward Bloc desires to work the existing progress not with reformist or moderate mentality but with a revolutionary mentality’ , secondly , it has an advance program of its own
1948: In a largely attended political convention, held at Karachi, with Khan Abdul Ghafar Khan in chair, Peoples’ Party is formed to provide platform to the common people of the country. More than 62 eminent politician participated. G.M.Syed was the Chairman of the Reception Committee.
1950: Kazi Faulullah is sworen in as the Chief Minister, Sindh. He replaces Yousif Haroon.
1970: Heads of States of Pakistan, Turkey, and Iran, in joint telegram to the Amrecian President Nixon and Soviet Premier Alexi kosygin, urges them to exercise their influence towards towards the settlement of the Middle East question.
1972: 1972: NWFP’s official language will be Urdu, says Moulana Mufti Mahmood. The statements of Mufti and Bizenjo were not outcome of their love for Urdu but reflected their anti-ppp mentality and on the eve of language dispute in Sindh, such type of statements damaged the harmony between Sindhi and Muhajirs.
1973: Sindh United Front Chief G.M.Syed is arrested under DPR.
1977: Z.A.Bhutto promises all efforts for settlement. Announces Chief Election Commissioner Justice Sajjad Ahmad Jan’s departure on leave.
SINDHI TRANSLATION OF POST:
*****
توجه طلب واقعا
***************
8.5.1843:
جنگي قيدي مير شهداد خان اڄ قيد منجهان ممبئئ جي گورنر کي الڳ الڳ ٽي خط لکي پنهنجئ بيگناهئ ۽ فرنگين جي بي وفائئ تي روشني وڌي. هڪ خط مان اهو پتو پئي ٿو ته حيدرآباد جي قلعي جي ڦر لٽ دوران فرنگي ميرن جا ذاتي لائبرريون به کڻي ويا. مير شھداد خان جي لائبررئ ۾ حضرت امام حسين جي هٿ سان لکيل قلمي قرآن به موجود هو. فرنگي اهو به پاڻ سان کڻي ويا.
8.5.1844:
ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل سنڌ جي قابض ۽ فوجي گورنر نيپيئر کي خاص هدايتون ڏنيون ته جابلو قبيلا ڦر لٽ ڪرڻ لاء سنڌ پيا حملا ڪندا. انھن روڪڻ لاء فوجي قدم کڻڻ سميت سخت اپاء وٺي, سندن خاتمو ڪر.
8.5.1850:
انگريزن طرفان سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ساڻن ساٿ ڏيندڙ دوست مير علي مراد خان خلاف سنڌ ڪمشنر جي صدارت ۾ جيڪا ڪميشن ويهاري وئي هئي, انھئ ڪميشن ڪمپني حڪومت کي اڄ پنهنجي رپورٽ ڏياري موڪلي, جنهن ۾ مير علي مراد کي ڏوهي قرار ڏنو ته هن پنهنجي وڏي ڀاء مير رستم خان سان جيڪو "نونھار وارو معاهدو" ڪيو هو, ان جي متن ۾ پنهنجئ مرضئ سان ڦير گهير ڪئي هئي.
8.5.1918:
فرنگي حڪومت هوم رول ليگ جي اڳواڻن کي لنڊن وڃڻ کان روڪڻ لاء سندن پاسپورٽ رد ڪري ڇڏيا. انھئ ڳالھ تي ڪاوڙجي ڪراچئ ۾ سنڌ هوم رول ليگ وارن احتجاج ڪيو ۽ جلوس ڪڍيو.
8.5.1920:
سنڌ خلافت ڪميٽئ پنهنجي شاخن کي هدايتون جاري ڪيون ته “ميمبرشپ في" وٺي برانچون انھئ آمدنئ مان پنهنجو خرچ هلائن. باقي چندو ۽ عطيو گڏ ڪري اها رقم سيٺ حاجي عبدالله هارون کي ڏياري موڪلن. [ياد رهي ته اڳتي هلي وڏو اسڪينڊل ٺھيو ۽ اخبارن ۾ آيو ته گڏ ڪيل هڪ لک روپيا ڪاڏي ويا]
8.5.1926:
سنڌ جي ڪمشنر سرڪيولر ڪڍي ميونسپالٽين کي منع ڪئي ته اهي پنهنجي خرچ تي سياسي اڳواڻن کي دعوتون نه ڏين. ٻئ حالت ۾ سارو خرچ اهي ميمبر ڀريندا, جيڪي سياسي اڳواڻن کي دعوت ڏئي گهرائيندا.
8.5.1948:
ڪراچئ ۾ خان عبدالغفار جي صدارت ۾ ملڪ جي 62 سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي. جي.ايم.سيد آجياڻو ڏنو. هن موقعي تي "پاڪستان پيپلز پارٽي" نالي هڪ سياسي جماعت جوڙي وئي. [ياد رهي ته انگريزن جي دور ۾ به "سنڌ پيپلز پارٽي" ٺاهي وئي هئي. ان جي قائم ڪرڻ وارن ۾ جي.ايم.سيد به هڪ هو. خان عبدالغفار ۽ جي.سيد جي هن اڄ ٺاهيل پارٽئ جو نالو به "پيپلز پارٽي" رکيو ويو. ان کان پوء قومي اسيمبلئ ۾ مخالف ڌر وارن جيڪو پنهنجو گروپ ٺاهيو, ان جو نالو به "پيپلز پارٽي" رکيائون. ان کان پوء ”پاڪستان پيپلز پارٽئ" جي نالي سان ذوالفقار علي ڀٽي سياسي پارٽي ٺاهي]
8.5.2009:
شڪارپور جي سنڌي ادبي شاخ پاران جڳنناٿ لائبري ۾ لعل محمد لعل جي ٻارهين ورسي ملهائي وئي.
8.5.1950:
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوء سنڌ ۾ حڪومتون جلد جلد بدليون/بدلايون ويون, جيترو وس وارا پنهنجا ڪپڙا به نه بدلائيندا هئا. انھئ سلسلي ۾ اڄ سنڌ ۾ يوسف هارون جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ قاضي فضل الله هن جي جاء تي وڏو وزير ٿيو.
8.5.1973:
سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جي اڳواڻ جي.ايم.سيد کي "ڊفينس آف پاڪستان رولس" هيٺ گرفتار ڪيو ويو.
8.5.1977:
ڀٽي اڄ پنهنجي مخالف ڌر جي ڪيترين ڳالهين کي تسليم ڪرڻ ء انهن تي عمل ڪرڻ بابت وعدو ڪيو. هن چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس سجاد جان کي کي به زورئ موڪل تي موڪليو.
***************
{8 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
8 مئي 1886ع سنڌ جي انگريز گورنر هگ ڊو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. هن جي ڏينھن ۾ حرن تي ظلم ڪيا ويا.
8 مئي 1887ع شاعر ميان غلام محي الدين ميرل (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
8 مئي 1889ع اديب، شاعر ۽ تعليمدان مخدوم محمد صالح ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
8 مئي 1913ع شاعر عبدالله همدم جو جنم ڏينهن آهي.
8 مئي 1956ع اسٽيج اداڪار ۽ هدايتڪار سنيل آڏواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
8 مئي 1956ع شاعر محمد پڃيل راز سنڌي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
8 مئي 1970ع شاعر سيد پناه شاهه (جهڏو) جو جنم ڏينهن آهي.
8 مئي 1979ع صحافت سان واسطو رکندڙ ماهانه سنڌ رويو جي ايڊيٽر عرفان عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
8 مئي 1852ع کهڙا سان تعلق رکندڙ ديني عالم مخدوم عبدالخالق جو لاڏاڻو ٿيو.
8 مئي 1998ع مشهور سنڌي راڳي عبدالله ڪڇئ جو انتقال ٿيو
Wednesday, 6 May 2026
SINDH in history today (7th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali
Transtator Mumtaz Ali & Author DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE.
SINDH IN HISTORY TODAY (7h May) & GOOD DAY
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[Dear! Differentiate between 'lip service' and 'practical support & help'. Don't shift your responsibility to Allah. Because, He knows everything and will kindly do, what He will deem it fit. You must translate your good wishes into practical support, help and cooperation and use your power & strength, sources & resources and ablity & capablity at your command. It is required by souls and society and it is essential for peace, beauty & love of hearts & minds]
دعا سان ڪرين ڌڻئ حوالي اها تان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪٿ,
فقط پيو چورين چپ پر نہ هلائين هوت تون پنهنجا هٿ,
شايد نينهن نہ پاتي نٿ, نہ ٿہ پهچين سونهن سلام سان.
*************
SINDH IN HISTORY TODAY {07th MAY}
EVENTS:
1917: Elections are held for the Home Rule League branch of Rohri in which Lakhasing Advocate and Chandiram are elected as the President and Secretary respectively.
1926: The Sindh National College Armature Dramatic Society of Hyderabad stages drama ‘Dagabaz Dunia’ written by Lilaram Makhijani.
1935: The meeting of the ‘Anjuman Islam’,Sukker is held under the presidency of Rahim Bux (Vice President of the Sukkur Municipality). The meeting is attended by Agha Nazar Ali, Muhammad Ismail; Moulvi Abdullah; Gul Muhammad and Naimatullah. The meeting resolved to send congratulation message to the Government on the eve of Silver Jubilee celebrations of King Emperor and assure the Government loyalty and sincerity on behalf of the members of the Animan.
1945: Germany surrenders unconditionally to Allies. The war in Europe ends. This may kindly be kept in mind that Royal Indian Navy took very effective role in the war and Indian merchant seamen toiled to maintain the traffic of the sea.
1946: Sindh Congress observes ‘Bhulabhai Desai Day’.
1961: Seven-member cabinet committee is formed to review the constitutional proposal.
1972: Pakistan China sign a new border trade agreement.
SINDHI TRANSLATION OF POST:
SINDH IN HISTORY TODAY (7h May) &
1926ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ دي سنڌ نيشنل ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي طرفان اسٽيج ڊرامو ”دغا باز دنيا“ پيش ڪيو ويو، جيڪو ليلا رام ماکيجاڻي جو لکيل هو، واضح رهي ته انهي دور ۾ ڪيترائي اسٽيج ڊراما ڪيا ويندا هئا، سنڌ کان ٻاهر جا اداڪار به اسٽيج ڊراما ڪرڻ لاءِ هتي ايندا هئا. اهو ٿيٽر جي عروج جو دور هو.
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جرمني غير مشروط طور تي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ اهڙي طرح يورپ ۾ 6 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو آيو، جنگ ختم ڪرڻ جو باضابطا اعلان هڪ سرڪاري پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ڪانگريس طرفان سنڌ ۾ ڀولا ڀائي ڊيسائي ڏهاڙو ملهايو ويو.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪابينا جي 7 رڪني ڪاميٽي آئيني تجويزن تي غور لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ چين نئون سرحدي معاهدو طئي ڪري ورتو، ٻنهي ملڪن جي نمائندن انهي معاهدي تي صحيحون ڪيون.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اٽلي ۾ آيل خطرناڪ زلزلي وڏي تباهي مچائي ڇڏي، 550 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ هزارين زخمي ٿيا، جڏهن ته لکن جي تعداد ۾ ماڻهو بي گهر ٿي ويا، اسپتالن ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سعودي عرب ۾ حج جي سيزن دوران منيٰ ۾ حاجي سڳورن جي خيمن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 هزار خيما سڙي ويا، 5 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جن کي اسپتال نيو ويو. زخمي ٿيل حاجي سڳورن ۾ ڪيترائي پاڪستاني حاجي به شامل هئا، انهن جا اٽڪل 7 هزار خيما سڙيا، سعودي اختيارين واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سعودي ۾ گرمي سبب فوت ٿيل پاڪستانين جو انگ 51 ٿي ويو.
** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ گرميءَ جي شديد لهر جي نتيجي ۾ 26 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا، جيڪب آباد، لاۡڙڪاڻي، قمبر، موري، سکر، ڪوٽڏيجي ۽ ٻين شهرن ۾ گرمي ۾ ماڻهو فوت ٿيا ۽ ڪيترن کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال آندو ويو، موسميات کاتي اها گرمي اڃا به جاري رهڻ جي اڳڪٿي به ڪئي هئي.
*************
اڄوڪي ڏينهن 7 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
7 مئي 1861ع بنگالي ٻولي جي مشهور اديب، شاعر ۽ فلاسافر رابندر ناٿ ٽئگور جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 مئي 1898ع شاعر مرزا علي محمد بڪڪ مظفر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 مئي 1942ع ٻاراڻي تنظيمن جي اڳواڻ گرمک سنگهه ٽهلياڻي جو جنم ڏينهن آهي.
7 مئي 1959ع مذهبي عالم ۽ سياستدان خالد محمود سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
7 مئي 1962ع شاعر الهڏنو فقير جو جنم ڏينهن آهي.
7 مئي 1966ع شاعر وفا رضا سيال جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
7 مئي 1924ع سگهڙ عبدالرحمان چانڊيو جو لاڏاڻو ٿيو.
7 مئي 1962ع سگهڙ الهڏنو فقير ماڇي جو انتقال ٿيو.
7 مئي 1966ع مذهبي اسڪالر مولوي نور محمد انڍڙ جي وفات ٿي.
7 مئي 1970ع شاعر سيد حاجن شاهه هم وطن جي وفات ٿي.
7 مئي 2015ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ محقق ڪيرت ٻاٻاڻي بمبئي ۾ ديهانت ڪري ويو.
Tuesday, 5 May 2026
SINDH in history today (6th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]
SINDH IN HISTORY TODAY (6th May)
*Dr.Pathan wishes you Good Day.
[To love & respect human beings without any discrimination is greatness. One cannot qualify for that status if, his/her heart is full of and made of hatred. He\She will be always high risk for beauty & peace. He/She will prefer personal motives & interests more than human life & status]
ماٹھون سمجھي ماٹھوء کي، اھو ئي اصلي آھ مھان،
نفرت بغض مسهپ زندان،جوڙي جو ناهي سو انسان،
سو ئي آھي خانئ خان، جو ڄاڻي ماٹي سونھن سلام کي.
*************
SINDH IN HISTORY (6th May)
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan
EVENTS: 6th May
1927: Sindh Commissioner inagurates ‘The Karachi Muslim Gemkhana’ at Karachi. It is second Gymkhana in Karachi by Muslims, first was of Bohra community. Inaugurated building costed Rs.30900/ and the fund was collected with donation of Haji Abdullah Haroon, Ghulam Ali Chagla, Yousif Ali Alvi, Agha Abdul Ghafoor, Usman Salih Muhammad,Tayab Ali Mandiwala and K.B.Abdul Sattar.
1931: Largely attended meeting of Karachi Muslims is held under the president ship of Moulana Muhammad Sadiq of Khada in which it is resolved that all Sindh Muslims were agreeable to ‘Sindh Pact’ which enunciated ‘Joint Electorates’, ‘Sindh Separation’ and ‘weight age for minority’.
1939: Subash Bose clarifies his position about tendering his resignation as the President of the All-India Congress .He says ‘Self-respect, honourand duty towards my country demanded that I should not surrender before will and wish of Mahatma Gandhi, but resign after having made all possible attempts to reach an honourable compromise
1940: Judicial Enquiry Committee starts recording statements and collecting evidences on the Sukkur riots during the Movement for Restoration of Masjid Manzilgah. This may kindly be noted that 109 statements were recorded
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
***************
6.5.1842:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل آئوٽرام کي لکيو ته ميرن جون من مستيون وڌي ويون آھن ۽ ھو اسان جي مفادن خلاف وڃي رهيا آھن. مان توڏي پنهنجئ صحيح سان خط ٿو موڪليان ۽ تون اهو ضرورت وقت کين پهچاء. [هن ميرن نالي جو خط لکيو آھي, ان ۾ ميرن کي ڌمڪيون ڏنيون اٿس ۽ ملڪ کسڻ جي ڳالھ ڪئي اٿس ۽ اهو لکيو اٿس ته ڪمپني حڪومت کي پنهنجي مخالفن سان وڙھڻ ۽ منھن ڏيڻ ايندو آھي]
6.5.1843:
جنگي قيدي ميرن مان اڄ مير نصير خان, مير صوبدار خان ۽ مير شھداد خان ممبئئ جي گورنر ڏانھن پنهنجا گزارش ناما موڪليا ۽ انھن ۾ شڪايت ڪيائون ته نيپيئر ۽ سندس فوجن هنن خلاف ظلم ۽ ڏاڍ جي بازار گرم ڪئي. فرنگين سندن وفاداري جي بي قدري ڪئي ۽ اڻ مئيو خزانو لٽيو. اسان کي جنگي قيدي بڻائي پرڏيه ۾ قيد ڪرڻ جو فرنگين وٽ ڪو جواز ڪونه هو. فرنگين اسان پرامن امن ساٿ ڏيندڙ ميرن سان فريب ڪيو آھي.
6.5.1857:
ممبئي سرڪار فيصلو ڪيو ته جيئن ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن (اسٽبلشمينٽ) جو انگ/تعداد ٻيڻو آھي, ان ڪري نه ته وڌيڪ ملازم رکيا ويندا ۽ نه وري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويندو
6.5.1927:
هڊسن, سنڌ جي ڪمشنر اڄ ڪراچئ ۾ مسلمانن جي ٻئي نمبر جيمخاني "دي ڪراچي مسلم جيمخانه" جو افتتاح ڪيو. ان تي 30927 روپيا خرچ آيو. مالي ساهتا ڪرڻ وارن ۾ حاجي عبدالله هارون, غلام علي چاڳلا, يوسف علي علوي, آغا عبدالغفور, عثمان صالح محمد, طيب علي مانڊيوالا, غلام علي مانڊيوالا ۽ خانبھادر عبدالستار جا نالا ذڪر لائق آھن. ڪراچئ ۾ مسلمانن جو پهريون جيمخانو بوهرن 1900 ۾ قائم ڪيو هو.
6.5.1931:
ڪراچئ ۾ مولانا محمد صادق کڏي واري جي صدارت ۾ مسلمانن جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ٺھراء پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته چونڊن لاء ھندن ۽ مسلمانن لاء الڳ الڳ تڪ نه ٺاهجن, پر گڏيل تڪن تان چونڊ ٿيڻ گهرجي. [هن جو مقصد اهو هو ته سنڌ کي مذھبي ڪئمپن ۾ ورهائڻ کان بچايو وڃي]
6.5.1940:
مسجد منزلگاه مامري تي ٿيل خوني فسادن جي جاچ ڪرڻ لاء جوڙيل "جڊيشل انڪواري ڪميٽئ" اڄ کان بيان ۽ شاهديون رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪيون. [هن ڪميٽئ سکر ۽ ڪراچئ ۾ ٻن مهينن ۾ 109 بيان رڪارڊ ڪيا هئا]
6.5.1947:
هندستان جي ورهاڱي کان ٽي مهينا اڳ گانڌئ ۽ جناح جي اڄ ملاقات ٿي, جيڪا جناح جي گهر تي ٿي. ان ۾ پاڪستان بابت ڳاله ٻوله ڪئي وئي ۽ اٿندي امن قائم ڪرڻ لاء گڏيل اپيل جاري ڪئي وئي. [مطلب ته لڏ پلاڻ کي ٺڪرايو ويو ۽ چيو ويو ته جو جتي آھي, اتي هوندو. مگر هر ڪا ڌر امن قائم ڪندي].
6.5.1961:
پارليامينٽ يا آئين ساز اسيمبلئ کان آئين ٺھرائڻ بدران سرڪار جسٽس شھاب الدين جي اڳواڻئ ۾ ”ڪانسٽيٽيوشن ڪميشن“ جوڙي هئي. اڄ انھئ ڪميشن صدر کي آئين ٺاهڻ لاء تجويزون ڏنيون.
6.5.1990:
ڪراچئ ڏانھن ايندڙ تيزگام ٽرين ۾ بم ڌماڪو ٿيو, جنهن ۾ يارنھن مسافر اڦٽ مري ويا ۽ ٽيتاليھ زخمي ٿي پيا.
**************
{6 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
6 مئي 1935ع مصور / آرٽسٽ ڀڳوان ڪپور(ڪراچي /هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
6 مئي 1935ع شاعر هاسارام پيڻا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
6 مئي 1941ع اديب گورڌن تنواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
6 مئي 1945ع شاعر محمد شريف طالب جو جنم ڏينهن آهي.
6 مئي 1953ع شاعر عابد شاهه عابد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
Subscribe to:
Posts (Atom)















