Wednesday, 10 June 2026

SINDH in history today (11th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {11th June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]*****SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {11th JUNE}**Dr.Pathan wishes you Good Day. [To depend upon others is not only an act of exploitation but, is some sort of denying of self-trust, worth & strength. It will compel to please others, and it is impossible to please any body. Dear! Please yourself and make others to depend upon you] ماٹھن جي محتاجئ بدران، بھتر پنھنجي من جي محتاجی . جي چاھین دوکن کان دل آجي، تہ سمجھ سور ۽ سر سلام جا.‏‎ ‎ ************ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {11th JUNE} EVENTS: 1917: In the election, Karachi Citizens' Association elects it following office - bearers: Harchandrai Vishindas (President), Wadhomal Udharam & Mir Ayub (V.Ps), Durgdas B.Advani & R.K.Sidhva (Hon.Secretaries), Dr.D.G.Advani (Public Health Incharge), Jeramdas Doulatram (Education Incharge). Jamshed Mehta, Abdul Rahman, G.G.Chagla, Framroze and seven others are taken as members of the Managing Committee. (Source: A Chronology of the British Sindh, compiled by Gul Hayat Institute) 1927: Harchandrai Vishindas while giving an interview to a representative of 'The Hindu' reiterates his opposition to the separation of Sindh from Bombay Presidency. Irony of fate is that he was the first Sindhi politician, who projected the idea of separation of Sindh from Bombay Presidency! (Source: Janab Guzaryam Jan Seen, by G.M.Syed) 1943: The Congress decides to contest the bye - election to the Frontier Assembly and the Peshawar Municipal elections. (Source: Indian Annual Register, Vol -1) 1948: Sindh Muslim League Council asks Assembly members and ministers to resign in protest, if, the Federal Govt. seems to be determined to separate Karachi from Sindh.. In real, it was a some sort of face-saving, Karachi stood snatched and no body resigned. (Source: Newspapers). !949: Tribal Confederation boycotts 'Baluchistan Advisory Committee' constituted by the Pakistan Government. (Source: Iibd) 1954: Arbab Abdul Ghafoor of NWFP Awami league is arrested under section 40 of the FCR. It is irony of fate that political leaders of NWEP, Sindh and Bengal (East Pakistan) got very tough time at early stage. (Source:Ibid) SINDHI TRANSLATION OF THE POST: ** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي سٽيزن ايسوسيئيشن جي ٿيل چونڊن ۾ هرچند راءِ وشنداس کي صدر، واڌو مل اڌارام کي نائب صدر، مير ايوب کي نائب صدر، درگداس بي آڏواڻي ۽ آر ڪي سڌوا کي اعزازي سيڪريٽري، ڊاڪٽر ڊي جي آڏواڻي کي پبلڪ هيلٿ انچارج، جئه رام داس دولترام کي تعليمي انچارج، جمشيد مهتا، عبدالرحمان، جي جي ڇاگلا ۽ ٻين ستن ڄڻن کي مئنيجنگ ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري ڇڏي ته اهي احتجاج طور استعيفا ڏئي ڇڏين، واضح رهي ته ڪراچي کي جڏهن وفاقي گادي وارو شهر بڻايو ويو ته ڪنهن به ان جي مخالفت نه ڪئي هئي. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي (خيبرپختونخوا) جي عوامي ليگ جي اڳواڻ ارباب عبدالغفور کي ايف سي آر قانون تحت گرفتار ڪيو ويو، واضح رهي ته سنڌ، اين ڊبليو ايف پي ۽ بنگال جي اڳواڻن خلاف ڪيتريون ئي ڪارروايون ٿينديون رهيون ۽ انهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. ** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل آصف نواز کي آرمي چيف ۽ جنرل شميم عالم کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جو چيئرمين نامزد ڪيو ويو. اعلان ڪيو ويو ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل مرزا اسلم بيگ هلندڙ سال 16 آگسٽ تي رٽائر ٿي ويندو. ** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي نيون ووٽر لسٽون جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت جو چوڻ هو ته ووٽر لسٽن ۾ وڏي گڙٻڙ آهي، وفاقي سرڪار ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس به جاري ڪيو ويو. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف ٽن صوبن جي اسيمبلين پاران رد ڪيل تڪراري منصوبي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نواز شريف قوم کي خطاب ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهي ٻيو مورچو فتح ڪنداسين، پ پ ، اين اين پي ۽ ٻين جماعتن سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته نواز شريف حڪومت ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ملڪ ٽوڙڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.هاڻي ننڍن صوبن کي پنجاب سان گڏ رهڻ يا نه رهڻ جو فيصلو ڪرڻو پوندو. جڏهن ته حڪومتي وزيرن وزيراعظم جي اعلان جو دفاع ڪيو. ** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر عبدالرازق خان مارجي ويو، عبدالرازق کي نيوچالي ٽريفڪ سگنل وٽ هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪيو هو، هو ڪيس اڪلائي گهر وڃي رهيو هو، حملي ۾ سندس ڊرائيور به مارجي ويو.رازق خان ٻه ڀيرا ايم پي اي رهيو، هن اٽڪل 30 سالن تائين سياست ڪئي. ************ اڄوڪي ڏينهن 11 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 11 جون 1919ع شاعر صوفي قربان علي “قربان” (بوزدار وڏا) جي پيدائش ٿي. 11 جون 1926ع ليکڪ ڪالا رائيسنگهاڻي (ڪراچي / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 جون 1935ع ليکڪ ميان غوث محمد گوهر پيرزادو (ڪوٽڙي ڪبير) جي پيدائش ٿي. 11 جون 1957ع ليکڪ جڳديش لاکياڻي جي پيدائش ٿي. 11 جون 1959ع شاعر سلطان احمد علوي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 جون 1978ع صحافي شهمير خان گاڏهي جي پيدائش ٿي. وڇوڙو: 11 جون 1982ع اداڪار سنتوش ڪمار (سيد موسى رضا) جو لاڏاڻو ٿيو. 11 جون 2011ع ناليواري ليکڪ، شاعر ۽ مصور طارق عالم ابڙوجو لاڏاڻو ٿيو

Tuesday, 9 June 2026

SINDH in history today (10th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {10th June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]*****SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {10th JUNE} Dr. Pathan wishes you Good Day. [ We are passing through an era of relationship that is to be kept and maintained unilaterally. You will never be recognized or accepted due to your experience & age, vision & wisdom and talents & potentialities. Because, everybody believes that only and only he/she is second to none in all these qualities, besides beauty. Hence, Ground Reality is that to what extent you are useful or of use for others] پاڻ رکي پيو پاڻ نڀائج هلي رشتن جو ايئن جهان, نہ تہ ڪم نہ دم دنيا کي هرڪو هتڙي خانئ خان پنهنجي مطلب غرض طمع ۾ ماڻھون هت مستان متان ڪرين ارمان, تہ ناهي قدر سرت سلام جو. ************* EVENTS: 1916: 'Sindh needs Autonomy' is the topic of lecture, followed by discussion, today. The NGO of Karachi, the Karachi Citizens' Association has arranged the program for creating political awareness and making minds to launch Movement for separation of Sindh from Bombay Presidency. Idea about separation was given by the British Commercial community, promoted by Hindu leader Harchandrai Vishindas and translated by Sindhi Muslim Upper class and rigorously opposed by Sindhi Hindus including Harchandrai Vishindas. (Source: various issues of the 'Kosid' and the 'Daily Gazette' & Dr.Pathan's 'Chronology'. 1949: Sindh Hari Committee decides to observe 'Mai Bhakhtawar Day' on 22th of June. (Source: Newspaper) 1970: 'Pakistan Muhajir Mahaz' is formed at Karachi with Aims & Objects to protect rights of Muhajiren in changing situation (Source: Newspapers) 1971: Soviet Premier call for creating conducive conditions for return of millions of Bengalis who have flooded into India (Source: leading Newspapers) 1972: President Bhutto offers to pull out from CENTO & SEATO immediately if India renounce’s her defense agreement with Soviet Union. (Ref:'Source-material on Bhutto family', compiled by Gul Hayat). 1974: Bangladesh, once part of Pakistan, becomes member of U.N.O. 1977: No any deadlock in talks. We are moving towards positive results, say PNA & PPP. Somewhere this positive approach is giving birth to a big even & move, that will take place within a month SINDHI TRANSLATION OF THE POST: .********* 10.6.1843: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سنڌ جي فرنگي گورنر کي تاڪيد ڪيو ته سنڌين کي هٿين خالي ۽ غير مسلح ڪيو وڃي ۽ ٻروچن کي سولجرن طور ڀرتي ڪيو وڃي ته جيئن غير سنڌي ۽ فرنگي راڄ جي واپارين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي وڃي. 10.6.1916: انگريزن جي ابتدائي ڏهاڙن ۾ سرڪاري ملازمن ۽ سماجي سڌارڪن کي سياست ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي. انھئ زماني ۾ سنڌ جون سماجي تنظيمون ماڻھن ۾ سياسي شعور پيدا ڪنديون هيون ۽ سرڪار کان سياسي نوعيت وارا مسئلا حل ڪرائڻ جا جتن ڪنديون هيون. شڪارپور, سکر, حيدرآباد ۽ ڪراچئ ۾ اهڙيون کوڙ سماجي تنظيمون هونديون هيون. اڄ ڪراچئ جي "ڪراچي سٽيزنس ائسوسيئيشن" پنهنجي پليٽفارم تان " سنڌ کي خودمختياري گهرجي" جي موضوع تي ليڪچر ڪرايو ته جيئن عوام ۾ سنڌ کي ممبئئ کان جدا ڪرڻ واري سوچ پيدا ڪئي وڃي. 10.6.1949: "سنڌ هاري ڪميٽئ" فيصلو ڪيو ته 22 جون تي وڏي پئماني تي "مائي بختاور جو ڏينھن" ملهايو ويندو. 10.6.1970: ڪراچئ ۾ ”پاڪستان مهاجر محاذ" جي نالي سان هڪ سياسي تنظيم جوڙي وئي ته جيئن انڊيا کان آيل پناهگيرن جي حقن جي نئين سياسي صورتحال مطابق حفاظت ڪئي وڃي. مطلب ته سنڌ يا پاڪستان جي سياست جي حصي ٿيڻ بدران پنهنجو الڳ سياسي تشخص قائم ڪيو وڃي. 10.6.1972: صدر ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته جيڪڏهن انڊيا روس سان دفاعي ٺاه تان هٿ کڻي ته پاڪستان "سينٽو" ۽ "سيٽو" معاهدن مان هٿ پٽي ويندو. 10.7.1977: پي.اين.اي ۽ پي.پي.پي وارا مطمعن آھن ته ملڪ ۾ ھاڻي ڪو جمود ڪونهي. صورتحال افهام و تفهيم ۽ بهترئ طرف وڌي رهي آھي. ** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سٽيزن ايسوسيئيشن طرفان ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو، جنهن ۾ مقررن ”سنڌ کي خودمختياري کپي“ جي عنوان تي ليڪچر ڏنا، اهو پروگرام عوام ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوٺايو ويو هو ۽ خاص طور تي سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ بابت عام راءِ ٺاهڻي هئي. ** 1967 ۾ اڄوڪي تاريخ تي وچ اوڀر ۾ جاري ويڙهه کي روڪيو ويو، اسرائيل گڏيل قومن جي مداخلت تي شام سان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، آخري ڇهن ڏينهن دوران اسرائيلي فوجين والاريل بيت المقدس جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو، اسرائيلي وزيراعظم شام سان جنگ کي صحيح قرار ڏنو، جڏهن ته روس ۽ گڏيل قومن مداخلت ڪري جنگبندي ڪرائي. ** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگلاديش کي گڏيل قومن جو ميمبر ملڪ بڻايو ويو، واضح رهي ته ان کان اڳ ۾ بنگال پاڪستان جو صوبو هو، آزادي بعد گڏيل قومن کيس الڳ ملڪ جي حيثيت سان تسليم ڪري ورتو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پيپلزپارٽي ۽ پي اين اي جي اڳواڻن ۾ جاري ڳالهين دوران اڳواڻن چيو ته ڪو به ڊيڊلاڪ ناهي، اسان جلد ڪنهن مثبت نتيجي تي پهچي وينداسين، واضح رهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار ۽ مخالف ڌر جي اتحاد پي اين اي وچ ۾ معاهدو ٿي ويو هو، وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرائڻ تي راضپو پڻ ظاهر ڪيو پر پوءِ به ڊڪٽيٽر ضياءُالحق جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. ** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج نظام الدين صديقي ڪراچي ۾ پٽ سميت مارجي ويو، ٻئي ڄڻا هاءِ ڪورٽ کان گهر اچي رهيا هئا ته گهر جي در تي موٽرسائيڪل سوارن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ اهي موقعي تي ئي مارجي ويا.نظام صديقي جسٽس ناصر اسلم زاهد جو ڀيڻويو هو. ** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڪور ڪمانڊر جي قافلي تي حملو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 اهلڪار شهيد ٿي ويا، ليفٽيننٽ جنرل احسن سليم حيات صبح جو آفيس وڃي رهيو هو ته ڪلفٽن پل وٽ سندس قافلي تي دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هو پاڻ محفوظ رهيو، آءِ ايس پي آر 10 اهلڪارن جي شهادت ۽ 13 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ************ {ڏينهن 10 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 10 جون 1894ع شاعر ۽ سياسي ڪارڪن ابو شوڪت حمزه جي پيدائش ٿي. 10 جون 1913ع شاعر گوهر سروري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 جون 1920ع شاعر تيرٿ پريتم هنڱوراڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1920ع شاعر ڪشنچند مسرور (جيڪب آباد / اندور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1924ع شاعر نارائڻ سمتاڻي (جوهي / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1925ع شاعر علي محمد خالدي (ٺٽو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 جون 1925ع شاعر رام معصومي (سنڌ / آگره) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1933ع ليکڪ عبدالڪريم لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1933ع موسيقي جي خدمتگار ڀڳت چيلا رام چاولاجو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1939ع گلوڪار سترام روهڙا (سکر / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1944ع شاعر کيمڻ مولائي جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1948ع شاعر هارون امرت جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 جون 1957ع گلوڪار اشوڪ شاولاڻي (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1962ع شاعر سڪندر علي خمار جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1963ع ليکڪ يونس جويو (آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1971ع ليکڪ ۽ صحافي اقرار پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 10 جون 1923ع سيد علي اڪبر ثاني (روهڙي) جو لاڏاڻو ٿيو. 10 جون 1975ع عبدالفتاح شاهه مجذوب جو لاڏاڻو ٿيو.

Monday, 8 June 2026

SINDH in history today (9th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]*****SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {9th JUNE} EVENTS: 1910: Prof. T.L.Vaswani leaves for Barlin to participate in 'World Congress of the Free Christianity and Religious progress'.

Saturday, 6 June 2026

SINDH in history today (7th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {7th June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]******EVENTS FROM HISTORY*********1858: Allah Rakhio and 24 others are killed by Umed Ali Chhuto and his comrades. Captain of Sindh police is directed by the Commissioner to ensure that they are captured. (Source: Sindh Commissioner’s letter No. 1429). 1910: The lodge of the Theosophical Society is chartered in Khairpur Mirs. Sardar Natha Sing becomes its founder president. (Source: The Report of the Theosophical Society ) 1918: His Majesty’s Minister at Panama, notifies that departure of on Parmanand Shewaram (Sindhi Hindu) from Colon to Cadiz on a Spanish steamer and describes him as VERY ANTI-BRITISH. It was reported that on arrival at Cadiz the man was seen to hand over some documents to the German Consul there. (Source: ‘Sour-Material on Sindhworkis’, compiled by Gul Hayat Institute). 1922: The services of the Newspaper of Sukkur, ‘Sindh Zamindar’ are lauded in the meetinh of Kazi Ahmad Aman Sabha. It is said that like Sindh Zamindar we must be voice of the Government and work effectively in combating Non-Co-Operation Movement. Diwan Teckchand Gurmukhdas and Sanwaldas are the leaders of local Aman Sabha. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1924: Bengal sets new example. Governor, on behalf of the Crown had dissolved Bengal Council. It was challenged in court by ministers. Today, the court grants injuction and it is declared in the judgment that Bengal Council shall stand prorogued. (Source: The Indian Annual Register, Voll-11, 1924) 1925: How to launch movement? Akalis set trend. Since last year they started their struggle for acceptance of political, social and religious demands. They sent Jatha (Group of volunteers) of 25 to Jaito, daily to participate in movement and prove their unity in streets and everywhere. Today, Gurdwara Bill is passed by the Punjab Council and prisoner Akalis are released. Hence agitation is withdrawn by Akalis. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1925). 1928: Shaikh Dr.Muhammad Alam presides over the Sindh Muslim Political Conference in Karachi. It is result of joint efforts of Sindhi Muslim Upper Class to introduce the issue of separation of Sindh at all India level. For this purpose president of Some Conferences were also brought from outside. This event was followed by four Azad Conferences, and they were held on 18th April, 1932 at Karachi; 15th November, 1932 at Hyderabad; 26th April, 1934 at Sukkur and 28th July, 1934 at Karachi. (Source: The India Annual Register, Vol-11, 1928/G.M.Syed’s book “Sindh Ji Bombay Khan Azadi’ and Gul Hayat Collection on the topic). 1938: Monin Jamiat is formed at Bihar. In its Conference, the resolution is passed condemning the Muslim League as trying to deprive the people of their rightful place and asserting that the Muslim League did not present them. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1938). 1943: An Appeal issued by G.M.Syed, the President of Sindh Muslim League is carried out by press. Sindhi Muslims are asked to observe ‘Local industry & trade promoting Day’ be observed on 16th of July. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1950: No any Muhajir has been sent to jail. It is propaganda to bring bad name to the Sindh Government, says Kazi Fazlullah, Chief Minister, Sindh. (Source: An interview with Kazi Sahib, by Dr.Pathan) 1956: Red Shirt Party is declared unlawful in West Pakistan. (Source: Notification of the Government of West Pakistan). 1977: Official Notification regarding the removal of Prime Minister and ministers from their position is issued. (Source: Newspapers). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: "سنڌ جي ترقئ ۽ تنزل جي واقعاتي تاريخ -(7جولاء)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ واقعا ] 7.7.1853 انگريز اسان جي اپر ڪلاس جي ماڻھن کي پنهنجي وفادار بنائڻ لاء جاگيرن ۽ زمينن ڏيڻ کي ڪتب آندو. جاگير ڏيڻ جا هنن وٽ ڪيترا قسم ۽ طريقا هوندا هئا. ڪي جاگيرون ليز طور تي به ڏنيون ويون. سيوهڻ جي سيد الله بخش شاه ۽ غلام شاه به جاگيرن لاء درخواستون ڏنيون. سيد غلام شاه وٽ اڳ جيڪا 50 جريب زمين ھئي, اها انگريز سرڪار بحال رکي. 7.7. 1857 سنڌ ۾ موجود فرنگي عملدارن مان ڪن جو خيال هو ته سنڌوء تي پل ٻڌرائجي, جيڪب ۽ سندس ٽولي جو خيال هو ته پل بدران شڪارپور کان ڪراچئ تائين لنڪ روڊ ٺھرائجي. فيصلو روڊ ٺاهڻ جو ٿيو. 7.7.1910 خيرپور ۾ ٿياسافيڪل لاج کولي وئي ۽ سردار ناٿاسنگ ان جو باني صدر ٿيو. ياد رهي ته شروعاتي ڏينھن ۾ غيرمسلم سنڌين ٿياسافئ ۽ ان جي تنظيم سازئ ۾ وڏو حصو ورتو. پوء جڏهن ان جي سياسي ونگ-هوم رول ليگ ٺھي ته مسلمان ۽ پارسي به ان ۾ شريڪ ٿيا. 7.7.1918 سنڌي هندو "سنڌ ورڪئ" جي نالي سان دنيا ۾ واپار سانگي پکڙجي ويا. پر جڏهن به کين موقعو مليو ته هنن انگريز-دشمن ملڪن ۽ تنظيمن جي مالي مدد به ڪئي ۽ انهن جو لٽريچر به مختلف ملڪن ۾ پهچايو. اڄ پاناما مان انگريز حڪومت کي خبر پهتي ته پرمانند شيوارام ڪولن مان هلي ڪارڊز ۾ جرمن ڪائونسل سان مليو آھي ۽ انهن پاڻ ۾ ڳجهن دستاويزن جي مٽا سٽا ڪئي آھي. آزادئ جي تحريڪ تي اسان منظم تحقيق ڪانه ڪئي آھي. هونء نه ته سنڌ ورڪين جي آزادئ وارئ تحريڪ ۾ ڪيل خدمتن تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. 7.7.1920 اڄوڪي "الوحيد" جي پرچي ۾ افغانستان جي تاجدار جو اعلان ڇپيو ته افغاني سنڌي مهاجرن جي ڀرپور مدد ۽ مهمان نوازي ڪن. اهڙن اعلانن سنڌي ماڻھن کي هجرت ڪرڻ لاء ھمتايو. پر افغان حڪومت خواه افغاني انگريزن جي دٻاء ۾ اچي سنڌي مهاجرن کان منھن مٽي ويا ۽ نتيجي ۾ سنڌين وڏو نقصان برداشت ڪيو. 7.7.1922 مسٽر پڪٿال جي صدارت ۾ سکر ۾ ٻن ڏينهن واري "خلافت ڪانفرنس" ٿي. مسٽر پڪٿال 1913 ۾ مسلمان ٿيو هو. هن ڪانفرس ۾ ھند ۽ سنڌ جي چوٽئ جي خلافتي اڳواڻن شرڪت ڪئي. 7.7.1922 قاضي احمد ۾ سرڪار-پرست پارٽي "امن سڀا" جو ميڙاڪو ٿيو. ديوان ٽيڪچند گرمکداس ۽ سانولداس پنهنجي تقريرن ۾ سکر جي اخبار "سنڌ زميندار" جي واکاڻ ڪئي ته اخبار سرڪاري وفادارئ کي عام ڪرڻ ۽ خلافتين خلاف باه ٻارڻ ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري رهي آھي. 7.7.1928 ڪراچئ ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد عالم جي صدارت ۾ “سنڌ مسلم پوليٽيڪل ڪانفرنس" ٿي. هن کان پوء سنڌ ۾ چار “سنڌ آزاد ڪانفرنسون" ٿيون. پهرين 18 اپريل 1932 تي ڪراچئ ۾, ٻي 15 نومبر 1932 تي حيدرآباد ۾, ٽين 26 اپريل 1934 تي سکر ۾, چوٿين 28 جولاء 1934 تي ڪراچئ ۾. انھن ڪانفرنسن سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ لاء ماحول جوڙيو. 7.7.1938 بهار ۾ ٿيل "مومن/ميمڻ جماعت" جي ڪانفرنس ۾ ٺھراء پاس ڪري مسلم ليگ تي شديد تنقيد ڪئي وئي ته اها پارٽي پنهنجي مفادن ڪري مسلمانن جي جذبن سان کيڏي رهي آهي. ! هاڻي وري پاڻ وٽ بهارين جون ڳالهيون ٻڌو!!! 7.7.1950 "سنڌ ۾ ڪنهن هڪ به پناهگير کي جيل نه موڪليو ويو آھي. انھن مان ڪي حڪومت کي بدنام ڪرڻ لاء اهڙيون بي بنياد ڳالهيون ٿا ڪن"- سنڌ جي چيف منسٽر قاضي فضل الله طرفان ڏنل صفائي. [جنم ]: 7 جولاءِ 1889ع سنڌ جي اڳوڻي وزير ۽ آزاديء جي ويڙهه جي اڳواڻ شيخ عبد المجيد سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1899ع اسڪالر لال سنگهه اجواڻي (خيرپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1909ع ليکڪ تيرٿ وسنت(خيرپور/ دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1937ع ڪهاڻيڪار ۽ دراما نگار علي بابا جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1940ع نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار علي بابا جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1942ع گلوڪار ليلو جهانگياڻي (ڪراچي / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1942ع ليکڪ ايشور ڀارتي(ٽنڊو آدم) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1943ع شاعر ۽ گلوڪار موتي رام سائل (سنڌ / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1947ع ليکڪ شوڪت راهي جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1947ع قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1949ع ليکڪ ڍولڻ راهي جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1949ع صحافي مشتاق علي ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1961ع گلوڪار رحمان مغل (سرمد سنڌي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جولاءِ 1981ع ڪرڪيٽر مهندرا سنگهه ڌونيجو جنم ڏينهن آهي. [وفاتون]: 7 جولاءِ 1825ع سيد رستم علي بکري جو لاڏاڻو ٿيو. 7 جولاءِ 1846ع سنڌ جي اڳوڻي ٽالپر حڪمران مير صوبدار خان ٽالپر جو انتقال ٿيو. 7 جولاءِ 1950ع اسڪالر ۽ ليکڪ ڪاڪو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ديهانت ڪري ويو. 7 جولاءِ 1973ع ليکڪ چوهڙ مل هندوجا ديهانت ڪري ويو. 7 جولاءِ 1986ع لوڪ گلوڪاره مائي ڀاڳي لاڏاڻو ڪري وئي. 7 جولاءِ 2000ع شاعر ۽ اديب نثار بزميءَجو لاڏاڻو ٿيو. 7 جولاءِ 2005ع اڳوڻو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ليبر مير نور احمد ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو. 7 جولاءِ 2007ع شاعر اميد خيرپوري لاڏاڻو ڪري ويو. 7 جولاءِ 2012ع صحافي ۽ شاعر ارشاد گلاباڻي جي وفات ٿي.

Friday, 5 June 2026

SINDH in history today (6th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {6th June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]********Dr.Pathan wishes you Good Day. [When religious, cultural and social values are interpreted and followed in self-interest, they become hide outs for criminal minded people besides, mere traditions to abide by with more spirit, enthusiasms & importance than religious, cultural and social duties. In such a situation, rights of love & beauty and peace & progress and sources & resources are monopolized for particular Class and Mind] دین ۽ دنیا سان جي ھیري ڦیري، پوء اسان جي دل ميري اک میري، سوچ ۽ سندرتا ۽ انسانيت بدران، پوء قدر ۽ نظریا ۽ اصول ڍیري، ماڻھو ٿئي ویری ,سرت سلام جو *********** SINDH IN HISTORY TODAY {6th JUNE} EVENTS: 1942: Martial Law was imposed in eastern part of Sindh to curb Hur Movement on 1st of June 1942, and Sindh Press started opposing this act of high handed ness besides advising people to avoid un-due differences with martial law authorities. Monthly ‘Touheed’, Karachi, edited by Moulana Din Muhammad Wafai has touched the matter in course of its editorial, today. 1955: The Egyptian Minister Colonel Anwar Sadat arrives in Karachi to join with Prince Masaud of Arabia in helping to resolve Pakistan-Afghanistan problems. 1956: The survey of property-less Indian Muslim migrants starts so as to help them in accordingly. 1969: Martial law authorities of West Pakistan releases students arrested and convicted recently. Most of released students were from Hyderabad and Rawalpindi. 1977: Two hundred forty one people were killed and more than 1195 in anti-PPP Government movement launched by PNA. SINDHI TRANSLATION OF THE POST: تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ سنڌ جي اوڀر وارن علائقن ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ته، انهيءَ عمل کي سنڌي پريس پنهنجي شمارن ۾ تنقيد جو نشانو بڻايو، ماهوار توحيد ڪراچي پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ انهيءَ معاملي تي تفصيلي لکيو، توحيد جو ايڊيٽر مولانا دين محمد وفائي هو، جڏهن ته ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ مارشل لا لاڳو ڪرڻ خلاف لکيو ويو. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مصر جو وزير ڪرنل انور سادات ڪراچي پهتو، جتي سعودي عرب جو شهزادو مسعود پهتل هو، ڪراچي ۾ ٻنهي عرب اڳواڻن جي اچڻ جو مقصد پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ هلندڙ تڪرار کي ختم ڪرائڻ هو. ** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان مان لڏي آيل مهاجرن کي ملڪيتون فراهم ڪرڻ ۽ ٻي مالي مدد ڪرڻ لاءِ هڪ سروي شروع ڪرائي وئي، جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته ڪيترن پناهگيرن وٽ اڃا تائين ملڪيتون ناهن. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان ۾ مارشل لا لڳائيندڙ اختيارين گرفتار ڪيل شاگردن کي آزاد ڪري ڇڏيو، جن ۾ گهڻن شاگردن جو تعلق راولپنڊي ۽ حيدرآباد سان هو. ** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي جنگي جهازن پاڪستاني فوجي تنصيبات تي حملا شروع ڪري ڏنا، ان دوران پاڪستاني ميزائل ريڊار سسٽم کي جام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ڪري ٻنهي ملڪن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ڀارتي فوج آزاد ڪشمير ۾ ڪجهه ڏينهن پهرين به حملو ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪ فوج جا جوان شهيد ٿيا هئا، پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي جنگي جهازن کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي، موثر جواب ڏيڻ تي جهاز واپس هليا ويا. هوڏانهن پاڪ ڀارت ۾ لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ مختلف ملڪن ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. ** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۽ لاهور ۾ بم ڌماڪا ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا، 4 زخمي ٿي پيا، ڪراچي ۾ گرو مندر واري علائقي ۾ ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ شهرين ۾ خوف ڦهلجي ويو. ** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسرائيل فوج فلسطيني سربراهه جي هيڊڪوارٽر ۽ رهائشگاهه تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ ياسر عرفات محفوظ رهيو، جڏهن ته سندس ٻه محافظ شهيد ٿي ويا.ياسر عرفات جي آرام وارو ڪمرو حملي ۾ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. عرفات جو چوڻ هو ته ڪمري ۾ نه هجڻ سبب بچي ويس. ************ اڄوڪي ڏينهن 6 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 6 جون 1894ع مذهبي اسڪالر مولانا جان محمد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 جون 1901ع هاري اڳواڻ ڪامريڊ علي محمد عباسي (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 جون 1905ع تعليمدان ڊاڪٽر غلام حسين جعفري جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1929ع باليووڊ اداڪار سنيل دت جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 جون 1932ع صحافي غلام حسين کوکر جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1940ع ليکڪ غياث جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1947ع صحافي الله ڏنو جمالي جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1948ع شاعر طالب چوڌري جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1948ع گلوڪاره ڪوشيلا ڪرپاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1948ع شاعر هدايت بلوچ (احمدپور ضلع خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1950ع ليکڪ بشير احمد ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1953ع شاعر فدا ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1970ع ليکڪا منور سلطانه قريشي جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1970ع شاعر مراد ڏاهري (دولتپور صفن) جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1985ع ليکڪا روبينه چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 6 جون 1818ع بزرگ سيد محمد شاهه راشدي جي وفات ٿي. 6 جون 1959ع فريڊم فائيٽر حاجي عبدالڪريم خلافتي جو لاڏاڻو ٿيو. 6 جون 1969ع مولانا احمد الدين ڪيهر جو انتقال ٿيو. 6 جون 1994ع شاعر ۽ پبلشر اسحاق راهي جي وفات ٿي.

Thursday, 4 June 2026

SINDH in history today (5th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {5th June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]********* Dr.Pathan wishes you Good Day. [When religious, cultural and social values are interpreted and followed in self-interest, they become hide outs for criminal minded people besides, mere traditions to abide by with more spirit, enthusiasms & importance than religious, cultural and social duties. In such a situation, rights of love & beauty and peace & progress and sources & resources are monopolized for particular Class and Mind] دین ۽ دنیا سان جي ھیري ڦیري، پوء اسان جي دل ميري اک میري، سوچ ۽ سندرتا ۽ انسانيت بدران، پوء قدر ۽ نظریا ۽ اصول ڍیري، ماڻھو ٿئي ویری ,سرت سلام جو ************* SINDH IN HISTORY TODAY (5th June) By. Dr. Dur Muhammad Pathan EVENTS: 1838: Colonel Pottenger writes to Mir Rustam Khan informing him that Government of India will not make any application to Maharaja Ranjeetsing for restoration of Muzaree district and Rojhan until Moulvi Naseeruddin was seized and his followers driven out of Sindh. 1916: The meeting of the ‘Karachi Citizens’ Association’ is hold to chalk out annual schedule of its activities. It is also decided to raise ‘ Gokhale Memorial Fund’. 1945: The Council of the Sindh Muslm League passes resolution urging the All-India Muslim League to revise its policy and transfer control of the Assembly Party from the Central Parliamentary Board to the Provincial leagues. 1947: The Viceroy of India invites seven leaders and discuss with them the setting up of a ‘Partition Committee’. 1950: Nine members of PNEC resign in protest and demand resignation of Pir Ali Muhammad Shah Rashdi as its chairman. 1954: Five hundred thirty two politicians and political activists are arrested in East Pakistan. This action is followed by soon after the imposition of the Governor rule. 1959: Pakistan and Iran exchange instruments of ratification on the boundary agreement. 1960: Fatima Jinnah demands constitution for the country. We must not set an example of a nation without constitution, she says. 1970: Shaikh Mujeeb is elected as the President of Wast Pakistan Awami League. The stage is set for a big change. 1973: International Court of Justice takes up case of transfer of POWs and India boycotts the proceedings. 1977: Curfew is withdrawn from Karachi and Hyderabad. Both cities played anti-PPP role and indicated big division of hearts and minds. 1989: Pakistan mourns the death of the greatest revolutionary leader of our times- Imam Khumeni of Iran. 1992: A Contingent of Pakistan Army, led by Major Arshad Janil, raided the village of Tando Bahawal, on the outskirts of Hyderabad, kidnapped 9 Sindhi villagers and later shot them, on the bank of the Indus River near Jamshoro. SINDHI TRANSLATION OF THE POST: ******** آئون ٽالپورن جي دور کان وٺي ويندي موجوده دور تائين واقعن, افراد ۽ ادارن (پارٽين/ جماعتن/تنظيمن) بابت اها معلومات فراهم ڪندو اچان ٿو, جيڪا اڳ ڪتابن ۾ ڪانه آئي آھي ۽ جيڪا اهم هجڻ ڪري اسان جي ذھنن جا در به کڙڪائي ٿي. *.تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڌارين سدائين پنهنجي مفادن خاطر دوستئ جو ڍونگ رچايو. مدد جا دلاسا ڏنا, پر مدد نه ڪيائون. * تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسان جي حاڪمن اختيار جي لٺ سان سياسي حريفن جا مٿا ته ڦاڙيا, پر ان کي معاشري بدلائڻ لاء ڪم نه آندو. * تاريخ ٻڌائي ٿي ته تاريخ جي نظرن ۾ "ورهاڱي" ۽ ”آزادئ" جو مطلب ۽ فرق ٻه الڳ اصطلاح آھن. انھئ روشنئ ۾ اسان ڪهڙي منزل ماڻي آھي؟ انھن ڳالهين جون شاهديون ۽ ثابتيون هن ”واقعاتي تاريخ“ ۾ آھن. سنڌ کي سياسي ۽ قومي حوالي سان شخصيت-پرستئ ۽ قبر-پرستئ کان بچايو. اڄوڪئ تاريخ جي حوالي سان ڪي واقعا هي آهن: 5.6.1838 پاٽينجر اڄ خط لکي مير رستم خان اڳيان شرط رکيو ته جيسيتائين اوهان مولوي نصيرالدين کي گرفتار نه ٿا ڪريو ۽ سندس پوئلڳن کي سنڌ مان نه ٿا تڙيو, ان وقت تائين اسان رنجيت سنگ کي روجهاڻ واري پرڳڻي ڦٻائڻ کان ڪونه جهلينداسين. 5.6.1838 *. رنجيت سنگ جي ديوان جي پاٽينجر سان ملاقات ٿي. کيس رنجيت سنگ لاء خط ۽ سوکڙيون ڏنيون ويون. * مير صوبدار خان ۽ مير شير محمد خان کي ڪمپني حڪومت طرفان منظور ڪيل معاهدا ڏنا ويا. 5.6.1945 آل انڊيا مسلم ليگ پارٽئ جي گرفت مضبوط رکڻ لاء صوبن جي مسلم ليگ ميمبرن کي سڌو سينٽرل پارليامينٽري بورڊ ھيٺ رکيو هو. اڄ سنڌ مسلم ليگ جي ڪائونسل ٺهراء پاس ڪري آل انڊيا مسلم ليگ کي گذارش ڪئي ته اهو ڪنٽرول صوبائي مسلم ليگ حوالي ڪريو. 5.6.1947 هندستان جي وائسراء دعوت ڏئي ستن مکيه سياستدانن کي گهرائي هن سان "ورهاڱي واري ڪميٽي" ٺاهڻ بابت ڳالھ ڪئي. 5.6.1954 اوڀر پاڪستان ۾ 532 سياستدان ۽ ورڪر گرفتار ڪيا ويا ۽ اهڙي قدم کڻڻ کان ڪجھ وقت پوء اتي صدارتي راڄ لاڳو ڪيو ويو. 5.6.1977 پي اين اي وارن سان ڳالهين جي ماحول کي سازگار بنائڻ لاء ڀٽي حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد مان ڪرفيو هٽايو. 5. 6. 1992 ٽنڊي بهاول تي ميجر ارشد جي اڳواڻئ ۾ ڦوجي جٿي حملو ڪري 9 ڳوٺاڻن کي ٻڌي کڻي, کين دراه ڪپ تي بي گناه ماريو ويو۔ {5 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 5 جون 1907ع بزرگ محمد اڪرم پيرزادو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 جون 1925ع ليکڪ ۽ صحافت سان تعلق رکندڙ علي نواز وفائي (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 جون 1954ع شاعر فيض احمد فيض دايو جو جنم ڏينهن آهي. 5 جون 1955ع اداڪار گرمک موٽواڻي (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جون 1957ع صحافي عبدالشڪور نظاماڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جون 1965ع صحافي ديدار سيال (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جون 1979ع صحافي مشتاق سرڪي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 5 جون 1942ع مشهور لوڪ ڳائڻي جيوڻي ٻائئ جي وفات ٿي. 5 جون 2000ع تي بزرگ پير احمد شاهه ذاڪري(سڪرنڊ) جو لاڏاڻو ٿيو

Wednesday, 3 June 2026

SINDH in history today (4th June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {4th June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]*****Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Do you know why I love and respect you? It is because of your wonderful behaviour and attitude. You are committed, determined and dedicated. You always do, what you say. You accept and apply what your learn. You understand, what you listen. You are not teacher, but preacher and pomotor of sincerity, selfnessless and sacrifice. You work for love, beauty and peace for all. Really you are my beloved, you are my ideal and role-model for all] تون پڙھين تون پرجهين پڙھڻ ڪڙھڻ چوڻ ڪرڻ آھي اتم تنهنجي هير, ڪرين متاثر علم عقل سونهن سان تو جيها ڪٿ مانجهي مڙس مٿير؟ سيکارين سسيون دليون ڏيڻ سرت صبر سان تون دودا دولھ دلير, اهو ئي چاهين تہ پيو سدا لاهين جي آھن ماڻھن جي من اندر جا مير, قر ب پيار خلوص سان ۽ ڀرين وفا ۽ ايثارسان سڀ سان تون پير, ڪرين نہ ڪائي اوير, سارين سوير سرت سونهن امن سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {4th JUNE} EVENTS: 1843: The Government of India approves the plan of Sindh Governor, Chales Napier regarding re-opening the ancient communications between the Indus and Nara. 1857: The Government of Bombay allows Sindh Commissioner to provide accommodation to Port Officer at Manora. 1924: A big public meeting and party meeting of Sindh Jamiat-Ul-Ulema is held at Sukkur with Moulana Taj Mahood Amroti in chair. 1936: Sindh Labour Party is formed at Karachi and Dr.Tarachand Lalwani is elected its president. 1939: Sj.Subhas Chandra Bose, addressing the Pabna District Political Conference at Hetampur says that the Forward Block in Congress is the product of historical necessity and it has been born at the right time and in the proper manner. If this task had been postponed or delayed, the internal crisis of the Congress Party might have appeared at a time when the external crisis was overtaking us. 1947: The Working Committee of the All-India Muslim League discusses and accepts the plan fot the transfer of power. 1948: Khan Abdul Ghaffar is arrested and the Government justifies its action against Hussain Shaheed Sahawardi on the plea that he wanted to include East and West Bengal in Indian Union. 1949: Punjab Communist Party demands Government not to support Burma. 1955: Major General Iskandar Mirza, Interior Minister, joins Pakistan Muslim League. 1960: Moula Bux Soomro is disqualified to take part in politics for six years. 1963: Therhi, the village in Khairpur witness terrible clashes between two rival religious groups. Sixty six are injured and some number is killed. 1968: National Assembly adopts ‘Ex-States’ Nawabs’ Pension Bill’. Ex-Ruler of Khairpur to get Rs.100000 Annual pension. 1970: Mumtaz Doultana believes that some political parties of Pakistan are getting foreign financial support and he demands action against them. 1972: Thirteen prisoners are killed and more 35 injured in police firing in Sukkur Central Jail. SINDHI TRANSLATION OF THE POST: هر ڪو ڏينھن اهڙن واقعن سان ڀريو پيو آھي, جيڪي اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. مثال ٽالپورن جي دور ۾ ڌارين/ فرنگين ميرن کان ٻيٽ ۽ شھر ڦريا ۽ سنڌ جا حصا ڪري ڪي پنهنجن دوستن کي ڏنا. جيئن بهاولپور جي نواب کي ڀنگ ڀاڙا ڏنائون. تاريخ اسان کي هوشيار ڪري ٿي ته ڌارين/دشمنن کان پاڻ بچائجو ۽ سنڌ بچائجو. تاريخ اسان کي اهو به ٻڌائي ٿي سنڌواسين ماضئ ۾, خاص طور تي 1936 کان پوء سياسي پارٽين ٺاهڻ ۾ ھڪ ٻئي سان مقابلو ڪيو ۽ گوء ڪئي. پوء گهڻين پارٽين عوام کي منجهائي ڇڏيو. انھن ڳالهين جون شاهديون اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ موجود آھن. جن واقعن جي پس منظر ۽ پيش منظر تي تفصيل سان ڳالهايو اٿم, انهن مان ڪي هي آهن: 4.6.1840 ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل پنهنجي سنڌ واري پوليٽيڪل ايجنٽ پاٽينجر کي لکيو ته حيدرآباد واري مير نصير خان ۽ خيرپور واري مير رستم خان جا رويا ۽ انداز چيڙائڻ جهڙا آھن. اسان کي سکر ۽ بکر تي گرفت رکڻي پوندي ۽ بهاولپور واري خان کي خيرپور رياست مان پرڳڻو ڏيڻو پوندو. ان سان هڪ دوست مضبوط ۽ خوش ٿيندو ۽ مير ڪمزور ٿيندا. 4.6.1843: قديم زماني ۾ ناري ۽ سنڌوندئ وچ ۾ آبي آمدرفت ٿيندي هئي. فرنگي حڪومت انھئ کي ٻيهر کولڻ لاء سنڌ جي گورنر جي تجويز تي سوچڻ ۽ مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عمر ڪوٽ تائين پاڻي پهچائڻ کي انھئ منصوبي جو حصو بڻايو. 4.6.1924: سکر ۾ ”جميعت العلماء“ طرفان وڏو سياسي جلسو ٿيو, جنهن جي صدارت مولانا تاج محمود امروٽئ ڪئي. ياد ته ”خلافت تحريڪ" جي غير فعال ٿيڻ کان پوء ”جميعت العلماء“ ديني عالمن جي مقبول پارٽي بڻجي وئي ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري, حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ ۽ مولانا دين محمد وفائئ ۽ مولانا تاج محمود امروٽئ هن پارٽئ کي مقبول بڻايو. 4.6.1936 ڊاڪٽر تاراچند لالواڻئ جي ڪوششن سان اڄ ڪراچئ ۾ ”سنڌ ليبر پارٽي" ٺاهي وئي. سنڌ جي ممبئي کان الڳ ٿيڻ کان پوء سنڌ ۾ نئين سر سياسي صفبندي ٿي. ھن پارٽئ جو قيام به انھئ سلسلي جي ڪڙي آھي. 4.6.1955 اسڪندر مرزا هن کان اڳ وڏي فوجي رتبي جو ملڪ هو, ان کان سواء ملڪ جو گهرو معاملن وارو وزير به ٿيو. اڄ وري پاڪستان مسلم ليگ ۾ به شامل ٿيو. مطلب سڀ دڳ جهلي بيهڻا آھن ۽ ڪنھن کي وٿي ڏيڻي ناهي. 4.6.1960: پاڪستان ٺهڻ کان وٺي, پندرهن ويهن سالن ۾ سنڌ جي سياستدانن جي وڏي تعداد انڪوارئ, نااهلئ يا جيل جي سزا ماڻي. اڄ ايبڊو هيٺ مولابخش سومري کي ڇھ سال سياست کان نااهل ڪيو ويو. 4.6.1963 خيرپور جي تاريخ ۾ اڄ ھڪ ڪاري ڏينھن جو اضافو ٿيو. ٺيڙھئ ۾ مسلمان مسلمانن سان وڙھيا. خون به ٿيا ۽ کوڙ زخمي به ٿيا. سنڌ ۾ سني شيعي اختلاف ۽ جهيڙي جو هي وڏو واقعو هو. 4.6.1969: انڊيا ۽ پاڪستان رڻ ڪڇ جي وارثئ تي جنگي چڪريون کاڌيون ۽ پوء بين الاقوامي مصالحتي ڪوششن جي نتيجي ۾ مامرو حل ٿيو. اڄ ٻنھي ملڪن وچ ۾ رڻ ڪڇ جي نقشي تي دستخط ڪيا ويا. 4.6.1970 پنجاب جي مشهور سياستدان دولتانه چئي ٿو ڏئي ته پاڪستان جي ڪيترين سياسي پارٽين کي ٻاهرين ملڪن مان مالي مدد ملندي آھي. 4.6.1972: سکر جيل ۾ قيدين ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙو ٿيو. 13 قيدي مري ويا ۽ 35 ڦٽي ٿيا. 4.6.2009: سنڌي ادبي سنگت, عوامي تحريڪ ۽ ٻين تنظيمن ڪٿي گڏجي ته ڪٿي الڳ الڳ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪارئ خلاف جلوس ڪڍيا. 4 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون [جنم ڏينهن:] 4 جون 1906ع ليکڪ دادا تيرٿ داس هوتچند واڌواڻئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جون 1936ع گلوڪار ڄيٺالال نريش (ڪراچي / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جون 1942ع سماج سڌارڪ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 4 جون 1954ع ليکڪ ۽ اداڪار ارباب ڇڄڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 4 جون 1947ع صوفي شاعر ڀائي ڌرمداس جي ديهانت ٿي. 4 جون 1999ع ليکڪ ڪمال الدين سولنگي جو لاڏاڻو ٿيو

Tuesday, 2 June 2026

SINDH in history today (3rd May). By. dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {3rd June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]******Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Do you know why I love and respect you? It is because of your wonderful behaviour and attitude. You are committed, determined and dedicated. You always do, what you say. You accept and apply what your learn. You understand, what you listen. You are not teacher, but preacher and pomotor of sincerity, selfnessless and sacrifice. You work for love, beauty and peace for all. Really you are my beloved, you are my ideal and role-model for all] تون پڙھين تون پرجهين پڙھڻ ڪڙھڻ چوڻ ڪرڻ آھي اتم تنهنجي هير, ڪرين متاثر علم عقل سونهن سان تو جيها ڪٿ مانجهي مڙس مٿير؟ سيکارين سسيون دليون ڏيڻ سرت صبر سان تون دودا دولھ دلير, اهو ئي چاهين تہ پيو سدا لاهين جي آھن ماڻھن جي من اندر جا مير, قر ب پيار خلوص سان ۽ ڀرين وفا ۽ ايثارسان سڀ سان تون پير, ڪرين نہ ڪائي اوير, سارين سوير سرت سونهن امن سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{3rd June} EVENT: 1936: Lahore merchants express their apprehension about Pandit Nehru’s Socialist doctrine and vainly endeavoured to persuade him that his propengada is inopportane. 1947: The Transfer of power plan is accepted by big parties and their leaders. It is announced and broadcasted by All-India Radio. 1948: It is beginning of unique era and provinces those took part in the Pakistan Movement are mishandeled politically. Ex-Premier of the United Bengal, Hussain ShaheedSarwardi is arrested. Investigations into 56 allegations leveled against Ex-Chief Minister of Sindh, Muhammad AyubKhuhro are started. 1949: Now Pakistan has its onw currency, therefore the coin of One Rupee of united India will not be curreny more in the country. 1956: PMAs of the West Pakistan Assembly to get Rs.300 per month as allowance. 1963: Two killed in Lahore riots, military is called to maintain law and order situation. 1970: Stage is set to abolish ‘One-Unit’. Government completes its paper work. 1971: Ayub is responsible to create critical conditions in East Pakistan with the result that people were pushed to anti-Pakistan camp. Says Z.A.Bhutto. 1977: PNA & PPP Government talks start. Section 144 is withdrawn and leaders are released. SINDHI TRANSLATION OF THE POST: **** 3.6.1839: ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل پنهنجي سيڪريٽرئ هٿان ايسٽ وڪ کي هدايت ڪري ٿو ته تون مير رستم علي خان ۽ مير مبارڪ خان کي شاه شجاع کي ڏن ڏيڻ بابت پنهنجي طرفان اها پڪ نه ڏي ته هو ڏن ڏيندا ته شاه شجاع سندن ملڪ يا ملڪ جي حصي جي وارثئ تان هٿ کڻندو. سڄو مامرو پوليٽيڪل اسسٽنٽ کي طئي ڪرڻ ڏي. هو ئي اسان جي هدايتن مطابق انھن ٻنھي ميرن کان ڏن گهرندو ۽ انھن کي شاه شجاع جي حڪمت عملي ٻڌائيندو. 3.6.1852: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر جي گذارش مڃي ۽ اجازت ڏني ته ڪراچئ کان جيڪب آباد تائين روڊ ٺھرايو وڃي. [ذھن ۾ رکڻ جي ڳالھ اها آھي ته فرنگين جو سنڌ جي ترقئ لاء ڪو هنيانء ڪونه پيو ڦاٽي. هنن کي پرماريت جي اصول تي قائم ٿيل حڪومت کي بچائڻ لاء پنهنجئ فوج کي ڪن هنڌن تي تڪڙي پهچائڻ لاء روڊ رستا ٺھرائڻا هئا. 3.6.1944: منوهرداس ڪوڙومل جي صدارت هيٺ ڪراچئ جي شرناگتي هال ۾ ليکڪن جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ ڏيارام وسڻ مل, سوڀراج فانئ, آسانند مامتورا, ڄيٺمل پرسرام ۽ نوجوان شاگرد ليکڪن مان امر ٻڌاڻي, پريم جوتسنگ ۽ ڀڳوان ٿڌاڻئ شرڪت ڪئي. انھئ گڏجاڻئ ۾ ”سنڌو ساهت ڪلب" نالي ادبي تنظيم ٺاهي وئي ته جيئن وڏين شخصيتن جا ڏينھن ملهائجن ۽ ادبي موضوعن تي ليڪچر ڪرائجن. 3.6.1947: گڏيل هندستان جي وڏين سياسي پارٽين "اقتدار منتقل ڪرڻ وارو برطانوي منصوبو" قبول ڪيو. 3.6.1948: پاڪستان قائم ٿئي کي هڪ سال به ڪونه ٿيو جو جن صوبن ۽ شخصيتن پاڪستان تحريڪ ۾ مثالي ڪم ڪيو, تن خلاف وٽ پڪڙ شروع ٿي. سنڌ جي سابق وڏي وزير محمد ايوب کهڙي ۽ يونائيٽيڊ بنگال جي سابق وڏي وزير حسين شھيد سهروردئ خلاف سخت قدم کنيا ويا ۽ انڪواريون شروع ڪرايون ويون. اڄ سهروردئ کي ٻڌو ويو ته مٿس 56 الزام هڻي انڪواري ويهاري وئي. 3.6.1959: اولھ پاڪستان جي گورنر جاچ-ڪميٽي جوڙي ته جيئن اها سابق وزيرن ۽ ميمبرن طرفان ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪري. اقتدار ڌڻين کي مخالف سياستدانن کي سوڙھي ۽ بڇڙي ڪرڻ کان سواء جهڙوڪ ٻيو ڪم هئو ئي ڪونه. 3.6.1975: سنڌ ۾ ٻوڏ وڏي تباهي آندي. اڄ دهشت ڀريئي درياه ڪيترا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا. 3.6.1977: ملڪ مان 144 قلم ھٽايو ويو ۽ مخالف ڌر/پي.اين.اي جي ٻڌل ماڻھن کي آزاد ڪيو ويو ۽ انهئ ماحول ۾ ڀٽي جي حڪومت ۽ مخالفن وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيون. *************** {3 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 3 جون 1903ع شاعر سامي امرتراءِ جئي سنگهاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جون 1908ع صحافي ۽ ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جون 1931ع شاعر اسماعيل بن واصف (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 3 جون 1939ع ليکڪ آغا شهاب الدينجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جون 1952ع شاعر شمس الدين صابر جو جنم ڏينهن آهي. 3 جون 1953ع ليکڪ قاضي قمر (رتوديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جون 1954ع شاعر دين محمد دينل (باڊهه) جو جنم ڏينهن آهي. 3 جون 1959ع سياستدان زاهد علي ڀرڳڙي (حيدر آباد)جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 3 جون 1862ع اسڪالر آخوند محمد بچل جو لاڏاڻو ٿيو. 3 جون 1948ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد سليمان واعظ جو لاڏاڻو ٿيو. 3 جون 1982ع شاعر، محقق ۽ استاد ڊاڪٽر عطا محمد حامي(خيرپور) وفات ڪري ويو. 3 جون 1989ع مذهبي اڳواڻ ۽ انقلابِ ايران جي رهنما آيت الله خمينئ جو لاڏاڻو ٿيو. 3 جون 1998ع سگهڙ محمد ملوڪ عباسئ جو انتقال ٿيو. 3 جون 2003ع اداڪار، هدايتڪار ۽ شاعر نياز ڀٽو کي قتل ڪيو ويو. 3 جون 2005ع راڳي ٻڍو فقير انتقال ڪري ويو

Monday, 1 June 2026

SINDH in history today (2nd June). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

*SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {2nd June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]*******Dr. Pathan wishes you Good Day. [ We are living in a Society of Wandering Souls with divided hearts & minds. Some are wounded by their own doubts and some are betrayed because of their trust. Some are interest-oriented and some are selfless. Some hate love and some hate hatred & discrimination. I aspire, need and strive for beauty and peace in such a situation. And you? ] ڪي شڪ ھتي ماریا تہ ڪي پڪ اڦٽ ھت ماریا، ڪي مطلب پرست جھان ۾ سورن گھٹو سنواریا، ڪي پري رھي پاڻ کان پوء سمجهن سڀئي ڌاریا، ڪي واھڙ وھائن محبت جا هجن گرمیون ۽ پارا،‏ ڪي انا مٿڀيد بنا وٺن نہ ھو رند رستا ڪي چارا،‏ ڪي رکن ریت پریت جي ڪن لاء سدا مونجھارا. ڪي سور کٹي سارا، ھلن سرت سونھن سلام سان.‏‎ ‎ ************* SINDH IN HISTORY TODAY {2nd JUNE} EVENTS: 1838: Colonel Pottenger send request to Mir Noor Muhammad Khan that some boats coming from Punjab had been stopped and plundered at place called ‘Bakee Pattung’ by sepoys of Mir Ali Murad son of Mir Sobdar Khan and that act was direct breach of treaty . it was in interests of both the Governments that measures should be taken without delay for the punishment of the culprits. 1904: Philosopher, Social worker & Man of letter Diwan Dayaram Gidumal establishes ‘The Industrial Association’ at Hyderabad so as to promote home-industry and enhance industrial know-how. 1917: The Citizens’ Association of Hyderabad celebrates its second anniversary. It is presided over by Seth Harchandrai Vishindas and speakers of the occasion are Karamchand Gurmukhdas, Gopaldas Jhamatmal,Jethmal Parsram and Santdas Mangharam. 1929: 8th Annual Session of the Sindh Students’ Conference starts under the presidency of G.N.Gokhale. 1939: Twenty influential Muslim leaders, including the Premiers of Bengal and Punjab, suggest voluntary renunciation by Shias and Sunis of the right claimed by them to public recitation of the Tabarra and Madah-e-Sahaba, respectively. Such renunciation, the leaders urge, would offer a reasonable basis for an honorable settlement. SINDHI TRANSLATION OF THE POST: Research by Dr.Pathan. چريا به اسان وانگر ٿين ٿا. پر, هو جڏهن حافظو وڃائي ويهندا آھن ته پوء ڇا منجهان ڇا ڪري ڇڏيندا آھن. ھڪ ماڻھوء جو حافظو ويو ته هو چريو ٿي پئي ٿو. تاريخ قوم جو " اجتماعي حافظو" ٿيندو آھي ۽ اسان اجتماعي حافظي ۾ بنھ ڪمزور آھيون. تاريخ اسان جو حافظو جاچڻ گهري ٿي. ھن وڊيو ٽاڪ ۾ واقعن, ادارن ۽ افراد بابت ٻڌي ڏسو ته اسان کي ڇا ڇا ياد آھي. اڄ جا ڪي واقعا آھن: 2.6.1838 پنجاب کان ايندڙ فرنگين جي ٻيڙين کي خيرپور جي حدن ۾ ”باقي پتڻ" وٽ لٽيو ويو. پانٽينجر مير سهراب خان ۽ مير نورمحمد کي دانھن ڏني ته لٽيندڙن کي پڪڙي سزا ڏيو. 2.6.1838 مير علي مراد خان ۽ خيرپور واري مير نصير خان جي وچ ۾ ڪن ڳوٺن جي مالڪئ تي اختلاف پيدا ته هنن فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل کان فيصلو ڪرايو. ميرن جڏهن فرنگين کي ايڏو معتبر ڄاتو ته هو ميرن ۾ وڌيڪ اختلاف پيدا ڪري سگهيا. هن فيصلي ۾ مير علي مراد خان جي سرسي ٿي. 2.6.1848 صوبائي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ٽن ممتحنن واري ” سول ائنڊ ملٽري اگزيمنشن ڪميٽي" جوڙيو, جيڪا عملدارن کان سنڌي ٻولئ ۾ مهارت بابت امتحان وٺي. ايئن سنڌ ۾ ملازمت ڪرڻ لاء سنڌئ جي مهارت کي لازمي بڻايو ويو. 2.6.1904 نامور فيلسوف, قلم-ڌڻي ۽ سماجي سڌارڪ ديوان ڏيارام گدومل شاهاڻئ حيدرآباد ۾ ”انڊسٽريل ائسوسيئيشن“ قائم ڪئي ته جيئن عوام ۾ صنعتي شعور پيدا ٿئي ۽ مقامي صنعت ترقي ڪري. 2.6.1929 ڪراچئ ۾ ”اٺين سالياني شاگرد ڪانفرنس" جو آغاز ٿيو. ڏک جي ڳالھ اها آھي ته انگريزي دور واري شاگرد سياست تي هن وقت تائين تحقيق نه ڪئي وئي آھي. 2.6.1948 ملڪ جڙيو ته سنڌ جي سورن ۾ ڪمي اچڻ بدران اضافو ٿيو. سرڪار "الوحيد" ۽ "سنڌ آبزرور“ تي سختي ڪئي ۽ ڪي پابنديون لڳايون. اڄ ” پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس ڪائونسل" سرڪار جي اهڙي قدم جي مذمت ڪئي. 2.6.1950 ويه لک ٽيه ھزار پناهگير پهتا ته سنڌ سرڪار ۽ مرڪزي حڪومت ۾ اختلاف ۽ غلطفهميون پيدا ٿيون. سنڌي عوام سمجهي ورتو ته ان کي اقليت ۾ بدلايو پيو وڃي. 2.6.1958 ملڪ جي وزير اعظم فيروز خان نون گوهر افشاني ڪئي ته خان عبدالغفار خان "پخونستان" ٺاهڻ ٿو گهري, ان ڪري ون-يونٽ جي مخالفت ٿو ڪري 2.6.1991 حيدآباد شهر ۾ سنڌين خلاف قهري ڪاروايون ٿيون. هو پنهنجي ئي شهر ۾ پناهگير بڻجي ويا. ************* اڄوڪي ڏينهن 2 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 2 جون 1905ع ليکڪ جهمت مل ڀاوناڻي (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جون 1921ع سياستدان گهنشام سنگهه ديارام (نوابشاهه / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جون 1936ع شاعر گلاب خان گوهر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جون 1936ع ليکڪ واديو نرمل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جون 1941ع سگهڙ محمد ڇٽل جي پيدائش ٿي. 2 جون 1944ع ليکڪ رڪي پنجابي جو جنم ڏينهن آهي. 2 جون 1957ع سياستدان گل محمد جکراڻي (ڪنڌ ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 2 جون 1987ع باليووڊ اداڪاره سوناڪشي سنها جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 2 جون 1946ع بزرگ محمد حسن جان سرهندي جو لاڏاڻو ٿيو. 2 جون 1956ع رئيس امام بخش جتوئي جو انتقال ٿيو. 2 جون 1982ع اڳوڻو صدر فضل الاهي چوڌري انتقال ڪري ويو. 2 جون 1986ع مشهور مزاحيه اداڪار ننها (رفيع خاور) جو انتقال ٿيو. 2 جون 1988ع باليووڊ جي مشهور اداڪار راج ڪپور جي ديهانت ٿي. 2 جون 1992ع اردو جي ترقي پسند اديب، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر اختر حسين راڻيپوري جو انتقال ٿيو. 2 جون 2004ع گلوڪار مجيب عالم جو انتقال ٿيو. 2 جون 2006ع شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر نثار حسيني (حيدرآباد) جي وفات ٿ

Sunday, 31 May 2026

SINDH in history today (1st July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st June}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]*******Dr.Pathan wishes you Good Day. [If you are not accepted and owned, so what? Accept and respect all others without discrimination. Be useful, purposeful and more kind to those, who cannot accept and own you. Be for the love, beauty & peace. Be of the beauty, peace & love. Because, you are Beauty, Love & peace. Don't hunt for it. But, share it. ] جي گذري تنهنجي حیاتي ٿي هن ھوت سواء، تون ڪوہ نہ ڪرین سا ئي حياتي ھوتن لاء؟ دکن سکن ۽ عیب ثوابن دورين مجبورين جا، ڏینھن ۽ رات جا تون کڻي فرضي فرق مٽاء، نینھن-نیاپو سرت-سندیشو، سي گیت سٹاء، EVENTS: 1916: Sawami Devananda delivers his first lecture, to be followed by series of lectures on the request of ‘Hindu Shewak Mandal’ of Karachi. (Source: Daily Gazette, Karachi). 1920: NGO of Shikarpur, Citizens’ Association of Shikarpur elects its officer-bearers. They are Diwan Vishindas Jethmilani (President), Seth Ghanshamdas Rajpal (Chairman Managing Committee), Balwantsing Lokram (Secretary)and Ramchand of H.M.Academy (General Secretary). 1943: A resolution conveying warm greetings to the heroic Red Army and Soviet people is passed at a meeting of Sindh-Baluchistan Communist Party. The second anniversary of Soviet-German war is celebrated. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1943) 1955: Muhammad Ayunb Khuhro, Pir Ali Muhammad Shah Rasdi, Mir Ghulam Ali Talpur, Haji Moula Bux Soomro, Seromal and Yousif Haroon are elected as members of the Constituent Assembly (Source: Newspapers). 1960: Abdul Qadir Sanjrani from Sindh is inducted in West Pakistan cabinet. (Source: Newspapers). 1962: Moulv iFarid Ahmad, politician from East Pakistan demands Friday instead of Sunday as holiday. (Source: Ibid). 1964: Z.A.Bhutto is awarded ‘Hilali-i-Pakistan’ for his valuable services regarding reshaping of country’s foreign policy. (Source: “Source-Material on Bhutto family’’, compiled by Gul Hayat Institute). 1968: Some of accused in Agartala Conspiracy case confess that they were planing for an independent East Pakistan (Source: Newspapers). 1980: Zakat system is introduced in Pakistan. There will be compulsory deduction of Zakat from Bank deposited. (Ibid). 1988: Supreme Court strikes down registration of political party’s clause. Decision is given in Benazir Bhutto’s petition on Party Act. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1992: Major Arshad pleads guilty of killing nine persons in TandoBahawal. Confession made before an army court of inquiry. (Source: Newspapers). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: EVENTS FROM SINDH HISTORY (1st June) By: Dr. Pathan ** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ جي تاج پوشي ۽ سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان ۾ عام موڪل ڪئي وئي. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو عوامي سهولتن واري ٽرين پنجاب ايڪسپريس شروع ڪئي وئي، جيڪا ڪراچي کان پنڊي تائين هلائي وئي.اها ٽرين ڪافي عرصو هلندي رهي پر پوءِ ٻين ريل گاڏين وانگر هي ٽرين به اڳتي هلي بند ٿي وئي. ** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اوڀر پاڪستان تان گورنر راڄ ختم ڪري ابو حسن سرڪار کي بحال ڪيو ويو. ** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اولهه پاڪستان ۾ نواب آف ڪالاباغ ملڪ عامر احمد خان ٽئين گورنر جنرل طور عهدي جو حلف کنيو. ** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت يونين سرڪار ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر فيض احمد فيض کي ادبي خدمتن جي مڃتا طور لينن ايوارڊ سان نوازيو. ** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان ۾ سامونڊي طوفان سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ پڌري ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته طوفان ۾ اٽڪل 50 هزار ماڻهن جون جانيون ضايع ٿي ويون. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگلاديش جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ وارن معاملن تي غور ويچار کانپوءِ بنگلاديش جي پرڏيهي وزير عبدالسرمد آزاد ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پاڪستان حڪومت بنگلاديش کي آزاد ملڪ طور تسليم ڪري. پاڪستان حڪومت ڪافي سالن تائين بنگلاديش کي تسليم نه ڪيو پر پوءِ اڳتي هلي نيٺ هن کي آزاد ملڪ طور تسليم ڪيو ويو. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ولي خان پيپلز پارٽي جي حڪومت تي الزام هنيو ته اها بلوچستان ۾ اوڀر پاڪستان جهڙي صورتحال پيدا ڪري رهي آهي. جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو اهي الزام رد ڪري ڇڏيا. وزيراعظم ڀٽو جي دور ۾ بلوچستان ۾ ٿيل آپريشن تي سياسي جماعتن سخت تحفظات جو اظهار ڪيو هو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور هاءِ ڪورٽ مارشل لا لاڳو ڪرڻ خلاف پنهنجو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميان نواز شريف پنجاب جو وڏو وزير بڻجي ويو. ان دور ۾ پ پ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي آئي هئي ۽ بينظير ڀٽو ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. پر هن کي پنهنجي حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ************** .اڄوڪي ڏينهن پهرين جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: پهرين جون 1895ع شاعر غلام احمد نظامي (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين جون 1897ع اسڪالر ڊاڪٽر ايم يو دائودپوٽو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1903ع اسڪالر جي اين ناگراڻي (شڪارپور / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين جون 1907ع شاعر فقير سلطان سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين جون 1926ع سياستدان فتح محمد سيال جي پيدائش ٿي. پهرين جون 1932ع اسڪالر ڊاڪٽر رحمت الله ابڙو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1932ع شاعر محمد بخش حافظ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1936ع ليکڪ قربان بگٽي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1942ع صحافي امير بخش ڀٽي (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين جون 1943ع شاعر ميوارام درد (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1945ع ليکڪ شيام آهوجا (مديجي / الهاسنگر) جيپيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين جون 1945ع اداڪار جئديو تنواڻي (لاڙڪاڻو / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1951ع ليکڪ ۽ اداڪار جسونت ڪمار (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1951ع صحافي ٻڍل خان چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1952ع اداڪار ڪنيا لال پرسواڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1952ع اداڪار رميش سوماڻي (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1952ع ليکڪ گوهر سومرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1954ع ڊاڪٽر شمس سومرو (دادو) ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1959ع شاعر الاهي بخش مخمور جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1959ع ليکڪ مشتاق محبوب جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1961ع شاعر اصغر آزاد منگي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1962ع ليکڪ بشير سيال جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1963ع صحافي غضنفر جکراڻي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1963ع ليکڪ ياسين دائودپوٽو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1968ع ليکڪ ۽ صحافي ممتاز بخاري جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1972ع شاعر ذوالفقار بهڻ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1975ع شاعر عبدالرزاق مئڪش سومرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1978ع شاعر غلام رسول امر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1979ع ليکڪ ستار جلباڻي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جون 1983ع ليکڪ سيخ ارشاد (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: پهرين جون 1817ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبدالله مهيسر جو لاڏاڻو پهرين جون 1939ع مذهبي اسڪالر مولوي فتح علي جتوئي جي وفات ٿي. پهرين جون 1950ع مذهبي اسڪالر مولوي هدايت الله تنيو جي وفات ٿي. پهرين جون 2005ع اداڪار اي آر بلوچ جو انتقال ٿيو

Friday, 29 May 2026

SINDH IN HISTORY TODAY (30th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {30th May}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]******** Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Do not cry before everybody. Change the narration so as dear can listen you. Keep your sorrows and problems away from everybody, tell your dear with tears in your eyes. Do not bow before everybody, but surrender before beauty and beloved unconditionally. Understand that love requires life and life needs love] دنیا اڳیان تہ اجايو نہ ايئن ليلائجي، پر ففط ٻھگڻ کي پيو روئي ٻڌائجي، گھرندي هن پرین کان نہ گھٻرائجي، سیس سونھن ۽ سچ اڳیان نمائجي،‏ پرچاء لاء پاند ڳچئ ۾ کڻي پائجي،‏ لائجي تہ نڀائجي، ساجن سلام سان EVENTS 1843: The Government of India accord permission to the Governor of Sindh for appointment of Dy.Collectors in Sindh. 1848: Spays of Baggage Crops committed offence out of the Cantonment limits of Shikarpur and they faced trial conducted by Police authorities. Today, the Sindh Commissioner sends report to the Government of Bombay. 1931: All-India Khilfat Conference openes at Bombay under the presidency of Moulana Abdul Majid Badauni. Delegate comprising of eminent Khilafat leaders from Sindh is participating. 1941: Juma Khan ‘Gharib’ presides over Poetic Sitting jointly organized by Bazim Mushaera of Larkano and Sindhi Sudhar Society. 1948: 2-day Hari Conference held at Ratodero elects new office-bearers of the Hari Committee, and they are: Hyder Bux Jatoi (President), Moulvi Muhammad Maaz (V.P-1), Abdul Wahid Soomro (V.P-2), Abdul Ghafoor Jan Sarhandi (V.P-3),Abdul Qadir M.Khan (General Secretary)and Moulvi Azizullah Jarwar (Joint Secretary). Following were elected as members of the Working Committee: Ghulam Dastgir and Hakim Din Muhammad (From Larkano), G.M.Syed and Shoukat Ali (From Dadu), Osto Muhammad , Rais Brohi and Khudadad Bhatti (From Nawabshah/Benazirabad), Syed Muhammad Shah Amroti and Moulvi Taj Muhammad Khoso (from Sukkur), Moulvi Sher Muhammad and Sawami Nagdev (From Jacobabad),Allah Bachayo Jarwar , Muhammad Alam Kerio and Ghulam Muhammad Bam (From Hyderabad), Jan Muhammad Pali, Ghulam Muhammad Laghari, Mir Muhammad Talpur and Muhammad Ismail Abbasi (From Tharparkar). 1951: Main accused in the Rawalpindi Conspiracy Case, Rtd.Major General Akbar is produced before the court headed by Justice Muhammad Sharif. 1966: No other country, but only Pakistan can resolve the Kashmir issue. 1972: Abdul Hamid Khan Jatoi is released and re-arrested. Everything in politics is fair! 1974: Twenty-five thousand Biharis are allowed to migrate and majority of them will be opting for Karachi. 1988: Muhammad Khan Junijo terms action of Zia-ul-Haq as arbitrary and against the fundamentals of the democratic process. Today, Provincial Assemblies and Cabinets are also dissolved by the President. 1990: Twenty-four killed as terrorists go on rampage in Karachi. More thirty-four persons are killed as a missile hit New Karachi. 1993: No-Confidence Motion move is initiated by 37 PDA members against Sindh Chief Minister, Syed Muzaffar Shah. SINDHI TRANSLATION OF THE POST: 30.5.1835: ڪرنل پاٽينجر ميرن سان سنڌوندئ بابت معاهدي ڪرڻ لاء حيدرآباد پھتو. سيٺ نائونمل ھوتچند سندس ڀرپور مدد ڪئي. ڪمپني سرڪار چاهي پئي ته فرنگين کي سنڌوندئ ذريعي واپار ڪرڻ ۽ سنڌوندئ ۾ ان مقصد لاء آگبوٽ ھلائڻ جو موقعو ملي. 30.5.1841: ڪئپٽن لي ميزيوئرر کي Captain Le-Messurier کي سنڌ جي حدن ۽ دڳن پيچرن جي سروي ڪرڻ لاء ڏکڻ سنڌ جي پوليٽيڪل ايجينٽ جي ماتحت مقرر ڪيو ويو هو. اڄ ڪمپني حڪومت ميجر آئوٽرام کي ٻڌايو ته سندس سفري الائونس به مقرر ڪيو ويو آھي ۽ هاڻي هن کان سروي وارو ڪم جلدي مڪمل ڪرايو وڃي. ڌارين کي سنڌ ۾ سنڌ خلاف ڪم ڪرڻ جو ماحول پنهنجا ئي پيدا ڪري ڏيندا آھن. اها شاهدي هن واقعي مان ملي ٿي. انگريز اڃا ملڪ جا والي نه ٿيا هئا, پر کين سنڌ جي جاگرافيائئ جاچ پڙتال ڪرڻ جي اجازت ملي وئي. 30.5.1843: فرنگي سرڪار سيٺ نائونمل کي ڪراچي ڪليڪٽوريٽ جو ڪاردار مقرر ڪيو ويو. 30.5.1851: گذريل سال فيبروري مهيني ۾ ممبئئ جي صوبائي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر رابرٽ پرنگل کي سرڪاري ادارن ۾ سنڌئ کي "دفتري ٻولي" بنائڻ لاء لکيو هو. اڄ ڪمشنر بارٽل فريئر خط لکي صوبائي حڪومت کي ٻڌايو ته حڪم جي تعميل لاء قدم کنيان پيا وڃن. اهي دوست جيڪي بارٽل فريئر کي انھئ ڪم لاء پٽڪو ٿا ٻڌرائن تن کي سوچڻ گهرجي ته ٻولئ بابت ڳالهيون اڳ هلندڙ ھنيون. سر بارٽل فريئر سنڌ ۾ وڏا ڪم ان ڪري ڪرايا جو 1857 وارئ جنگ آزادي هن جي ڏينھن ۾ ھلي ۽ هو سنڌين جي دلين وٺڻ ۽ حڪومتي انتظام مظبوط ڪرڻ تي مجبور هو. 30.5.1851: آمريڪي واپارئ گارڊنر سرڪار کان اجازت گهري هئي ته هو سنڌ ۾ لوه ٺاهڻ جو ڪارخانو لڳائڻ گهري ٿو, ان جي اجازت ڏيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي بورڊ آف ڊاريڪٽرس هن ڪم ۾ دلچسپي ورتي. سنڌ جي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڪراچئ جي ڪليڪٽرن کي رپورٽ لکڻ لاء چيو. اڄ ممبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي تاڪيد ڪيو ته ان سلسلي ۾ گهربل ڪم ۾ اڳرائي ڪجي. 30.5.1884: فرنگي فوجي سنڌ ۾ جتي به وڏي تعداد ۾ رهندا هئا, اتي پنهنجي وندر ورونھن جو بندوبست ڪندا هئا. ڪراچئ ۾ سندن "ڊراماٽڪ ڪلب آف دي گلوسٽر ريجمينٽ" هوندي هئي. انھئ ڪلب طرفان انگريزئ ۾ ڊراما اسٽيج ٿيندا هئا. اڄ کان انھئ ڪلب "وليج ورچو" نالي سان ڊرامو اسٽيج ڪيو, جيڪو ڪيترا ڏينھن هليو. 30.5.1948: رتيديري ۾ ”هاري ڪانفرنس" ٿي جيڪا ٻه ڏينهن هلي. موقعي تي عهديدارن جي هن ريت چونڊ ٿي: حيدر بخش جتوئي(صدر), مولوي محمد معاذ, عبدالواحد سومرو ۽ عبدالغفور جان سرهندي (ٽئي نائب صدر), ڊاڪٽر ايم اي خان (جنرل سيڪريٽري) ۽ مولوي عزيزالله جروار (جوائنٽ سيڪريٽري). هي وري ورڪنگ ڪميٽئ تي ميمبر ڪري رکيا ويا: غلام دستگير ۽ حڪيم دين محمد (لاڙڪاڻي مان), جي.ايم.سيد ۽ شوڪت علي(دادو مان), اوستو محمد, رئيس بروهي ۽ خداداد ڀٽي (نواب شاه مان), سيد محمد شاه امروٽي ۽ مولوي تاج محمد کوسو (سکر مان), مولوي شير محمد ۽ سوامي ناگديو (جيڪب آباد مان), الله بچايو جروار, محمد عالم ڪيريو ۽ غلام محمد بام (حيدرآباد مان), جان محمد پلي, غلام محمد لغاري, مير محمد ٽالپور ۽ محمد اسماعيل عباسي (ٿرپارڪر مان). 30.5.1954: ٿالهئ ۾ آزادي رکي ڪا اوڀر بنگال/اوڀر پاڪستان کي مفت ۾ نه ڏني وئي هئي. ان لاء بنگالين گهڻو ڀوڳيو ۽ وڏي ڳري قيمت ادا ڪئي. اڄ اتي گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو, فضل الحق-حڪومت ٽوڙي وئي ۽ ميجر جنرل اسڪندر مرزا کي گورنر مقرر ڪيو ويو. 30.5.1972: ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي سياسي مخالفن کي گهڻو تنگ ۽ سوڙھو ڪيو. اڄ عبدالحميد جتوئئ کي هڪ ڪيس مان آزاد ڪيو ويو ته ٻئي ڪيس ۾ وري ٻڌو ويو. 30.5.1974: 25 هزار بهارين کي هجرت ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو. سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جو ڪم پنهنجن ۽ پراون گڏجي پئي ڪيو آھي. 30.5.1988: وزير اعظم محمد خان جوڻيجي کي ڪن نه جن. هن کي ضياء الحق عهدي تان هٽايو. اڄ وري صوبائي اسيمبليون ۽ حڪومتون ٽوڙيون ويون. 30.5.1990: دهشتگردن ڪراچئ ۾ 24 بي گناه ماڻھن کي ماريو. سنڌ جي تاريخ ۾ ھن قسم جا قهر اڳ ڪو نه ٿيا. 1970ع کان وٺي اڄوڪي ڏيھن تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جيڪا دهشتگردي ٿي آھي, ان تي گل حيات مواد/معلومات گڏ ڪري "Sorrows of Cites" جي عنوان سان محفوظ ڪيو آھي. *************** دوست وڊيو ٽاڪ ڏسن ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪن. ************** {30 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 30 مئي 1946ع شاعر مشتاق علي مشتاق جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 مئي 1942ع سياستدان سردار احمد علي خان پتافئ جو جنم ڏينهن آهي. 30 مئي 1969ع شاعر ۽ ليکڪ سجاد مهر جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 30 مئي 1833ع بزرگ سيد محمد صالح جيلاني ثاني جو لاڏاڻو ٿيو. 30 مئي 1955ع شاعر سيد محمد عالم شاهه عالم ٽکڙائئ جو لاڏاڻو ٿيو. 30 مئي 1981ع بنگلاديشي صدر ضياء الرحمان کي چٽگانگ ۾ قتل ڪيو ويو. 30 مئي 2011ع صحافي سيد سليم شهزاد کي قتل ڪيو ويو

Thursday, 28 May 2026

SINDH in history today (29th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {29th May}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]********Dr.Pathan wishes you Good Day. Translation of my poetry: [ Love and respect human-beings without conditions. Be sincere and make sacrifice so as you can make your Golden heart more beautiful. If you want peace of mind and dignity of soul, be humble & simple. Surrender your life before your beloved and protect it properly. Understand Self. Promote and project love, beauty and peace. Otherwise, you will definitely be sinfull, criminal and advocate of hatred & discrimination ] جي سپنا سوچون ۽ سر سونپین تان پوء آء، تن من روح سندو اٿئي ان ۾ ئي اصل بچاء،‏ نہ تہ دل دنیا يا ڪو دادلو ڪندء توکي داء،‏‎ ‎ ڪج پاڻ پرین ۽ پیار سان تون پڪو پرچاء، ھوتن بن هئ حياتي اٿئي پاپ وڏو پڇتاء, نہ ڏسندین ڪوسو واء، سرت ۽ سلام سان.‏‎ ‎ *********** Sindh (including Pakistan) in history today {29th May} EVENTS: 1843: The Governor of Sindh informs the Govt. of India that a servant of Mir Sher Muhammad has been executed for murdering a man. Perhaps this is the first ever execution taking place in Sindh. 1857:Mir Amir Bux son of Mir Faiz Muhammad Talpur is offered Govt. service as requested by him. 1927: The Resolution adopted by the All - India Congress is discussed in the meeting of the Sindh Provincial Hindu Sabhaheld at Hyderabad. It was also decided to launch public awareness movement in favour of anti -separation. 1930: In the meeting of Sindhi Muslim politicians held in Karachi with Sir Shahnawaz Khan Bhutto, it is resolved to hold Sindh Azad Conferences in District Head Quarters so the case and cause of the s 1950: Crack down on farmers starts in Multan. So many are arrested to give them tough time for conflicting their Landlords. 1952: Hassan Mahmood forms first ever Muslim League Ministry in Bahawalpur State. Sardar Muhammad Ajmal Laghari and Rao Hafiz -u- Rahman are taken as ministers. 1962: Begam G.Allana and other six ladies are elected as National Assembly members. 1963: Pakistan and Afghanistan agree to re- establish diplomatic relations. 1973: National Assembly disapproves demand for trial of the Ex - President Gen. Yahya Khan. 1979: Begam Nusrat Bhuttoand Benazir Bhutto is released 1988: President Gen. Zia dissolves National Assembly and removes Junijo cabinet. Prime Minister Junijo was on foreign visits. He found everything changed as he landed at Islamabad! SINDHI TRANSLATION OF POST: EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th May) By: Dr. Pathan ** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر ميجر جيڪب جو جواب بمبئي حڪومت کي موڪلي ڏنو، فيبروري مهيني ۾ ڪشمور ۾ وڏي تعداد ۾ مري، بگٽي ۽ کيتران قبيلي جي ماڻهن حملو ڪيو هو، ان حوالي سان بمبئي سرڪار طرفان ميجر جيڪب کان وضاحت ۽ جواب طلب ڪيو ويو هو، هن کان ان حملي کانسواءِ شڪارپور ۾ افغانين جي مداخلت جي معاملي بابت پڻ راءِ گهري وئي هئي جيڪا پڻ بمبئي حڪومت کي موڪلي وئي. ** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سوسائٽي جا عهديدار چونڊيا ويا، ريجهومل ايڇ بي آڏواڻي ۽ پروفيسر پي ڪي شهاڻي ڪاليج جي اڳوڻن شاگردن مان چونڊيا ويا، جڏهن ته ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردن مان منگهارام ملڪاڻي ۽ مرچنداڻي کي چونڊيو ويو، ان موقعي تي اهو به فيصلو ڪيو ويو ته مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو فيروز دل افروز ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيش ڪيو ويندو. ** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هندو سڀا جي حيدرآباد ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ بابت ڪانگريس جي پاليسي تي بحث شروع ڪيو ويو، ان موقعي تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ کي جيڪڏهن بمبئي کان ڌار ڪيو ويو ته تحريڪ هلائي ويندي. ** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌي مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاهنواز ڀٽو، جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنسون ڪرايون وينديون ته جيئن سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرائڻ جي حوالي سان عوامي راءِ جوڙي سگهجي. ** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بيگم جي الانا ۽ ٻيون 6 عورتون قومي اسيمبلي جون ميمبر ٿي ويون، بيگم جي الانا سنڌ جي تعليم واري وزير پيار علي الانا جي ماءُ ۽ ناليواري شاعر جي الانا جي گهرواري هئي، هوءَ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر پڻ رهي. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي اڳوڻي صدر جنرل يحيٰ خان خلاف ڪيس هلائڻ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو. ** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق جي حڪومت طرفان بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي آزاد ڪيو ويو، اقتدار تي قبضي کانپوءِ ڀٽو سميت سندس گهروارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو هو. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو. جوڻيجو ملڪ کان ٻاهر ويل هو، سندس غيرموجودگي ۾ هن جي حڪومت کي برطرف ڪيو ويو، جوڻيجو اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهتو ته سڀ شيون تبديل ٿيل هيون ۽ هو وزيراعظم نه رهيو. اڄوڪي ڏينهن 29 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 29 مئي 1890ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لوڪرام شرما جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 مئي 1944ع شاعر غلام علي مٺل چنا جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 مئي 1940ع اڳوڻي صدر فاروق لغاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 مئي 1970ع ليکڪا، شاعره ۽ ٽي وي ڪمپيئر زاهده تاج ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 29 مئي 1982ع شاعره، ڪالم نگار ۽ سياستدان فاطمه ڀٽو (شهيد مير مرتضى ڀٽو جي نياڻي) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 29 مئي 1785ع مير نور علي شاهه رضوي جو انتقال ٿيو. 29 مئي 1884ع سنڌي ٻولي جي ترقي لاء ڪم ڪندڙ انگريز ڪمشنر بارٽل فريئر جو انتقال ٿيو. 29 مئي 1933ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لوڪرام شرماديهانت ڪري ويو. 29 مئي 1938ع مذهبي اسڪالر مخدوم ابوبڪر مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو. 29 مئي 1952ع شاعر ۽ بزرگ پير تقي شاهه جيلاني جو لاڏاڻو ٿيو. 29 مئي 1985ع ليکڪ مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو انتقال ٿيو

Wednesday, 27 May 2026

SINDH in history today (28th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {28th May}. Author Dr.Pathan & translator his son Mumtaz Ali Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]********Dr.Pathan wishes you Good Day. Translation of my poetry. [No any charm should make you part of so called "main stream", that is for exploitation, by violation of human values and of egoism & individualism. Dear! Be part or be on side of love & respect, beauty & peace and sincerity & sacrifice. It is better to be in "single man's procession", than in " crowd of cowards"] وھن واھڙ انا نفرت مطلب جا، متان ٻڏين ۽ نہ پھچین ٻئي پار، پاڻ سرت سچائي سونھن اڪار، محبت ماٹھپي ۽ دعا سلام سان ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {28th MAY} EVENTS: 1917: The Citizens’ Association of Hyderabad elects its office-bearers, and they are Rais Ghulam Muhammad Bhurgri (President), Mukhi Jethanand (Vice President), Gopaldas Jhamatmal (Hon.Secretary),Sarnanad (Join Secretary), Dharamdas Belaram (Treasurer). 1921: A public meeting is held by Non-Co-Operators at Sukkur. Moulana Taj Mahmood Amroti and Veromal Begraj are the important speakers of the event.The meeting is arranged in the Wara/building of Bhai Nanumal, because Anti-Non-Cooperators were determined to disturb the meeting if it is held in any open ground. 1931: Moulvi Sir Muhammad Yaqub contacts Sindhi leaders to organize Muslim League in Sindh. Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, who was the Secretary of the Sindh Muhammadan Association accepts his appeal and starts work on the agenda. 1944: Bazim Mushira of Larkano arranges Poetic Sitting with Ghous Bux in Chair. 1948: The crisis of power-politics ends in Punjab with resignation of Mian Mumtaz Doultana and Shoukat Hayat. 1950: Moulana Moudoodi, who was arrested for making objectionable speech on Kashmir, is released. 1953: Malik Sikandar Khan, Pir Ghulam Rasool Shah, Shafqat Hussain Shah, Mir Ahmad Khan Talpur are appointed Parliamentary Secretaries by Chief Minister, Pirzada Abdul Sattar. 1955: Election for the Constituent Assembly will be held on 21st of June. Province-wise seats are allocated. Punjab 21 (20 Muslims + 01 Non-Muslim), East Pakistan (40 (31 Muslims+ 09 Non-Muslims), Sindh 05 (04 Muslims+ 01 Non-Muslim), NWFP 04, Karachi, Khairpur and Balochistan 01 for each. 1957: Five thousand acres of land in Ghulam Muhammad Barrage is on the disposal of the Government for distribution. 1963: U.S.A is taking interest to help Pakistan in construction of Tarbila Dam. 1964: Z.A.Bhutto attends the funeral ceremony of Indian Prime Minister Pandit Jawahrlal Nehru. Though , he attended so many such type of funeral ceremonies, but nobody attended his funeral ceremony, even Wife Nusrat Bhutto and daughter Benazir Bhutto. SINDHI TRANSLATION OF THE POST: Dr.Pathan. صدين کان پنهنجي سورن جا مذڪور بدليا ناهن تبديلي تڏهن ايندي جڏهن اسان هڪ ٻئي کي سمجهي ٻوڙو ٻڌي آچار ڪنداسين. تاريخ-فهمي به سوچن ۽ لوچن ۾ سگھ پيدا ڪندي . گل حيات جي ميڙئ چونڊئ ۽ ولادتن ۽ وفاتن جا تفصيل موجود آھن. ڪجھ واقعا ھي آھن: 28.5.1848 ميرن سنڌ کي خانداني بنيادن تي ٽن حصن ۾ ورهايو. پوء به شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ خيرپوري ۽ حيدرآبادي ميرن جا حصا هوندا هئا. سنڌ جي ڪمشنر ضروري ڄاتو ته شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ مير علي مراد خان سان بائونڊرئ بابت ڳالهيون ڪجن. اڄ ان سلسلي ۾ شڪارپور جي ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر وچ ۾ لکپڙھ ٿي. 28.5.1849 جيڪب آباد ۾ ميجر جيڪب کي بااختيار بڻايو ويو ته جيئن هو شڪارپور ۽ جيڪب آباد کي جابلو قبيلن جي حملن کان بچائي سگهي. جيڪب ان سلسلي ۾ جامع منصوبه بندي ڪئي ته جابلو حمله آور (مري, کيتران, بگٽي, جکراڻي ۽ ڊومڪي وغيره) قبيلن جي ڏنگن فردن تي سختي ڪجي ۽ انھن جي باقي ماڻھن جي سنڌ ۾ آباد ڪاري ڪجي. سندس اها حڪمت عملي اڄ ڪمشنر مٿيئن سرڪار کي ڏياري موڪلي. 28.5.1917 حيدرآباد جي سماجي ۽ شھري تنظيم "سٽي ائسوسيئيشن آف حيدرآباد" جي چونڊن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي (صدر), مکي ڄيٺانند (نائب صدر), گوپالداس جهمٽمل (سيڪريٽري), سرنانند (جوائنٽ سيڪريٽري), ۽ ڌرمداس ٻيلارام (خزانچي) چونڊيا ويا. هن تنظيم جي ڪارڪدگئ ۽ باقي تفصيل گل حيات ۾ موجود آھن. تنظيم هندو-مسلم اتحاد جو مثال هئي. 28.5.1917 "ڊي.جي.سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽئ" جي حيدرآباد ۾ گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ سابق شاگردن مان: ريجهومل آڏواڻئ ۽ پروفيسر ٽي.ڪي.شاهاڻئ کي ۽ موجوده شاگردن مان: منگهارام ملڪاڻئ کي سوسائٽئ تي رکيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو " فيروز دل افروز"ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ اسٽيج ڪيو ويندو. اڳي ادارا اهڙيون مثبت سرگرميون ڪندا هئا. 28.5.1940 سنڌ مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽرئ سيد علي محمد شاه راشدئ " مسجد منزلگاه تحريڪ" جي مئي مهيني بابت رپورٽ لکي, جنهن ۾ ڪيسن جي اڪلاء بابت معلومات ڏنل آھي. سنڌ جي سياست ۾ خلافت تحريڪ " هجرت تحريڪ" هلائڻ جو هاڃيڪار فيصلو ڪيو ۽ مسلم ليگ " مسجد منزلگاه تحريڪ" هلائڻ جو نقصانڪار فيصلو ڪيو. ************* اڄوڪي ڏينهن 28 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون​ ​ جنم ڏينهن:​ ​ 28 مئي 1918ع ليکڪ ۽ صحافي محمد بخش جوهر (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 28 مئي 1926ع شاعر قيمت ڪمال (لاڙڪاڻو / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 28 مئي 1950ع سماج سڌارڪ غلام نبي قريشي (خدا آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 28 مئي 1953ع شاعر الهيار اُلفت جو جنم ڏينهن آهي.​ 28 مئي 1955ع اداڪار نرنجان آسراڻي (ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.​ 28 مئي 1957ع شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو جنم ڏينهن آهي.​ 28 مئي 1957ع ڪرڪيٽر مصباح الحق جو جنم ڏينهن آهي.​ ​ وڇوڙو:​ ​ 28 مئي 1905ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام صديق (شهداد ڪوٽ) جو انتقال ٿيو.​ 28 مئي 1924ع فريڊم فائيٽر خانچند پرتاب (حيدر آباد) ديهانت ڪري ويو.​ 28 مئي 1955ع شاعر عالم شاهه عالم جو لاڏاڻو ٿيو.​ 28 مئي 1962ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماج سڌارڪ حاجي خان محمد عباسي جو انتقال ٿيو.​ 28 مئي 1967ع شاعره ۽ شاهه جي رسالي جي انگريزي مترجم بيگم ايلسا قاضي جو لاڏاڻو ٿيو.​ 28 مئي 2008ع بيوروڪريٽ امداد الله انڙ جي وفات ٿي.​ 28 مئي 2013ع ناليواري شاعر نذير احمد جوش ٻرڙو جو لاڏاڻو ٿيو

Tuesday, 26 May 2026

SINDH in history today (27th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. SINDH IN HISTORY TODAY (27th MAY) 27th May BIRTH DATES 1. Abdul Fatah ‘Faiq’ (Poet/ birth 27th May 1908), 2. Syed ManzoorNaqvi (Poet/ birth 27th May 1924), 3. Asha Birjlal (Simla/Artist/ birth 27th May 1947), 4. AzharJiskani (BaryaPanhwar/Poet/ birth 27th May 1973) 27th May DEATH DATES 1. Habibullah Sindhi Nausherai (Religious Scholar/ death 27th May 1823), 2. Syed Miran Muhammad Shah (Halani/Mufti of Khairour State/ death 27th May 1925), 3. Dr.Khan Muhammad Panhwar (Aarazi/Journalist, Social worker & Scholar/ death 27th May 1999) 27th May EVENTS 1843: The Governor-General of India directs Charles Napier that ‘ The separation of the women from Amirs appears so extraordinary and unnatural……It is essential to our character, that they should be treated with all respect and honor’. 1950:Who so ever Sindhi Hindu migrant desires to return back to Sindh, will be accepted. Government of Pakistan agrees. 1953: The decision of Tribunal regarding the Rawalpindi Conspiracy case is challenged in the Federal Court by accuesed in the case. 1959: Dr.Raziuddin Sidiqui takes over as the Vice Chancellor of Sindh University. 1964: Pakistan mourns death of Indian Prime Minister Pandit Nehru, who breathed his last today. 1969: Budget for the next financial year will be presented by the President and Governors. 1971:Divisional and Taluka Councils are dissolved in Sindh. 1976: Federal Minister for Industries & Kashmir affairs, Syed Qaim Ali Shah lays foundation stone of 1oo kw Radio station at Khairpur. 1977: PNA is doing Table Work for talks with the Government; it is announced by the party spokesman. 1987: Former Balochistan Governor, Mir Ghous Bux Raisani and his five guards are killed in Karachi. 1990: Forty five in Hyderabad and Twenty two in Karachi are killed. Curfew is imposed. SINDH VERSION OF THE POST: قومون ڪهڙن سببن ڪري تباه ٿينديون آھن ۽ عظيم قومون ڀيانڪ حالتن جو ڪيئن مڙسئ سان مقابلو ڪنديون آھن ؟ اها خبر تاريخ جي مطالعي مان پوندي آھي. ماضئ جا واقعا وڏي-واڪ ڳالهائيندا آھن. پر ڪو کين ٻڌڻ, پرکڻ ۽ سمجھڻ وارو هجي. مان روز ٽالپورن جي دور کان وٺي ويندي, اڄوڪي دور تائين اوهان جي خدمت ۾ ڪن واقعن, افراد ۽ ادارن بابت اوهان سان ويچار ونڊيندو آهيان. *************** 27 مئي جي حوالي سان ڪي واقعا *************** 27.5.1841: ٻيٽ منوڙي ۽ ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انگريزن جون اکيون شڪارپور ۾ آھن. اڄ آئوٽرام پنهنجي سرڪار کي جيڪو خط لکيو آھي, ان مان اها ڳالھ پڌري آھي ته:1. مير نصير خان اصولي طور تي شڪارپور مان پنهنجو حصو ڌارين حوالي ڪرڻ لاء تيار آھي, رڳو کيس اپت جو چوٿون حصو ڏنو وڃي. 2. فرنگي سفارتڪار,سيد زين العابدين شاه ۽ سندس عزيزن کان خائف آھن. سيد گهراڻو شڪارپور ۽ ڪراچئ جي انتظام ۽ سياست تي وڏو عمل دخل رکندو هو ۽ ان ڪري انگريزن لاء مسئلا ٿي ٿيا. ان ڪري فرنگي ميرن جا ڪن ڀريندا ۽ سيدن جي شڪايت ڪندا رهيا. مطلب ته ڌاريا, اول عوام ۽ حڪومت جي خيرخواهن خلاف ٿي بيهندا آھن. 27.5.1843: نيپيئر جي انتظام ۽ ڪارڪردگئ بابت ليفٽيننٽ رٿبورن جي رپورٽ تي ڪمپني حڪومت اطمينان جو اظھار ڪندي, نيپيئر کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ غلامئ وارئ رسم ۽ تجارت خلاف جوڳا اپاء وٺي. 27.5.1936: ڪراچئ ۾ ” سنڌ سينٽرل لٽريچر سوسائٽي" جوڙي وئي ته جيئن بامبي يونيورسٽئ طرفان سنڌي ٻولئ سان ٿيندڙ ماٽيلئ ماء واري سلوڪ خلاف آواز اٿارجي ۽ سنڌئ جي تاريخي, سماجي ۽ تدريسي حقن جي حفاظت ڪجي. هن تحريڪ ۾ پرنسپال شاهاڻي, ڄيٺمل پرسرام ۽ شيخ عبدالمجيد اڳواڻ ھئا. 27.5.1971: سنڌ ۾ ڊويزنل ۽ تعلقي ڪائونسلن کي ٽوڙيو ويو. 27.5.1980: " هاء ڪورٽون مارشل لا ريگيوليشنس خلاف ڪو حڪم ڏئي نه سگهنديون"- سرڪاري حڪم نامو جاري ڪيو.

Monday, 25 May 2026

SINDH in history today (26th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Research by Dr.Pathan & Translation by his son Mumtaz. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th MAY} & GOOD DAY WISH. Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute. Dr. Pathan wishes you Good Day. TRANSLATION OF MY POETRY INTO ENGLISH: [ Everybody gets lap of Mother and Mother-land. But, some lucky people get lap of his/her loved one and beloved. Affiliation and nearness to these three laps makes man perfect and an ideal. Everybody learns language of love & respect from these laps and every lover can sacrifice everything including life for honour, dignity and status of these laps. Much before my creation, my body and soul were handed over to the trio of my mother, mother -land and owner of my heart. Hence, I am most protect man in the world and I can make the history and create my history] ملن هر ڪنهن ماڻهوء کي گود مٺڙئ ماء جي ۽ ڌرتئ جي جهولي, پر دامن دلبر جي ڪنهن ڪنهن کي ملي جا هر ڪنهن ڳولهي, ٽيئي ماڳ مڪان عجب جا پيار محبت جي سي سيکارن ٻولي, هئ دل منهنجي صدين کان بلڪ ازل کان آھي تن جي گولي, تن ۽ من روح جي هولي, تن سان پنهنجي سرت سلام سان. ************ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th May} By. Dr. Dur Muhammad pathan EVENTS 1843: The Governor - General of India directs to the Governor of Sindh that Karachi be made Capital of the British Sindh and Water for Karachi be obtained from the Ghizree hills and measures be adopted for communication between Karachi and Hyderabad. 1849: Lord Bishop of Calcutta is granted custody of churches and burial grounds. 1895: Weakly 'Aftab Sindh' is founded by Haji Abdul Rahman Memon at Sukkur. Rais Shamsuddin 'Bulbl' is first editor. The played role in encountering propangda by Arya Samaj and Christanity. 1930: Ayub Khuhro compiles 'Sufferings of Sindh'. That proved to be better Presentation in favour of separation of Sindh from Bombay Presidency. Part2 1949: Pakistan demand plebiscite in Hyderabad Dhakan. 1950: Journalists take out protest procession in Larhore against Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, the president of PNEC. 1953: U.K's pro - Indian policy on Kashmir issue is compelling Pakistan to revise herrelations with that country, say Prime Minister Bogra. 1956: Maj. Gen. Iskandar Mirza, president of Pakistan, imposes President's rule in East Pakistan.1958: Russia doubts misuse of U.S.A base in Pakistan against her integration. Pakistan denies it. 1975: Opposition is violating 6th Feruary Agreement, say Z.A.Bhutto. 1977: Acceptance of our basic demands has paved way for opposition - Govt. talks, says Pir of Pagaro, Acting President of PNA. 1979: Begam Nusrat Bhutto is elected as PPP Chairperson. SINDHI TRANSLATION OF THE POST: EVENTS: Dr.Pathan. سج به روزانو اڀري, صبح به روزانو ٿئي ۽ مان به روزانو اوهان جي حاضري ڀرڻ اچان ٿو ۽ روز ٽالپورن جي دور کان وٺي ويندي اڄوڪي دور تائين تاريخ مان ڪي واقعا کڻي اوهان جي دل ۽ دماغ جي در تائين پهچائيندو آهيان. اڄ جن واقعن جي پسمنظر ۽ پيشمنظر تي مون راء ڏني آهي, ان جو لفظ لفظ اوهان سان ڳالهائيندو. وڊيو ۾ شخصيتن/ادارن/ پارٽين/ ولادتن ۽ وفاتن بابت به معلومات موجود آھي. يوٽيوب تي سبسڪر اڄوڪا ڪي واقعا: 26.4.1832 ممبئي سرڪار ڪرنل پاٽينجر کي اها منظوري ڏني ته هو سنڌ جي حڪمرانن کان مدد وٺي ٿرپارڪر طرف ڌاڙيلن خلاف ڪو مناسب قدم کڻي. ياد رهي ته انھئ طرف فرنگين کي ڏوهارين ٿوڙي وطن-دوستن ڦرڻ لٽڻ شروع ڪيو هو. 26.5.1843 گورنر جنرل اڄ خط لکي سنڌ جي لٽيري گورنر نيپيئر کي اجازت ڏني ته ڀلي ڪراچئ کي گادئ جو هنڌ بڻائي. ڪراچئ لاء پاڻي گذرئ مان هٿ ڪجي. ڪراچئ ۽ حيدرآباد وچ ۾ آمدرفت جي ذريعن وسيلن کي سڌاريو وڃي. 26.5.1930 سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ دوران ڪيترن هندو, پارسي ۽ مسلمان سياستدانن ڪتاب/ڪتابڙا لکيا. اڄ محمد ايوب کهڙي جو ڪتاب " مصائب سنڌ" Sufferings of Sindh شايع ٿيو. جنهن ۾ تاريخي, ثقافتي ۽ سماجي بنيادن تي سنڌ جي الڳ تشخص کي ثابت ڪيو ويو. ايوب کهڙي پوء وري سنڌ کي ون-يونٽ جا زنجير پهرايا. 26.5.1950 پير علي محمد شاه راشدي هنن ڏينهن ۾ PNEC جو صدر هو. لاهور جي صحافين اڄ ھن جي خلاف شديد احتجاج ڪيو. 26.5.1956 اولھ پاڪستان کي ون-يونٽ جي ڳٽ سان سوڙھو ڪرڻ کان پوء اوڀر پاڪستان کي ڏينھن جا تارا ڏيکارڻ لاء صدر جنرل اسڪندر مرزا اتي اڄ صدارتي راڄ لاڳو ڪيو. 26.5.1975 " مخالف ڌر وارا 6 فيبرورئ واري ٺاه جي ڀڃڪڙي ٿا ڪن. اسيمبلئ ۾ نه ٿا اچن ته مستعفي ٿين"- وزير اعظم ڀٽي جو بيان. 26.5.1979 بيگم نصرت ڀٽو کي پيپلز پارٽئ جي چيئرپرسن بڻايو ويو. 26.5.1990 حيدرآباد ۾ ڪرفيو جي ڇانو ۾ دهشتگردن سڄي شهر کي لٽيو ڦريو ۽ گهرن کي باهيون ڏنيون. پنهنجي وطن/شھرن ۾ پنهنجو ايئن به حشر ٿيندو آيو آھي. اڄوڪي ڏينهن 26 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 26 مئي 1904ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر رامچند بچاڻي (ٽنڊو آدم) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 مئي 1934ع ليکڪ مصطفى حيدر جتوئي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 مئي 1965ع صحافي خالد کوکر جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 26 مئي 1984ع شاعر مرزا اجمل بيگ (ٽنڊو ٺوڙهو) جو لاڏاڻو ٿيو 26 مئي 2006ع وِلن جي ڪردار جو مشهور اداڪار اديب دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.