** 1930ع ۾ اڄوڪي
تاريخ تي هندستان ۾ انگريزن جي قبضي خلاف
ڪانگريس عدم تعاون تحريڪ شروع ڪري ڇڏي،
هي تحريڪ
لڳ ڀڳ هڪ سال تائين جاري رهي، جنهن ۾ ڪانگريس جي سنڌ
سان تعلق رکندڙ
اڳواڻن توڙي ڪارڪنن به ڀرپور حصو ورتو، ڪيترائي اڳواڻ جيل پڻ ويا.
** 1931ع ۾ اڄوڪي
تاريخ تي هندستان جي انگريز سرڪار هڪ
آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن مطابق جيڪڏهن ڪو شخص
پنهنجي قول
۽ فعل يا لکڻي ذريعي دوست ملڪن سان برطانيا جي لاڳاپن کي خراب
ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندو ته ان کي ٻه سال ٽيپ، ڏنڊ يا ٻئي گڏيل سزائون ڏنيون وينديون.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت طرفان تعليمي سڌارن
لاءِ
جوڙيل ايڊوائيزري ڪائونسل پنهنجون سفارشون پيش ڪري ڇڏيون،
جنهن ۾ اهو به ڄاڻايو
ويو ته اسڪولن ۾ بنيادي مذهبي تعليم لازمي طور پڙهائي وڃي.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مارٽن لوٿر ڪنگ جي قتل خلاف
آمريڪا جا 100
کان وڌيڪ شهر هنگامن جي لپيٽ ۾ اچي ويا،
مارٽن لوٿر ڪنگ جي حامين ڪيترين ئي عمارتن
کي باهيون
ڏئي ڇڏيون، وڳوڙن ۾ 19 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين
زخمي ٿيا. پوليس
3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.
** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ پ پ چيئرپرسن
بينظير ڀٽو ۽ آصف
زرداري جي نااهلي ۽ قيد وارو فيصلو
ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جسٽس بشير جهانگيري جي
سربراهي
۾ بينچ ايس جي ايس ڪيس جي نئين سر ڪارروائي هلائڻ جو حڪم ڏنو.
فيصلي بعد
لنڊن ۾ موجود بينظير ڀٽو جو چوڻ هو ته اسان جي
موقف جي فتح ٿي آهي.وطن واپسي جي
تاريخ طئي ڪري رهي آهيان.
** 2008ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نثار کهڙو سنڌ اسيمبلي جو بنا مقابلي
اسپيڪر ۽ شهلا رضا ڊپٽي اسپيڪر ٿي وئي.
** 2013ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جعلي ڊگرين واري ڪيس ۾
80 سياستدانن کي
ڪليئر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته 109 سياستدانن
جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو ويو.
No comments:
Post a Comment