** 1839ع ۾ اڄوڪي
تاريخ تي معاهدي جو نئون ۽ ترميم ٿيل مسودو
مير نور محمد خان، مير محمد خان ۽ مير
صوبدار خان ٽالپر کي پيش ڪيو ويو،
انهن کي ٻڌايو ويو ته هندستان جي گورنر جنرل جو
حڪم آهي ته
اهو حتمي مسودو آهي ۽ هن ۾ هاڻي ڪابه ترميم نٿي ڪري سگهجي،
انگريز عملدار
اهو مسودو سنڌ جي حڪمرانن تائين پهچايو.
** 1918ع ۾ اڄوڪي
تاريخ تي رسائي ڪميشن پنهنجو ڪم شروع ڪري
ڇڏيو ۽ مختلف زميندارن توڙي آبادگارن کان
بيان وٺڻ شروع ڪيا،
جڏهن ته ڪميشن ڪراچي ۾ شاهديون گڏ ڪرڻ به شروع ڪيون،
رسائي
ڪميشن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي ڪوششن سان سنڌ سرڪار
طرفان جوڙي وئي هئي، جنهن ۾
سيٺ هرچند راءِ وشنداس ۽ غلام حسين هدايت الله ميمبر هئا.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر ۾ پير
سيد اسدالله شاهه جي
صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اٽڪل 4 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي،
گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ مسلم ليگ جي نئين سر تنظيم سازي
ڪئي ويندي، ان لاءِ
هڪ ڪاميٽي به جوڙي وئي، جنهن ۾ بئريسٽر
جان محمد جوڻيجو، پير تراب علي شاهه ۽ پير
انور علي شاهه ميمبر طور شامل ڪيا ويا.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾
ڪانگريس طرفان گانڌي گرفتاري
ڏينهن ملهايو ويو، ان حوالي سان مک شهرن ۾ گڏجاڻيون
ٿيون،
جنهن ۾ مقررن حڪومت خلاف تقريرون ڪيون.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان سيٽو
وزارتي گڏجاڻي کان پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر جنرل
يحيٰ خان انتظامي
معاملا هلائڻ لاءِ ٽه رڪني ڪائونسل جوڙي، جنهن جو چيئرمين پاڻ
ٿيو،
جڏهن ته ميمبرن ۾ ليفٽيننٽ جنرل عبدالحميد خان،
وائيس ايڊمرل ايس ايم احسان ۽
ايئرمارشل نورخان شامل هئا.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان
۾ حالتون خراب
ٿيڻ کانپوءِ اٽڪل 100 برطانوي ۽ آسٽريلوي خاندان ڍاڪا مان
سنگاپور
پهتا، ڍاڪا ۾ معاملا خراب ٿيڻ سبب سڀ کان پهرين پرڏيهين نڪرڻ شروع ڪيو.
** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايم ڪيو ايم
حقيقي جي سربراهه
آفاق احمد کي 2 ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو. هو ڊفينس جي علائقي
۾
هڪ مسواڙ جي گهر ۾ ترسيل هو، جتان کيس سوگهو ڪيو ويو،
پوليس بيان ۾ چيو ويو ته هن
تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن.
جڏهن ته عامر خان ۽ ٻين کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو هو.
No comments:
Post a Comment