**
1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر ميرپورخاص مان ولي محمد چانڊيو
کي خط لکيو ته
مون کي خبر آهي ته اوهان ٽالپر حڪمرانن جا وفادار رهيا آهيو
۽ اسان ان وفاداري کي
قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا پر هاڻي ٽالپرن جي
حڪومت نه رهي آهي، برٽش حڪومت اچي وئي
آهي، ان ڪري ضروري
آهي ته توهان برٽش حڪومت سان غير مشروط طور تي وفادار رهو ۽
اهو
ذهن ۾ رکو ته اوهان کي ڪهڙي ڳالهه ڪئي وئي آهي، توهان خاطري
ڪرايو ته جبلن تي چڙهي
ويل ماڻهو سنڌ ۾ داخل نه ٿيندا ۽ امن امان جو ڪوبه مسئلو پيدا نه ڪندا.
**
1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيڪب آباد ۾ مسلم ليگ طرفان
پاڪستان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي،
جنهن جي صدارت بهار جي
اڳوڻي وڏي وزير محمد يونس ڪئي، استقباليه ڪاميٽي جي
چيئرمين مير جعفر خان جمالي سنڌي ۾ آجياڻي تقرير ڪئي،
ڪانفرنس ۾ پنجاب، بلوچستان ۽
هندستان جي مختلف شهرن مان وفدن شرڪت ڪئي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايم اي
گرماڻي کي نئين ٺاهيل
ويسٽ پاڪستان صوبي جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته
ڊاڪٽر
خانصاحب کي وڏو وزير بڻايو ويو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ جي
پهرئين چونڊيل
وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي راولپنڊي جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي،
جنهن
کانپوءِ سندس مڙهه کي سخت سيڪيورٽي ۾ ڳڙهي خدا بخش نيو ويو،
بيگم نصرت
ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي ذوالفقار علي ڀٽو جو لاش نه ڏنو ويو،
سيڪيورٽي اهلڪار پنهنجي
تحويل ۾ لاش ڳڙهي خدا بخش کڻي ويا،
جتي ڳجهي نموني سندس تدفين ڪئي وئي، ذوالفقار
علي ڀٽو کي نواب احمد قصوري
جي قتل ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ موت جي سزا ٻڌائي هئي ۽
سپريم ڪورٽ پڻ انهيءَ فيصلي کي برقرار رکيو، جڏهن ته ڪجهه ججن فيصلي تي اتفاق نه
ڪيو.
No comments:
Post a Comment