Tuesday, 4 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (5th April) By: Dr. Pathan


** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل
 پوٽينجر خيرپور جي مير رستم خان سان ملاقات ڪئي ۽ دوستيءَ واري
 معاهدي تي ڳالهيون ڪيون پر پوٽينجر کي سٺي موٽ نه ملي. جنهن 
ڪري هن پنهنجي حڪومت کي آگاهه ڪندي مايوسي جو اظهار ڪيو.
 کيس ڪوششون جاري رکڻ لاءِ چيو ويو.
** 1842ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور جي مير رستم خان ٽالپر انگريز
 عملدار ميجر آئوٽرام کي خط لکيو، جنهن ۾ هن کيس چيو ته مير علي مراد خان ٽالپر 
کي روز بيل جيڪي پنج ڳوٺ ڏنا هئا، انهن کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي يا ٻي
 صورت ۾ مون کي اها اجازت ڏني وڃي ته پنهنجي حيثيت ۾ انهن ڳوٺن جي
 بحالي جو ڪم شروع ڪريان، ان ۾ انگريز حڪومت جي ڪابه مداخلت نه هجي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيڪب آباد ۾ ٻن ڏينهن واري پاڪستان
 ڪانفرنس جي آخري ڏهاڙي تي 15 ٺهراءُ منظور ڪيا ويا، ڪانفرنس 
کي پير الاهي بخش، پيرزادو عبدالستار، ڪي بي کهڙو، قاضي محمد عيسيٰ آف 
ڪوئيٽا، مولانا عبدالستار نيازي آف پنجاب، مولوي عبدالقدوس بهاري،
 محمد يونس آف بهار، مير قادر بخش آف بلوچستان، ميان ضياءُالدين ۽ ٻين خطاب ڪيو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي وزيراعظم سر ونسٽن چرچل 
پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي.بڪنگهم پئلس مان جاري بيان ۾ 
ڄاڻايو ويو ته ونسٽن بيماري سبب استعيفا ڏني. هو برطانيا جو وڏي عرصي تائين وزيراعظم رهيو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد هاشم گزدر کي فوجي عدالت 
طرفان 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا ۾ ڪاري نسل جي ماڻهن 
سان زيادتين خلاف تحريڪ هلائيندڙ اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ جي 
قتل خلاف احتجاج جو وڏو سلسلو شروع ٿي ويو،  اٽڪل 100 شهرن 
۾ ماڻهو روڊن تي نڪتا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي وئي.هن آمريڪا ۾ ڪاري
 رنگ جي ماڻهن جي حقن لاءِ وڏي تحريڪ هلائي، کيس آمريڪا جي
 ڏاکڻي شهر ميمفس ۾ صفائي واري عملي جي مارچ دوران گوليون هڻي 
ماريو ويو هو، هو هڪ هوٽل جي بالڪوني ۾ بيهي مارچ وارن سان 
يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيو هو.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ 
شامل آمريڪي شخص هوورڊ هگس فوت ٿي ويو.




No comments:

Post a Comment