”ڪيئن ريجهايان توکي، ڪيئن پرچايان؟“
ڊاڪٽر
در محمد پٺاڻ
چوڻيون، اصطلاح ۽ پهاڪا قومن جي تاريخ کانسواءِ، سندن نظرياتي بيهڪ ۽
رخن تي به روشني وجهندا آهن. چوندا آهيون ته ”رٺا ئي رهن، پر هجين
حياتي.“ ڪيڏا نه سندر لفظ آهن ۽ اسان جي جذبن جي ڪيڏي نه سهڻي ترجماني
ڪن ٿا. پر هن لفظن ٻڌڻ سان نفسيات جي ماهرن جي اکين ۾ اوس ئي ڳوڙها اچي ويندا ۽
سمجهي ويندو ته هن قوم کي رسڻ کانسواءِ ٻيو ڪم اچي ئي ڪو نه ٿو. حقيقت به اها ئي
آهي. رسامن اسان جي خوشين لاءِ رانوڻ جهڙوڪ ڪردار ادا ڪيو آهي. مثال طور ٻارن جو
طوهر ڪرايو يا شادي پر گهربل سامان وٺڻ کان اڳ رٺل مائٽ پرچائڻا پوندا. بس پٽڪي
ميڙ هوندي، نياڻيون پيون رلائبيون. ڪو پرچندو ته ڪو رٺو ئي رهندو، ڀت ڪيو يا خيرات
ڪريو، پوءِ ويهي ڏسو ته پاٽڙن مٿان پاٽڙا ڪيئن ٿا ڀڄن، ٽٽن. عيد ٿيندي ته اها همت
ئي ڪا نه ٿيندي ته ڪنهن رٺل مائٽ يا يار جي در تي وڃي عيد مبارڪ ڏجي. ماڻهو منهن
پٽائڻ بدران نماز پڙهي، چپ چاپ وڃي پنهنجي گهر پهچندو.
اسان جڏهن چئون ٿا ته ”رٺا ئي
رهن، هجين حياتي“ ته ان جو مطلب اهو آهي ته اسان آڻ مڃي ويٺا آهيون ته پرچڻ پرچائڻ
پنهنجي وس جي ڳالهه ڪانهي. ڪاوڙ اسان مان هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪنڊي تي چڙهي ويٺي
آهي. بس ڪو بهانو گهرجي، ڪو موقعو گهرجي، پوءِ ڏسو اسان جا رنگ.
جڏهن ڏاهن سياڻن اهو محسوس ڪيو
۽ ڏٺو ته جائز يا ناجائز ڪاوڙ سان اسان جو سماجي ۽ قومي گاڏو نه گڙندو ته پوءِ هنن
اسان کي ٻي واٽ ڏيکاري. جيڪا هئي ۽ آهي ته ”ڪيئن ريجهايان توکي، ڪيئن پرچايان“. ان
مان به نفسيات جو ماهر اهو اندازو لڳائي ويندو ته هيءَ قوم پرچائڻ لاءِ سڀ حيلا
هلائي چڪي آهي ۽ هاڻي ان کي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر ڪهڙي طريقي سان رٺل
پرچائجن.
”رس م رسڻ
گهوريو“ جي صلاح ۽ دانهن ڪوڪ رٺلن کي ٻڌڻ ۾ ڪا نه ايندي آهي. جهڙوڪ سندن ڪنن ۾
ڪپهه نه پر ڪو سيهو ڀريل هجي. ڀلا اهڙيءَ قوم جو حشر ڪهڙو ٿيندو، جيڪا رسڻ تي ڳنڍ
ٻڌي بيهي رهي، جيڪا درگذر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ سکي ئي ڪا نه هجي، جيڪا ميڙن منٿن ۽ عرض
گذارشن کي ٻڌي نه سگهي، جيڪا غريبن ۽ مظلومن، محتاجن ۽ ضرورتمندن جون آسمان
ڦاڙيندڙ دانهون ٻڌي نه سگهي، جيڪا ڀِتِ کان وڌيڪ خاموش هجي، جنهن تي دل پٿر کان به
وڌيڪ سخت هجي؟ هي اسان جو هڪ اهم ۽ سنگين مسئلو آهي. اسان جا مدبر ۽ مفڪر، دانشور
۽ رهبر هن مسئلي تي ڇو نه ٿا سوچن؟ اسان پاڻ انهيءَ تي ڇو نه ٿا لوچون؟
چئون ته اهو ٿا ته اسان هڪ ئي
قوم جا هڪ جهڙا ۽ برابري رکڻ وارا فرد آهيون. پوءِ ذهنن ۾ اهو زهر ڪنهن ڀريو آهي؟
زبانن مان مٺاس ڪنهن ڪڍيو آهي؟ روين ۾ اهڙي بي رخي ڪيئن پيدا ٿي آهي، جو اسان
هڪٻئي سان پرچي نه ٿا پئون، هڪ ٻئي کي معاف نه ٿا ڪيون ۽ درگذر نه ٿا ڪيون. اسان
هڪ ٻئي جون ڪهڙيون ٻليون ماريون آهن؟ هڪٻئي جي ڪهڙي ٻار، ساڙ آهي؟ اسان ماڻهو ته
آهيون، پر ماڻهپو ڪاڏي ويو آهي؟
اهو به سمجهون ٿا ته انسان،
انسان آهي ۽ فرشتو ڪونهي، پوءِ پاڻ کي فرشتو ۽ ٻين کي وحشي ڇو ٿا سمجهون؟ خطائون
ته هر ڪنهن انسان کان ٿينديون آهن. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڪا غلطي ڪئي هجي ته ڪهڙي
اربعا خطا ٿي؟ ڪهڙو آسمان ڪريو ۽ ڪهڙي ڌرتي ڦاٽي پئي، اسان جي رشتن ناتن جا اڀ
ڪهڙي طريقي سان ڦاٽي پيا آهن جو انهن کي ٽوپو ئي ڪو نه ڏئي سگهجي؟ اسان جيڪي اٺ
ڪتابن جا پڙهون ٿا، انهن جو اسان جي دلين تي ڪو اثر ڇو نه ٿو ٿئي؟
اسان جن حالتن مان گذري رهيا
آهيون ۽ جيڪي ڀوائتيون حالتون تيزيءَ سان اسان کي ڳڙڪائڻ لاءِ اچي ۽ وڌي رهيون
آهن، انهن جي گهرج اها آهي ته اسان ۾ سهپ ۽ برداشت جي قوت پيدا ٿئي ۽ اسان ”جيها
جي تيها، سي مارون مون مڃيا“. واري لطيف سائين جي صلاح تي هلون. ٻيو ڪجهه نه ڪيون،
ڪنهن جنگ جي محاذ ۽ ميدان ۾ ٽپي نه پئون، پر پنهنجي انا تي فتح حاصل ڪري وٺون ۽
پنهنجي دل کي درياهه ڪري ڇڏيون. دلين ۾ ڌڻي وسي ٿو، پوءِ ان ۾ اسان نفرت ۽ ڪروڌ،
ڪاوڙ ۽ غصي کي ڇو جاءِ ڏئي ويٺا آهيون. من جي مندر ۾ دل جي مسجد ۾ اسان باقي
انسانن جي داخل ٿيڻ تي پابندي ڇو هڻي ڇڏي آهي؟
اسان جيڪڏهن هڪٻئي سان پرچي
پئون ته اک ڇنڀ ۾ گنڀير قومي ۽ سماجي مامرا طئي ڪري وڃون. اسان جيڪڏهن هڪٻئي کي
معاف ڪرڻ جو عملي مظاهرو ڪيون ته دلين مان ڪدورت جو خاتمو ٿي وڃي ۽ هر ڪو پنهنجو ۽
پيارو لڳي. هاڻي اسان کي پاڻ سوچڻ گهرجي ۽ پاڻ دڳ ڪڍڻ گهرجي ته پاڻ کي ۽ ٻين کي
ڪيئن پرچايون؟
No comments:
Post a Comment