Saturday, 1 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (2nd April) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر پنهنجي حڪومت کي
 ٻڌايو ته سنڌ جي روينيو انتظاميا لاءِ بندوبست ڪيا ويا آهن، صوبي جي
 مختلف ضلعن ۾ ڪليڪٽر رکڻ لاءِ ڳالهيون هلي رهيون آهن، ڪليڪٽر
 کي ماهوار 1200 رپيا پگهار ڏيڻ جي تجويز اوهان کي موڪلي وڃي ٿي. 
منظوري ڏيڻ کانپوءِ سڀني ضلعن ۾ ڪليڪٽر رکيا ويندا.
** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي سماجي تنظيم آنند منڊلي
 پنهنجي ٻي سالگرهه ملهائي، پروگرام جي صدارت درگداس بي آڏواڻي
 ڪئي، ان ئي پروگرام ۾ 50 مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي، 
جن ۾ ليکڪ پي ايل واسواڻي پڻ شامل هو.
** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندو برادري جي هڪ وفد جئرام داس
 دولترام جي سربراهيءَ ۾ بمبئي حڪومت جي هوم ميمبر سان 
ملاقات ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻي ۾ 4 اپريل تي عيد جي 
موقعي تي فوج مقرر ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته کين شڪ آهي ته
 ڪجهه ماڻهو سندن ملڪيتن تي حملا ڪري سگهن ٿا.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صحافي آسرداس پرسواڻي سکر
 مان ماهوار رسالو ”نوجوان“ شروع ڪيو، هن رسالي کي 
ڪڍڻ جو مقصد نوجوانن ۾ سماجي، اخلاقي ۽ مذهبي حوالي سان جاڳرتا پيدا ڪرڻ هو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ ترڪي سياسي، 
معاشي ۽ ثقافتي معاملن ۾ تعاون لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀيڻ م
يڊم شاهه بانو پنهنجي ڀاءُ کي موت جي سزا کان بچائڻ لاءِ رحم جي اپيل داخل ڪرائي.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو اسلام آباد 
۾ سفيرن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير ۽ افغانستان 
جي معاملن تي عالمي برادري آڏو پاڪستان جو مضبوط ڪيس پيش ڪيو وڃي.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي ڪابينا ڪوٽ ادو ٿرمل پاور
 پلانٽ جا 26 سيڪڙو شيئر هڪ برطانوي ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني.



No comments:

Post a Comment