** 1839ع ۾ اڄوڪي
تاريخ تي سيٺ نائومل ڪرنل پوٽينجر سان گڏ بمبئي
کان ڪراچي پهتو، سيٺ نائومل ڪراچي
۾ انگريزن کي سموريون
سهولتون فراهم ڪيون ۽ انهن جي تمام گهڻي مدد ڪئي، انگريزن
سندس مدد سان سنڌ تي قبضو ڪيو، سيٺ نائومل ڪراچي جي
صدر بازار واري علائقي ۾
ڪيترائي دڪان پڻ ٺهرايا. واضح رهي
ته انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو ته پوءِ
سيٺ نائومل کي
ايتري اهميت نه ڏني وئي، بلڪه هن کي عهدي تان به هٽايو ويو.
** 1921ع ۾ اڄوڪي
تاريخ تي ناليواري شاعر ديوان ليلارام سنگهه
وطن مل خاڪي جي سربراهيءَ ۾ اينٽي نان
ڪوآپريشن سوسائٽي
قائم ڪئي وئي، سوسائٽي ۾ مرزا قليچ بيگ به شامل هو، سنڌ جي
شاعرن
۽ ليکڪن طرفان برٽش حڪومت جي حمايت ۾ اها پهرين تحريڪ هئي.
**1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ کي بمبئي
پريزيڊنسي کان ڌار
ڪيو ويو ۽ ان کي واپس صوبائي حيثيت ملي وئي، واضح رهي ته
سنڌ
1843ع تائين هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي موجود
هئي، ساڳئي سال ۾ سنڌ
پنهنجي خودمختياري وڃائي ڇڏي،
انگريزن قبضي کانپوءِ سنڌ کي 1847ع ۾ بمبئي
پريزيڊنسي
سان گڏائي ڇڏيو، جڏهن ته صوبائي حيثيت بحال ٿيڻ کانپوءِ سر
لينسلاٽ
گراهم کي گورنر ۽ ايڇ ڪي ڪرپلاڻي کي سنڌ
حڪومت جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
** 1941ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سر هگ ڊائو
کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت سرڪاري
ڪئمپون (لوڙها) ختم ڪري حرن کي آزاد ڪري ڇڏيو.
No comments:
Post a Comment