Wednesday, 8 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (9th March) By: Dr. Pathan


** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي ٽن وزيرن ۽ پنجن ايم پي
 ايز تي ٻڌل سليڪٽ ڪاميٽي جوڙي ورتي، جنهن کي ٽيننسي ايڪٽ 
تي غور لاءِ ذميواري ڏني وئي، سليڪٽ ڪاميٽي جي ميمبرن ۾ مير
 غلام علي ٽالپر، قاضي فضل الله، آغا غلام نبي پٺاڻ، مولا بخش
 سومرو، غلام رسول جتوئي، نبي بخش ڀٽو، جاکر خان جمالي 
۽ ٽهليرام ٽيڪچند شامل هئا. ڪاميٽي کي چيو ويو ته اها
 عوام کان ٽيننسي ايڪٽ بابت راءِ معلوم ڪري.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان
 حڪومت خلاف سازش کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ 
راولپنڊي سازش ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ميجر جنرل اڪبر 
خان، برگيڊيئر لطيف، فيض احمد فيض ۽ ٻين جا نالا جوابدار طور شامل ڪيا ويا.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولا بخش سومرو کي رياستي معاملن جو وزير بڻايو ويو.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت ڊڪٽيٽر جوزف
 اسٽالن جي ڌيءَ ڀارت ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ سياسي 
پناهه وٺڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي، سويتلانا گهڻو عرصو
 ماسڪو ۾ رهي، هن ڀارت جي هڪ شخص سان ٽين
 شادي ڪئي هئي، ان جي وفات بعد ڀارتي اختيارين کيس
 رهڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد هن 
آمريڪي سفارتخاني ۾ پناهه جي درخواست ڏني.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ذوالفقار علي ڀٽو ريڊيو
 ۽ ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته مارشل لا
 14 آگسٽ تائين ختم ڪئي ويندي ۽ ملڪ ۾ جمهوري نظام آندو ويندو.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق شام جي صدر 
حافظ الاسد سان رابطو ڪيو ۽ پي آءِ اي جي هائيجيڪ ٿيل جهاز
 ۽ مسافرن جي آزادي لاءِ مدد طلب ڪئي، فون تي ٿيل رابطي 
۾ حافظ الاسد صدر ضياءَ کي خاطري ڪرائي ته هو پي آءِ اي
 جو هائيجيڪ ٿيل جهاز ۽ مسافر آزاد ڪرائڻ ۾ ضرور مدد ڪندو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور کان ڪوئيٽا ويندڙ ريل گاڏي
 چلتن ايڪسپريس ۾ ڇانگا مانگا ريلوي اسٽيشن وٽ بم ڌماڪو
 ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين
 زخمي ٿي پيا.جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي سکر جي سيشن 
ڪورٽ ۾ به بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ماڻهو مارجي ويو ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انساني حقن جي اڳواڻ 
عاصمه جهانگير کي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي
 عورتن واري اداري طرفان ملينيم پيس پرائيز ڏنو ويو.


No comments:

Post a Comment