Thursday, 2 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (3rd March) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر ميرپورخاص جي مير
 شير محمد خان کي خط لکي ياد ڏياريو ته اوهان مون کي خاطري
 ڪرائي هئي ته انگريزن خلاف ڪنهن به ويڙهه ۾ شامل نه ٿيندا
 ۽ توهان جا فوجي دستا انگريزن کي نقصان نه پهچائيندا،
 مون کي يقين آهي ته اوهان ان واعدي جي پاسداري ڪندا،
 توهان کي ڪو خطرو نه هوندو پر انهن سڀني ڳالهين جي 
باوجود توهان جيڪڏهن شڪست يافته بلوچن تي ڀاڙيندا، 
فوجي دستا وڌائيندا يا حيدرآباد پهچي پنهنجي بيگناهي ثابت 
نه ڪندا ته آئون ڪارروائي ڪندس ۽ توهان کي سزا ڏني ويندي.
** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي 
حق ۾ تاريخي ٺهراءُ منظور ڪيو، جيڪو جي ايم سيد طرفان
 پيش ڪيو ويو هو، اجلاس ۾ ووٽنگ وقت 27 ميمبر موجود هئا،
 ٽن غير مسلم ميمبرن گوڪلداس، ڊاڪٽر هيمنداس ۽ لالومل
 موٽواڻي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته 24 مسلمان ميمبرن 
حمايت ۾ووٽ ڏنو، انهن ميمبرن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي،
 امير علي لاهوري، غلام علي ٽالپر، غلام حسين هدايت الله،
 غلام محمد اسراڻ، جي ايم سيد، غلام نبي شاهه، پير الاهي بخش،
 نواب ڄام خان محمد، قيصر خان، سيد محمد علي شاهه،
 خانبهادر ايوب کهڙو، محمد هاشم گزدر، عثمان سومرو، 
محمد يوسف چانڊيو، نور محمد شاهه، رسول بخش انڙ،
 علي گوهر مهر، شمس الدين بارڪزئي، سهراب خان سرڪي ۽ مسز جي  الانا شامل هئا.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٽن ڏينهن واري هاري 
ڪانفرنس سائين جي ايم سيد جي صدارت ۾ شروع ٿي، 
جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ جاگيرداري نظام ختم ڪيو وڃي، 
ڪانفرنس ۾ حيدر بخش جتوئي کي صدر، عبدالقادر کوکر کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو.

** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ چيف ڪورٽ سنڌ حڪومت
 طرفان جاگيرداري سسٽم جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل آپريشن خلاف اسٽي جاري ڪري ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment