** 1836ع ۾ اڄوڪي
تاريخ تي مير نور محمد ٽالپر جي علاج لاءِ رکيل
اسسٽنٽ سرجن هيٿورن کي واپس
هندستان گهرايو ويو، سنڌ ۾ مقرر
پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر پنهنجي حڪومت کي
درخواست
ڪئي ته اهڙي عمل جو مير نور محمد ٽالپر ٻيو مطلب وٺي سگهي ٿو،
جڏهن ته
پوٽينجر منشي ڄيٺانند کي اهو به ٻڌايو ته بمبئي مان ايندڙ
واپارين لاءِ سنڌي ماڻهو
مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن، ان ڪري
سنڌ حڪومت ان معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ اهي حڪم جاري
ڪري ته بمبئي مان ايندڙ ماڻهن جي ٻيڙين سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وڃي.
** 1837ع ۾ اڄوڪي
تاريخ تي انگريز عملدارن ڪئپٽن ڪارليس ڪراچي پهتو،
جتي سيٺ نائو مل سندس آجيان
ڪئي.
** 1906ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ برٽش
ايمپائير ليگ جي
سنڌ شاخ قائم ڪئي وئي، اها تنظيم ڪيترن ئي سالن تائين
سرگرم رهي ۽
برطانوي مفادن لاءِ ڪم ڪندي رهي.
** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي
انتهائي
سرگرم اين جي او ”ڪراچي سوشل سروس ليگ“ پنهنجي
پهرين سالگرهه ملهائي، انهي
سالگرهه جي پروگرام ۾ تنظيم
جي سرپرست پروفيسر شهاڻي صدارت ڪئي، جڏهن ته ناليواري
ليکڪ ڄيٺمل پرسرام، واڌو مل، لال چند امر ڏنو مل، سيٺ گدو
مل فتحچند، شامداس
گدواڻي، ڀيرو مل ليکراج، ڊاڪٽر خوبچند،
ڊاڪٽر دولترام آڏواڻي، ديوان وسن مل، ڀيرو
مل مهرچند آڏواڻي،
پرتاب سنگهه شهاڻي، ايسرداس پارو مل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نئين دهلي ۾
آل انڊيا مسلم
ڪانفرنس جو خصوصي اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ
مان حاجي عبدالله
هارون شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ گول
ميز ڪانفرنس جي انهي فيصلي جي منظوري ڏني وئي ته
سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪيو ويندو ۽ سنڌ ڌار صوبي جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي.
No comments:
Post a Comment