** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليواري ليکڪ ۽ استاد پهلاج راءِ ليلارام واسواڻي
ڪراچي ۾ جنگ عاملس ايسوسيئيشن طرفان ڪوٺايل ليڪچر پروگرام ۾
”اسان کي پنهنجو پاڻ ۾ تبديلي ڇو آڻڻ گهرجي؟“ جي عنوان تي تفصيلي ليڪچر ڏنو،
جنگ عامل ايسوسيئيشن ڪراچي جي ان وقت جي مشهور اين جي او هئي،
جنهن ڪيترائي ادبي پروگرام منعقد ڪرايا.
** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ڪانگريس ڪاميٽي منارٽي بابت
رپورٽ جاري ڪرڻ تي جسٽس اي رحيم جو شڪريو ادا ڪيو.
** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن خلاف شروع ٿيل عدم
تعاون تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ رضاڪارن پنهنجا
نالا لکرايا، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ به اهو سلسلو شروع ٿيو.
** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ مسلم ليگ جي پارلياماني
پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته زميندارن جي مفادن جو تحفظ ڪيو وڃي.
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي مان شايع ٿيندڙ روزاني
اخبار الوحيد جي ايم سيد جي قائداعظم بابت رويي تي سخت تنقيد ڪئي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سيٽلائيٽ ٽائون جي
منصوبابندي ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ لک 20 هزار
ماڻهن کي ترسائڻ جو پلان تيار ڪيو ويو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سرحدي
حدبندين بابت معاهدي تي صحيحون ٿيون.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي تاشقند معاهدي کي رد ڪيو،
هن ايوب خان کي چئلينج ڏنو ته ڀلي ان معاهدي تي ساڻس بحث ڪيو وڃي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس
ملتوي ڪرڻ واري معاملي تي حالتون خراب ٿي ويون، ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳايو ويو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي اين اي بلوچستان ۾ چونڊن
جو بائيڪاٽ ڪندي مطالبو ڪيو ته صوبي مان فوج کي واپس گهرايو وڃي.
No comments:
Post a Comment