** 1919ع ۾ اڄوڪي
تاريخ تي روولاٽ ايڪٽ تي انڊين قانونساز
ڪائونسل ۾ بحث ڪيو ويو پر ڪراچي ۾ ماڻهن
روڊن رستن تي
نڪري ۽ هڙتال ڪري ان قانون کي رد ڪري ڇڏيو، جڏهن
ته حيدرآباد، سکر ۽
شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ ان قانون خلاف شديد احتجاج ڪيو ويو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي
تاريخ تي خان عبدالغفار خان ۽ سائين جي ايم سيد
آل پاڪستان پيپلزپارٽي
قائم ڪئي، جڏهن ته ان کان اڳ ۾ انگريزن
جي دور ۾ سر شاهنواز ڀٽو پڻ پيپلزپارٽي جي
نالي سان تنظيم قائم
ڪئي هئي، جنهن کان متاثر ٿي سندس پٽ ذوالفقار علي ڀٽو پڻ پيپلزپارٽي
جو بنياد وڌو هو، هن پارٽي جي چيئرپرسن بيگم نصرت ڀٽو ۽
بينظير ڀٽو پڻ رهيون،
اڄڪلهه پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي
پارٽين ون يونٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي آءِ اي جي
جهاز کي
دمشق ويندي هائيجيڪ ڪرڻ بعد افغانستان ۾ لاٿو ويو،
جنهن جي نتيجي ۾
پاڪستان ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن
خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪيون
ويون.
** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت ۽
پاڪستان
ڇڪتاڻ سبب وقتي هاءِ ڪمشنرن سميت 5-5 سفارتڪارن
کي نيڪالي ڏئي ڇڏي، ٻنهي
ملڪن پنهنجن سفارتخانن ۾ ٻيو عملو به گهٽ ڪري ڇڏيو.
No comments:
Post a Comment