Sunday, 5 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (6th March) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل طرفان سنڌ ۾ 
مقرر عملدار چارلس نيپيئر کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته هو سنڌ
 حڪومت سنڀالي وٺي، سنڌ کي ڪنهن به خطري کان بچائڻ لاءِ
 فوج جون 2 ريجمينٽ انفينٽري موڪليون پيون وڃن، جڏهن ته 
هڪ آرٽلري سکر موڪلي ويندي. سڀني علائقن کي محفوظ بڻايو ويندو.
 چارلس نيپئر اهڙيون هدايتون ملڻ بعد سنڌ جي انتظامن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي بمبئي جي
 گورنر کي خط لکي مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ڪمشنر جا اختيار گهٽايا وڃن.
 اها به شڪايت ڪئي وئي ته ڪمشنر پنهنجن اختيارن کي اورانگهي رهيو آهي.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊائو ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ سفارش
 ڪئي ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪيو وڃي. سفارشن ۾ اهو به چيو 
ويو ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ کان هڪ 
سال اڳ سڌارن واري اسڪيم به آندي وڃي.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب ۾ قاديانين خلاف ڪارروايون
 شروع ٿيڻ بعد خراب ٿيل صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ
 پنجاب کي فوج حوالي ڪيو ويو، جنرل اعظم مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ٽڪا خان کي ايسٽ پاڪستان
 جو گورنر مقرر ڪيو ويو، ان کان اڳ ايس ايم احسان مقرر هو.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي آءِ اي جو جهاز هاءِ جيڪ 
ڪندڙن پائليٽ طارق رحيم کي قتل ڪري ڇڏيو، هنن مطالبا 
مڃڻ لاءِ حڪومت کي 8 مارچ جي ڊيڊ لائين ڏني ۽ وڌيڪ مسافرن
 کي به مارڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته پي آءِ اي
 هائيجيڪنگ ڪيس تمام گهڻو مشهور ٿيو هو، جنرل ضياءَ 
جي حڪومت دوران اهو جهاز هائيجيڪ ڪيو ويو هو.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آدمشماري هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي
 ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا،  پنجاب حڪومت گهرشماري کي 
مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته اهو به چئي پيو ته 
فوج آدمشماري نگراني ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ماسڪو ۾ زيرزمين ٽرين ۾
 بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

No comments:

Post a Comment