Sunday, 5 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (6th February) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر سڌوجا پهتو،
 جتان هن ميجر آئوٽرام کي خط لکي چيو ته توهان ٽالپر حڪمرانن
 کي آگاهي ڏيو ته اهي لشڪر نه ٺاهين ۽ ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪن،
 جيڪڏهن حيدرآباد جي ميرن پنهنجي علائقي ۾ لشڪر ٺاهڻ ۽ کين عمر
ڪوٽ وڃڻ جي اجازت ڏني ته پوءِ اهي منهنجا دشمن هوندا،
 مان پهرين حيدرآباد تي حملو ڪندس ۽ پوءِ عمرڪوٽ طرف 
اڳڀرائي ڪندس پر جيڪڏهن حالتون ٺيڪ هونديون ته مان هالا
 ۾ ئي رهي پوندس، جتي ميرن سان معاهدي لاءِ ڪم ڪندس.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دي فاريسٽ رينجر سنڌ جي ڪمشنر 
کي خط لکي شڪايت ڪئي ته حيدرآباد جي ڪليڪٽر جي هدايتن تي
 انڙپور ۽ محرابپور جي ٻيلن جي وڏي حصي جي واڍي ڪري اها
 زمين مختلف زميندارن کي زراعت لاءِ ڏني آهي.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ضياءُالحق
کي آرمي چيف مقرر ڪيو، واضح رهي ته جنرل ضياءُالحق آرمي چيف 
مقرر ٿيڻ جي 15 مهينن بعد جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو 
ڪيو ۽ ملڪ ۾ ڪيترن ئي سالن تائين مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ نواب محمد احمد
 قصوري قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو 
خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو، 
لاهور هاءِ ڪورٽ ڀٽو کي موت جي سزا ٻڌائي هئي،
 سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انوارالحق سميت چئن ججن 
ڦاهيءَ واري سزا جي حمايت ڪئي ۽ ٽن مخالفت ڪئي، 
مخالفت ڪندڙن ۾ جسٽس صفدر حسن شاهه،
 جسٽس محمد حليم ۽ جسٽس دراب پٽيل شامل هئا.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ يونيورسٽي ۾ هلندڙ
 امتحان دوران ٻن شاگرد ڌرين ۾ جهيڙي ۾ سنڌي شاگرد
 تحريڪ جو صدر عاشق حسين جوڻيجو ڊين آفيس ۾ قتل ڪيو ويو،
 جنهن ڪري امتحان ملتوي ڪيا ويا.عاشق پهرين سال جو شاگرد
۽ ايس ايس ٽي سنڌ يونيورسٽي جو صدر هو،
 واقعي جو ڪيس جساف اڳواڻن تي داخل ڪيو ويو.
** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روس ۾ زيرزمين هلندڙ
 ٽرين ۾ آپگهاتي حملو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 50 مسافر مارجي ويا 
۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، اهو حملو ٽرين جي پوئين
 بوگي ۾ ٿيو، جنهن جو الزام چيچن باغين تي لڳايو ويو.

No comments:

Post a Comment