** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي صدارت
۾ سياسي اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي نالي سان هڪ
نئين جماعت قائم ڪئي وئي، مير محمد بلوچ ان جو پهريون صدر هو،
جڏهن ته محمد رمضان صديق سيڪريٽري ۽ حاجي علي محمد آخوند
کي خزانچي بڻايو ويو هو، هن جماعت سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ
ڪاميٽي جي اڳواڻ سيد ميران محمد شاهه ڊائو ڪاميٽي کي ميمورنڊم پيش ڪيو،
جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته سنڌ کي بمبئي
کان ڌار ڪرڻ واري ڪيس جي حمايت ڪئي وڃي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت پاڪستان تي الزام لڳايو ته هو ڀارتي
هوائي جهاز جي هاءِ جيڪنگ جو ذميوار آهي.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
خلاف وڌيڪ 5 ڪيس خاص عدالت ۾ پيش ڪيا ويا، جن ۾ چونڊن
۾ ڌانڌلي ۽ فنڊن جو غلط استعمال ڪرڻ جا ڪيس به شامل هئا.
**1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چين جي ڏاکڻي صوبي همان جي شن
يانگ شهر ۾ بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 115 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا،
500 زخمي ٿي پيا. ڌماڪي سبب هڪ 5 ماڙ عمارت به ڊهي پٽ پئجي وئي.
جڏهن ته ساڳئي تاريخ تي تاجڪستان ۾ باغي فوجين 100
سرڪاري فوجي ماري ڇڏيا، جنهن بعد صدر انهن جا مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
**2008ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن کي ٻيهر
مهيني لاءِ نظر بند ڪيو ويو، هن کي نئين ديري وڃڻو هو پر هن
جي سنڌ ۾ داخلا تي به پابندي لڳائي وئي. اعتزاز پنجاب جي نگران
حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو.
اعتزاز سان گڏ جسٽس (ر) طارق محمود کي به گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو.
No comments:
Post a Comment