Saturday, 4 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (5th February) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ميجر آئوٽرام چارلس نيپيئر کي خط لکيو ته خيرپور 
جو مير رستم خان  ميرپورخاص جي شير محمد ٽالپر وٽ مدد لاءِ ويو آهي،
 جتي وڏي انگ ۾ بلوچن کي گڏ ڪري فوج ٺاهي پئي وڃي، لڳي ٿو ته مير
 شير محمد ۽ حيدرآباد جا حڪمران پڻ مير رستم خان جو ساٿ ڏيندا،
 ان ڪري جيڪڏهن اسان هن وقت انهن جي پويان وياسين ته سخت مزاحمت 
کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ نقصان به ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو ٺاهه
 نه ٿيو ته اهي اسان جا اٺ ۽ ٻيو سامان ڦري سگهن ٿا، ان ڪري حالتن 
جو انتظار ڪرڻو پوندو، تڪڙ ڪنداسين ته ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
 معاملي بابت حڪمت عملي جوڙي وڃي.
** 1914ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڪڇي ميمڻ ڊبيٽنگ
 سوسائٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ٺهراءُ پاس ڪري حڪومت کان
 مطالبو ڪيو ويو ته انجمن حمايت الاسلام لاهور جا ڪتاب ڇپرايا
 وڃن ۽ مرزا قليچ بيگ جا ترجما پڻ شايع ڪرايا وڃن، جڏهن ته
 هڪ ٻئي ٺهراءُ ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو ته تعليم کاتي جي انسپيڪٽنگ
 برانچ ۾ ڪنهن به خالي جاءِ تي مسلمان اڳواڻن کي مقرر ڪيو وڃي.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ
 ڪاميٽي فيصلو ڪيو ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ واري معاملي
بابت عوامي جاڳرتا مهم شروع ڪئي ويندي.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو ايوان صدر
 ۾ صدر فاروق لغاري سان ستن ڪلاڪن تائين ڊگهي ملاقات ڪئي،
 جنهن ۾ سرحد جي وڏي وزير خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ تي
 ويچاريو ويو، واضح رهي ته انهيءَ معاملي تي پ پ عدم اعتماد
 رٿ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پ پ ميمبر پورا هجڻ جي دعويٰ ڪئي.
 جڏهن ته نواز ليگ به سرگرم ٿي وئي.
**1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عالمي بئنڪ پاڪستان جي اقتصادي
 صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو، عالمي بئنڪ ڄاڻايو
 ته پاڪستان 250 ملين ڊالر قرض وٺڻ باوجود بئنڪن ۽ واپڊا
 جي حالت بهتر نه ڪئي آهي. ٽيڪس وصولين جا هدف به پورا نه ڪيا ويا آهن.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اعلان ڪيو ويو ته اردن جو
 بادشاهه شاهه حسين لاڏاڻو ڪري ويو آهي، 63 سالن جي شاهه
 حسين جو آمريڪا ۾ ڪينسر جو آپريشن ناڪام ٿي ويو،
 هو ستن سالن کان بيماري ۾ مبتلا هو، شاهه حسين 
17 سالن جي عمر ۾ بادشاهه ٿيو ۽ 47 سالن تائين اقتدار ۾ رهيو.

No comments:

Post a Comment