Friday, 3 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (4th February) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار سر چارلس نيپيئر پنهنجي
 ساٿي عملدار ميجرآئوٽرام کي خط لکي آگاهي ڏني ته هو 6 فيبروري تي
 موري وڃي رهيو آهي، هن کيس وڌيڪ ٻڌايو ته اهي رپورٽون مليون
 آهن ته مير صوبدار خان اسان جي مخالفن سان گڏجي ويو آهي ۽ سندس
 وڪيل ان جي تصديق ڪئي آهي، جيڪڏهن مير صوبدار اهڙو عمل
 ڪيو آهي ته سندس حامي اسان سان گڏجي ويندا. آئون مير علي
 مراد ۽ مير رستم خان جي عزت ڪريان ٿو.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سر ڪائوسجي ۽ ديوان لالچند نولراءِ 
انڊين ليجسليٽو اسيمبلي طرفان آئيني سڌارن بابت جوڙيل گڏيل سليڪٽ 
ڪاميٽي ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون، ٻئي ڄڻا ڪيتري ئي عرصي
 تائين انڊين ليجسليٽو اسيمبلي جا ميمبر رهيا.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل پارٽيز اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي
 ايوب حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جيستائين سندن مطالبا منظور نه ڪيا ويندا،
 تيستائين چئني صوبن ۾ شاگردن جون هڙتالون جاري رهنديون.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان جي اپوزيشن پارٽين
 جي اتحاد ڊيموڪريٽڪ ايڪشن ڪاميٽي پنهنجي هنگامي اجلاس ۾ فيصلو 
ڪيو ته جيستائين شيخ مجيب الرحمان جا 8
 نقطا تسليم نه ڪيا ويندا، تيستائين تحريڪ جاري رهندي.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جمهوري حڪومت کي ختم ڪري
 اقتدار تي قبضو ڪندڙ جنرل ضياءُالحق مخالف ڌر جي اتحاد پي اين اي جي
 اڳواڻن سان ٿيل گڏجاڻي ۾ اهو ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جي اڳوڻن ايم اين ايز
 خلاف 89 ريفرنس داخل ڪيا ويا آهن، انهن ايم اين ايز ۾ بيگم نصرت ڀٽو به شامل آهي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روسي صدر بورس يلسن آمريڪي صدر
 بل ڪلنٽن کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن آمريڪا عراق تي حملو ڪيو ته پوءِ
 ٽئين عالمي جنگ شروع ٿي سگهي ٿي، عراق تي بم ڪيرائڻ مسئلي جو
 حل ناهي، آمريڪا کي خبر آهي ته سڄي دنيا ۾ هٿيارن جا ڍير لڳل آهن،
 ٻئي پاسي آمريڪا روس جي اهڙي چتاءُ باوجود عراق تي حملي جون
 تياريون شروع ڪري ڇڏيون، 6 هزار فوجين سميت جنگي ٻيڙو روانو ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment