Thursday, 2 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (3rd February) By: Dr. Pathan


** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل
 ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر خيرپور جي حڪمرانن سان معاهدي کي حتمي
 شڪل ڏيڻ لاءِ خيرپور روانو ٿيو، کيس اها پڪ نه هئي ته نتيجو
 سندس حڪومت جي حمايت ۾ نڪرندو، پوءِ به هن ڳالهين لاءِ خيرپور وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا جا فوجي دستا ڪراچي ۾ داخل ٿي ويا،
 سيٺ نائومل انگريزن جي مدد ڪئي، هن جي وڏي ڀاءُ برطانوي فوج
 جي آفيسرن جي رهائش جي حوالي سان ٽاسڪ جي نگراني ڪئي،
 انهن جي رهائش لاءِ رام باغ (آرام باغ) ويجهو جاءِ تجويز ڪئي وئي.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ڊي جي سنڌ ڪاليج 
۾ بحث ڪرايو ويو ته عورتن کي سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي يا نه؟
 اهو خلافت ڪاميٽي ۽ ڪانگريس ڪاميٽي طرفان انگريزن 
خلاف هلايل تحريڪ ۾ عورتن جو ڌيان ڇڪائڻ جو موقعو هو، 
انگريز مقررن عورتن جي سياست ۾ شموليت جي مخالفت ڪئي،
 جڏهن ته مقامي مقررن چيو ته عورتن کي سياست ۾ ضرور اچڻ گهرجي.
** 1928ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ سائمن ڪميشن خلاف 
هڙتال ڪئي وئي، ان حوالي سان ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شڪارپور،
لاڙڪاڻو ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ وڏا وڏا جلوس نڪتا، سائمن ڪميشن جي
 بائيڪاٽ جو مقصد اهو هو ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ مان ڪنهن
 به سياستدان کي ڪميشن جو ميمبر نه بڻايو ويو هو، جنهن ڪري
 ڪميشن سنڌ جي نمائندگي کانسواءِ پنهنجي ڪارروائي شروع ڪئي وئي.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير
 جو مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪري ڇڏيو. جتي هن تاريخي تقرير به ڪئي.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان غير فوجي جهاز کي 
ڪيرائڻ تي ڀارت سان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي
  پاڪستان جي دوري جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن جو چوڻ هو ته
 لاهور دهلي بس سروس ذريعي هو لاهور پهچندو، وزيراعظم نواز شريف
 واجپائي جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته لاهور دهلي بس 
سروس ذريعي واجپائي لاهور ايندو ۽ پوءِ مان ساڳئي بس سروس
 ذريعي هن سان گڏ نئين دهلي ويندس. هن چيو ته اهو 
دورو  پاڪ  ڀارت دوستاڻن لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

No comments:

Post a Comment