** 1846ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز سرڪار طرفان ڪئنالن بابت
مقرر ڪيل سپرنٽينڊنٽ ڪيپٽن اسڪاٽ سنڌ حڪومت کي
رپورٽ پيش ڪئي ۽ ڪئنالن جي ڪليئرنس جي حوالي
سان طريقيڪار بيان ڪيو، هن تجويز ڏني ته ڊپٽي ڪليڪٽرن
۽ ڪاردارن کي ڪئنالن جي ترقي ۽ ڪئنالن جي صفائي
دوران ٿيندڙ ڪم ۾ شامل ڪيو وڃي، ان ڪم عيوض
مزدورن کي اڌ رقم ڏني وڃي ۽ اڌ رقم
اناج جي صورت ۾ فراهم ڪئي وڃي.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي سرڪار سنڌ جي
ڪمشنر کي چيو ته سنڌ ۾ ميلا لڳائڻ ۽ انهن ميلن جي
سماج تي پوندڙ اثرن بابت رپورٽ تيار ڪئي وڃي،
ڪمشنر کي اهو به چيو ويو ته برگيڊيئر جنرل جيڪب
کي پڻ ان حوالي سان تجويز ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ترڪي تي فتح حاصل
ڪرڻ تي بمبئي حڪومت کي مبارڪباد جا پيغام موڪلڻ
جو سلسلو شروع ٿيو، ڪراچي ميونسپالٽي هڪ ٺهراءُ پاس
ڪري انگريز سرڪار کي مبارڪ ڏني، تاريخ ۾ اهڙو
واقعو ڪٿي به نٿو ملي ته ڪنهن اداري طرفان
حڪومت جي حمايت ۾ اهڙو ٺهراءُ آندو ويو هجي.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندو اخبار جي ايڊيٽر
وشنو شرما کي انڊين پينل ڪورٽ جي قلم 124
تحت گرفتار ڪيو ويو، هن انگريز حڪومت خلاف
ڪيترائي ڪالم لکيا هئا، کيس ٻن سالن جي سزا پڻ ڏني وئي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت تحريڪ
پاڻ کي مشهور ۽ سرگرم ۽ مشهور سياسي پارٽي
طور سامهون آندو، نصيرآباد ويجهو پنهور ڳوٺ،
ڳوٺ ٺل ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ خلافت ڪاميٽي طرفان
وڏا سياسي پروگرام ڪيا ويا، ٽنڊو محمد خان ۾
ٿيل عوامي گڏجاڻي جي صدارت قاضي اسدالله شاهه ڪئي.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ بار ڪائونسل
جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جي چونڊن ۾ 218 ووٽرن
حصو ورتو، ديپچند چندومل کي بار جو اڳواڻ چونڊيو ويو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾ سئيٽزرلينڊ
جي سفارتڪار بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري خلاف
سوئيس جج طرفان لاڳو ڪيل فرد جرم واري
ڪارروائي جا اصل دستاويز پاڪستان سرڪار
حوالي ڪيا. دستاويزن جو بنڊل پرڏيهي وزارت
جي ايڊيشنل سيڪريٽري حوالي ڪيو ويو.
دستاويزن ۾ اهو لکيل هو ته بينظير ڀٽو ۽
آصف علي زرداري سوئيٽزرلينڊ ۾ ڳجها اڪائونٽ کولي رقمون منتقل ڪيون.
No comments:
Post a Comment