جي فرد
ئي ناهن، سي ئي قوم سڏائن
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
اوهان ڌارين سان ملو، اڪثر ماڻهو جي روين سوچن ۽ لوچن
مان انهن جي قومي نظرياتي جهلڪ نظر ايندي. پري نه وڃو، پر ڀرپاسي ۾ ڏسو. اسان جي
اتر ۾ رهندڙ دوستن سان ڪالاباغ ڊيم جي موضوع تي ڳالهايو: پڙهيل هجي يا اڻ پڙهيل،
مرد هجي يا عورت، جوان هجي يا ٻڍو پر چوندو ته ڪالاباغ ٺهڻ گهرجي ۽ ان جا مخالف
ملڪ جا مخالف آهن. وري اخبارن جا ورق ورائي ڏسو ۽ پنهنجي سياسي اڳواڻن جا بيان نظر
مان ڪڍو: پنجاب ۾ ويندا ته انهن جا بيان هڪڙا هوندا ۽ هتي هوندا ته ٻولي ئي ٻي پيا
ٻوليندا. ڀلا جيڪڏهن ائين نه به چئون ته اهي سانڊي جيان رنگ پيا بدلائيندا، پر اهو
ته چئي سگهجي ٿو ته انهن جي اندر ۾ هڪ کان وڌيڪ انسان موجود آهن جيڪي وقت خواهه
حالتن مطابق سندن واري وٽيءَ سان پنهنجا چهرا ڏيکارين ٿا. مطلب اهو ٿيو ته اهي
پنهنجي وجود ۾ جهڙوڪ مڪمل، ڪامل ۽ مضبوط فرد نه آهن. پر دعويٰ اها ئي ڪندا ته هو
قوم جا اڳواڻ، هادي ۽ رهبر آهن، جي فرد ئي ناهن، سي ئي قوم سڏائين ٿا.
اهو ته ٿيو وس وارن ۽ وسنوارن ماڻهن جو مثال، جن
کي اسان پنهنجو نظرياتي آدرش مڃيون ٿا. پر ”جت پنهونءَ جا ڀائر“ مصداق وچولي ۽
اڀرندڙ وچولي طبقي جي ماڻهن جو به اهڙو ئي حشر ۽ حال آهي. جيئن چوندا آهن ته ”وڏو
ميان ته وڏو ميان، پر ننڍو ميان به سبحان الله“، تيئن امير، غريب، خود ساخته ڏاهو
۽ عقل جو اڪابر ساڳئي ئي سوچ ۽ لوچ وارو هوندو. کلي وڙهڻ، وڙهي مارڻ، ايمانداريءَ
جي روپ ۾ بي ايماني ڪرڻ، شرافت جي روپ ۾ شوداگيري ڪرڻ ۾ اجائي دير نه ڪندو. ڏسڻ ۾
هڪڙو هوندو ته اندر ۾ ٻيو هوندو پوءِ اهو جيڪو پاڻ فرد به ناهي، ڳالهيون قوم جون
ڪندو . جهڙوڪ قوميت جي ڌرتي هن ڏٻي ڏاند جي سڱ تي بيٺل آهي.
پنهنجي چوگرد نظر ڦيرائبي ۽ هيڏي هوڏي ڏسبو ته
قوميت، قوم دوستي ۽ قوم پرستيءَ جو ڪٿي به ڪنگال نظر نه ايندو. شاگردن کي ڏسو ته
گوڏا ڀڃي پڙهڻ پرجهڻ بدران گهٽين ۽ رستن تي پيا نعرا هڻندا ۽ ٽائر ساڙيندا. جهڙوڪ
سڄيءَ قوم جو بار سندن ڪلهن تي اچي ڪريو آهي ۽ باقي جيئن سَوَڙِ پائي سمهي پيا
آهن. هر ڪو نوجوان انقلاب دوست ٿيندو آهي. اها نوجوان جي فطرت ٿيندي آهي ته ٻينجا
ڏک ڏسي هن جو آرام ڦٽي ويندو آهي. ڏوهه نوجوان ۽ شاگردن جو ڪونهي. پر اسان مان
ڪيترن کي اهو عقل ڇو نه ٿو اچي ته پنهنجي ٻارڙن جي ڪلهن تي ايڏو بار نه وجهون. هنن
جي وهي ته پڙهڻ ۽ پرجهڻ جي آهي. اسان ٻارن کي اهو سمجهائڻ بدران مڇرايون ڇو ٿا؟ ڇا
ان تي ئي اسان جي سياست ٻڌل آهي؟ اهي نوجوان جن کي ووٽ ڏيڻ جو به حق ڪونهي، تن کي
دانهن ڪوڪن ڪرائڻ وارو حق اسان کي ڪنهن ڏنو آهي؟ سياست کان سواءِ قومون ائين
هونديون آهن، جيئن ننڌڻڪيون ۽ غلام پر هئي سياست سمجهه ۾ اچڻ واري ڪانهي. سنڌ لاءِ
دک درد به گهڻو ۽ سنڌ به هڪ، پر جهڙوڪ ماڻهن کان وڌيڪ پارٽيون هجن. ٻيو ته جتي
سياسي پارٽين جو پاڻ ۾ اتحاد ٿي نه ٿو سگهي ته پوءِ اهي قوم ۾ ڪهڙو اتحاد ۽ اتفاق
پيدا ڪري سگهنديون؟ هن صورتحال ۾ ڪير چئي سگهندو ته اسان جا ڪيترا سياسي اڳواڻ ۽
مدبر ڪامل ۽ اڪمل فرد آهن؟ جيڪڏهن فرد ئي ڪو نه آهن ته پوءِ اهي قوم ڪيئن ته
سڏائن؟
ڇڏيو سياستدانن کي، نظر ڦيرايو سماجي تنظيمن ۽
ڪارڪنن تي ۽ ڀيٽي ڏسو پنهنجون سماجي تنظيمن ۽ ٻين جي سماجي تنظيمن کي. اسان مان ڪو
ايڌي ڇو نه ٿو پيدا ٿئي؟ ڪراچي اچو ۽ ڏسو ته ٻين جون سماجي تنظيمون ڇا ٿيون ڪن.
اهي اسپتالون ۽ ڪاليج هلائن ٿيون، ماڻهن کي روزگار مهيا ڪن ٿيون، غريبن کي ٽه-وقتي ماني ڏين ٿيون.
موبائيل شفاخانا هلائين ٿيون، ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ اسڪالرشپون ڏين ٿيون، سندن سوين
ايمبولينسون روڊن رستن تي هلن ٿيون. آهي ڪا اسان جي اهڙي سماجي تنظيم جنهن ماڻهو
ته ڇڏيو پر جانورن جي پيئڻ لاءِ ڪو انتظام ۽ اهتمام ڪيو هجي؟سنڌ جون کوڙ ساريون
سماجي تنظيمون آهن، جن تي ڪي نانگ بڻجي ويٺا آهن جيڪي نه مرن ٿا ۽ نه منجو ڏين ٿا.
سنڌ ۾ رڳو سياست ۽ روحانيت جي نالي ۾ مورثيت
ڪانهي، پر هاڻي اها وبا سماجي تنظيمن ۾ به ڪاهي پئي آهي.سماجي تنظيمون جن کي
ٻاهرين ملڪن مان مالي مدد ملي ٿي ته اها مفت ۾ ڪا نه ٿي ملي. ان کان اڳ ”پروفائيل“
جي نالي ۾ اهڙين تنظيمن کان اهڙي ته تاريخي، سماجي ۽ جاگرافيائي معلومات وٺن ٿا،
جيڪا ان ملڪ جو جاسوسي ڪرڻ وارو ادارو لکين روپيا کپائي به وٺي نه ٿو سگهي. اهڙيءَ
ريت جيڪي سماجي تنظيمون ٻين ملڪن کان پراجيڪٽ وٺن ٿيون، انهن جو مطلب آهي پراجيڪٽ
ڏيندڙ ملڪن جي مرضيءَ واري ”نئين عالمي نظام“ لاڳو ڪرڻ لاءِ ماحول هموار ڪرڻ. چوڻ
۾ وڏي ڳري ڳالهه ٿيندي، پر اهو گهڻي ڀاڱي سچ آهي اهڙيون سماجي تنظيمن سماجي طالبان
۽ داعش جهڙوڪ ڪم پئي ڪيو آهي، يا طالباني ڪلچر ۽ اثر لاءِ ماحول هموار ڪيو آهي.
سنڌ ۾ سياست ۽ سماجي خدمتن جي حوالي سان ئي اسان
جي ڀنگ نه ٿي آهي. پر تعليمي ادارن کي ڏسو، اتي ڪيترا پنهنجا استاد پنهنجي قوم جي
ٻچڙن کي نه ٿا پڙهائن. اسپتالن ۾ پنهنجا ڊاڪٽر پنهنجي ئي قوم جي فردن جي کل لاهن
ٿا. دفترن ۾ پنهنجا ئي عملدار-رعيت آڌار ٿي حڪم هلائين ٿا. انهن استادن، ڊاڪٽرن ۽
ڪامورن مان اڪثريت اهڙن جي ئي آهي جن کي فرد چوڻ ۽ مڃڻ به ڏوهه آهي. جيڪڏهن
صورتحال اهڙي آهي ۽ اسان ۾ اڃا فرد ئي پيدا ڪو نه ٿيا آهن ته پوءِ قوم ۽ قوميت ڪٿان پيدا
ٿيندي؟
No comments:
Post a Comment