Wednesday, 3 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (3rd August) By: Dr. Pathan



** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي گورنر چارلس
 نيپيئر پنهنجي سرڪار کي ساٿي عملدار ليفٽيننٽ ڪرنل
 آئوٽرام خلاف شڪايت ڪئي ته هن سندس خلاف
 اخبارن ۾ ڪالم لکيا آهن، جنهن سان گورنر سنڌ طور
 منهنجي ڪردارڪشي ڪئي وئي آهي. هو منهنجا حڪم
 به قبول نٿو ڪري، اخبارن ۾ لکيل ڪالمن ۾ هن منهنجي
 خلاف منفي ڳالهيون ڪيون آهن، جنهن سان منهنجي دل
 آزاري ٿي آهي. ان حوالي سان ايڪشن کنيو وڃي.
** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر اهي
 آرڊر جاري ڪيا ته روينيو جي معاملن ۾ عيسوي سال
 لاڳو ڪيو وڃي. ان کان اڳ عيسوي سال نه لکيو ويندو هو.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت ڪاميٽي جي
 سڏ تي شروع ٿيل عدم تعاون تحريڪ دوران ڳوٺ محمد
حسن جلباڻي جي مولوي محمد بچل اعلان ڪيو ته هو
 پنهنجي اسڪول ۽ مڪتب لاءِ مستقبل ۾ 
حڪومت کان ڪابه گرانٽ يا مدد نه وٺندو.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت ۾ علي پور ۽ 
دم دم جيلن ۾ هڪ مهيني کان بک هڙتال تي ويٺل 89
 سياسي قيدين ٻن مهينن تائين بک هڙتال ڪرڻ وارو
 فيصلو واپس ورتو، هنن اهو فيصلو ڪانگريس جي
 اڳواڻ سڀاش چندر بوس جي اپيل تي واپس ورتو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گورنر جنرل ۽
 صوبن لاءِ گورنر مقرر ڪيا ويا،
 قائداعظم محمد علي جناح کي پاڪستان جو گورنر جنرل
 مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سر غلام 
حسين هدايت الله کي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو
 پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو ڪامن
 ويلٿ مان پنهنجي ميمبر شپ واپس وٺي.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي صحافتي
 تاريخ ۾ هڪ نئون موڙ آيو، سنڌ جي ثقافتي راڄڌاني
واري شهر حيدرآباد مان علي قاضي جي ايڊيٽر شپ 
۾ روزاني ”ڪاوش“ جو آغاز ٿيو، هن اخبار سنڌي
 صحافت ۾ ڪيترائي نوان لاڙا متعارف ڪرايا ۽ 
عام ماڻهو جو آواز اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو،
 ڪاوش پنهنجي پڙهندڙ سان اهڙو رابطو رکيو ،
 جيڪو اڄ تائين برقرار آهي.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف
 چيو ته پي ڊي اي پاران استعيفائن جي ڌمڪين باوجود 
حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. مخالف ڌر جي ڌمڪين
 کان ڊڄڻ وارا ناهيون، اسان پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين. 
مخالف ڌر کي جمهوري حڪومت جو احترام ڪرڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment