When I was doing Ph,D, I made correspondence
with so many people living in various corners of world.
I got it published in Sindhi Papers of that time.
I feel pleasure to share some of those letters with friends.
Original letters in English are with me, but,
here is their Sindhi translation. (Dr.Pathan)
پر ڏيهي عالمن جا خط
ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ
پرڏيهي عالمن جا خط (19 نومبر 1979)
سي. ڊبليو. هسڪل
چارلس وليم هسڪل 7، اپريل 1905 ع تي بريڊ فورڊ ، انگلنڊ ۾ ڄائو. هن صاحب تعليم نيوزيلينڊ مان ورتي، جتان ڊائو ينٽيءَ ۾ بئچلر ڊگري ۽ ٿيولاجيءَ ۾ لائيسنشيئيٽ جو ڊپلوما حاصل ڪيائين.
چارلس وليم هسڪل 1930 ع ۾ “چرچ مشنري سوسائٽي’’ جي ڪارڪنن جي حيثيت سان سنڌ ۾ آيو. پاڻ 1933 ع کان وٺي “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو سيڪريٽري ٿي رهيو، ان کان پوءِ “گرامر اسڪول ڪراچي’’ جو پرنسپال ٿيو. 1955 ع ۾ نيوزلينڊ هليو ويو، ۽ هاڻي اتي رهي ٿو.
چارلس وليم هسڪل ڪرستاني ادب تي ڪيترائي ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمه ڪيا. ۽ انهي موضوع تي سنڌي ۾ اصلوڪا ڪتاب به لکيائين. هن صاحب سنڌيءَ انگريزيءَ ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو هو، ۽ سڌيءَ- انگريزيءَ لغت مرتب ڪرڻ لاءِ هڪ هندو اديب (؟) جي وڏي مدد ڪئي.
چارلس وليم هسڪل “سنڌي ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جي سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هو. انهيءَ سوسائٽي ۽ هسڪل جي معلومات مونکي پنهنجي تحقيقي ڪم لاءِ گهربل هئي، ان ڪري مون آر. اي. ڪارسن کي ساڻس رابطي قائم ڪري ڏيڻ لاءِ چيو هو. هسڪل صاحب انهيءَ سلسلي ۾ مون ڏانهن هڪ خط، لکيو، جو هيٺ ڏجي ٿو.
7، آئزلينڊ ويو ٽيريس، ويڪانٽي، نيوزيلينڊ
31، جنوري 1977
پيارا مسٽر در محمد پٺاڻ
مسٽر جي. اي ڪارسن جي والد 3، تاريخ وارو اوهان جو لکيل خط مون ڏانهن موڪليو آهي. مون کي شڪ ٿو پوي ته اوهان گهڻن سوالن جا جواب آئون ڏئي ته به سگهان. 22 سال ٿيندا جو سنڌ ڇڏي اٿم، ان کان به ڪجهه سال اڳ منهنجو “سنڌي ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ سان لاڳاپو ٽٽي چڪو هو. آئون 1933 ع کان انهيءَ سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيس، حيدرآباد واره مس وارڊ سوسائٽيءَ جي ڪمن ۾ ڏاڍي مشغول هوندي هئي، ان کانسواءِ سکر جا مسز جنڪسن ۽ ڊاڪٽر ويسٽرن به انهيءَ ڪم ۾ سٺي دلچسپي وٺندا هئا.
مسلمان مترجمن ۾، جنهن جو نالو ياد اٿم سو هو شايد مرزا بيگ (مون کي پڪ نه پيئي ته اهوئي سندس سڄو نالو هو). مون کي اهو به ياد ڪونهي ڪو مسٽر چندو رام سوسائٽي لاءِ ڪتاب ترجمو ڪيا هئا، پر مسٽر ڀڳتاڻيءَ انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو ڪجھه ڪيو هو. مون گهڻائي ڪتاب ترجمو ڪيا هئا، هن وقت انهن جا نالا ياد نه ٿا اچن. اهڙن ڪتابن ۾ بئسل ميٿيوز جو “پال دي ڊانٽ ليس’’ به هڪ هو، سنڌيءَ ۾ اصلوڪا ڪتاب به لکيم، جن ۾“ موت کان پوءِ ڇا؟” قابل ذڪر آهي. ان کانسواءِ ڀڳتاڻي صاحب سان پيٽرسن سمٿ جو ڪتاب’’ ڪرست جي حياتي’’ به ترجمو ڪيو هيم.
منهنجي مختصر سوانح هن ريت آهي:
چارلس وليم هسڪل، 7 اپريل 1905 ع تي بريڊ فورڊ، انگلنڊ ۾ ولادت، تعليم نيوزيلينڊ ۾ ،جتان ڊائوينٽيءَ ۾ بئچلر ڊگري ۽ ٿيولاجيءَ ۾ لائينيشئٽ جو ڊپلوما حاصل ڪيم. جيئن مٿي چئي چڪو آهيان ته سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيم. خاص ڪري ناتال جون موڪلون انهيءَ ڪم لاءِ وقف هونديون هيون. سنڌي ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو هيم، جو به ڪرشچن لٽريچر ۾ هڪ سٺي ڪوشش آهي. سنڌي انگريزي لغت مرتب ڪرڻ لاءِ مون هڪ هندو اديب جي وڏي مدد ڪئي. انهيءَ جو نالو هن وقت ياد نه ٿو پوي. مون سنڌيءَ جي تعليم به هندو عالمن کان ورتي هئي، مگر انهن جا نالا به ياد نه ٿا پون، ڇو جو 40 سالن جو عرصو گذري چڪو آهي. ساڳي نموني اهو به وسري ويو ته ڪيترو وقت “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ سان وابسته رهيم، اهو عرصو به ستن سالن کان گهٽ ڪونه هوندو. اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ ته من ماندو آهي، ليڪن ڇا ڪريان ٻاهتر کي اچي پهتو آهيان، ۽ ياد گيري به ساٿ ڇڏي ويئي آهي.
نيڪ تمنائن سان اوهانجو پُرخلوص
سي. ڊبليو. هسڪل
پرڏيهي عالمن جا خط (03 ڊسمبر 1979)
آر. اي. ڪارسن
آر. اي. ڪارسن 1913 ع ۾ آشبرٽن، نيوزلينڊ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان وٺي “ڪينٽبري ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان ايم. اي ڪيائين. ان کانپوءِ “اينجليڪن بورڊ آف ٿيولاجيڪل اسٽڊيز’’ نيوزيلينڊ مان “لائيسنشيئيٽ آف ٿيولاجي’’ ۾ ڊپلوما ڪيائين. آر. اي. ڪارسن 1940 ع ۾ ڪراچي آيو. ٻه سال هڪ ٽيوٽر رکي سنڌي ٻولي سکيائين. هي صاحب “چرچ مشنري سوسائٽي’’ سان وابسته هو، ۽ ڪيترا سال ٻين حيثيتن سان گڏ “ سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. “چرچ مشن پريس’’ جي سنڀاليندڙ جي حيثيت سان، هن سوسائٽيءَ پاران ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا. هن سنڌيءَ ۾ “خدا جو ڪٽنب’’ ڪتاب لکيو، جيڪو “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ طرفان شايع ٿيو هو. هي صاحب 1957 ع تائين سنڌ ۾ رهيو، هن وقت نيوزيلينڊ ۾ رهي ٿو. مون جڏهن “ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقي ۾ حصو’’ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي لاءِ کوجنا شروع ڪئي ته ڪراچي ضلعي جي اشاعتي ادارن جي سلسلي ۾ “ سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو به احوال هٿ ڪرڻو پيم. انهي ڪري ڪراچي جي پادرين ۽ آڳاٽن ڪرستانن سان ملڻو پيو. مسٽر ڪارسن جو پٽ ڪرستانن جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ اُستاد هيو (آهي؟)، جنهن جي وسيلي هن سان رابطو قائم ڪيم، ۽ پنهنجي گهربل معلومات حاصل ڪيم. آر. اي. ڪارسن منهنجي خطن جي جواب ۾ جيڪي ٻه خط لکيا، اهي هيٺ ڏجن ٿا.
(انگريزيءَ ۾)
ڪرائسٽ چرچ نيوزيلينڊ، 19 جنوري 1977
مسٽر در محمد پٺاڻ
پيارا سائين: منهنجي فرزند، اوهان جو اهو خط پهچايو اٿم، جنهن ۾ اوهان ڪرستانن جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ سر انجام ڏنل خدمتن تي معلومات ڏيڻ لاءِ چيو آهي. مان اوهان ڏانهن اها معلومات ڏياري موڪليان ٿو، جيڪا مون کي ياد آهي، پر انهيءَ معلومات تي نظرثاني ڪرڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته منهنجي يادگيري اڄ اها نه رهي آهي. نهايت افسوس اٿم، جو اوهان کي اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهيان ته “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ ڪڏهن ۽ ڪنهن ٺاهي هئي، پر اها پڪ اٿم ته اها منهجن پيش ور چرچ مشن سوسائٽي وارن ڪارڪنن ٺاهي هئي، ۽ اها چڱو وقت اڳ ٺاهي وئي هئي، ڇو ته منهنجي اچڻ وقت هڪ سو ڪتاب چپجي چڪا هئا. هن سوسائٽيءَ جو مقصد هو سنڌ واسين کي عيسائي عقيدي سان مانوس ڪرائڻ.
سمجهان ٿو ته سوسائٽيءَ جو رڪارڊ اڃا ڪراچيءَ ۾ رکيل هوندو. بشپ رڊون توهان جي مدد ڪري سگهي ٿو، يا بشپ اسپينس جو هن وقت رٽائر ٿي چڪو آهي، هو اڄڪلهه سنڌ ۾ آهي ۽ منهنجو پٽ اوهان کي ساڻس ملائي سگهي ٿو.
اوائلي مشينريز مان هڪ سو سال اڳ جرمن ڊاڪٽر ٽرمپ به هڪ هو، جو سنسڪرت ۽ پرشن جو اسڪالر هو. هن سنڌي ٻوليءَ جو گرامر مرتب ڪيو هو، جو ديوناگري خط ۾ هو. مون انهيءَ جي هڪ ڪاپي پراڻي “ڪرسچن مشنري سوسائٽي’’ جي آفيس ۾ ڏٺي هئي، جو شايد اڃا به ڪراچيءَ ۾ ڪٿي ملي وڃي. ڊاڪٽر ٽرمپ، پوءِ “هيڊلبرگ يونيورسٽي’’ ۾ مشرقي ٻولين جو پروفيسر ٿيو هو، مان سمجهان ٿو.
اوائلي مشينريز مان ٻيو، جنهن سنڌي ٻولي ۾ چڱو خاصو ڪم ڪيو، سو هو “انگلش چرچ مشنري سوسائٽي’’ جو پادري شرٽ. ان کان سواءِ ٻئي ٻه هيا: ريڊ مين برادرس، انهن مان هڪ جون ٻه نياڻيون ڪيترو وقت سنڌ ۾ آيون، ۽ ميرپورخاص ضلعي ۾ سالن جا سال ڪم ڪيائون. هو گهڻو ڪري اڄڪلهه ڀارت ۾ هونديون. رتن آباد جو پادري ٽووي، شايد ڄاڻندو هوندو ته اهي ڪٿي آهن.
انگلستان جي “زناني مشنري سوسائٽي’’ جي ڪن ڪارڪنياڻين به سنڌ ۾ ڪم ڪيو هو، جن مان ڪراچيءَ جي مس برينٽن، ۽ حيدرآباد جون مس پگوٽ ۽ مس وارڊ قابلِ ذڪر آهن. مان غير عيسائي سنڌي مترجمن کي ايترو ڪونه ٿو سڃاڻان، پر هڪڙو ڄڻو ياد اٿم، جنهن بائيبل جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، اهو هو آرمينسن ڪرسچن خاندان جو پونئير مرزا قليچ بيگ، هو پاڻ مسلمان هو، ۽ وڏي ادبي لياقت جو صاحب هو. ڪتابن ڇپرائڻ جو ذمو “بائيبل سوسائٽي’’ تي هوندو هو، ۽ نه “ سنڌ ڪرسچن لٽريچر سوسائٽي’’ کي، ۽ جيڪڏهن اوهان لنڊن جي بائيبل سوسائٽي ڏانهن لکو ته ٿي سگهي ٿو ته اتان اوهان کي وڌيڪ معلومات ملي سگهي. جي مترجم مونکي ياد آهن، اهي آهن: ٽيڪمداس ڀڳتائي ۽ چندو راءِ، جن ٻنهي بائيبل جي ترجمي ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هئي. پادري ڀڳتاڻيءَ جو خاندان اڃا ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ اتان به اوهان کي معلومات ملي سگهي ٿي. اهو ۽ چندو راءِ ٻئي ڄڻا هندو هئا، جنهن کان پوءِ مذهب ڪرسٽ قبول ڪيائون، پويون منهنجي خايال ۾ عامل خاندان مان هو، ۽ هاڻي سنگاپور ۾ ٿو رهي. منهنجي خيال ۾ هو اوهان کي معلومات ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو. هن جو پتو آهي: 16، ڊچز اوينيو، سينگاپور 10. هي صاحب اڄڪلهه گهر کان ٻاهر آهي، سو انڪري توکي ٿوري انتظار جي زحمت گوارا ڪرڻي پوندي. سي. ڊبليو. هسڪل ترجمي توڙي تصنيف جي معاملي ۾ هڪ چست ماڻهو هو. سوسائٽيءَ طرفان شايع ڪيل ڪيترائي ڪتاب سندس قلمي ڪاوش جو نتيجو آهن. هي اڄڪلهه 7، آئيزلينڊ ويو ٽيريس وئڪاني، نيوزلينڊ ۾ رهي ٿو. مان توهان واري چٺي ڏانهس موڪلي ٿو ڏيان، هن جي يادگيري منهنجي ياد گيريءَ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳي آهي، ۽ هن سنڌي ٻوليءَ ۾ مون کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. هو مون کان ڏهه سال اڳ سنڌ ۾ آيو هو. هن هڪ سنڌي گرامر به مرتب ڪيو هو. جيتري قدر سنڌي خط جو واسطو آهي، ۽ جيترو مون پڙهيو آهي، تنهن مطابق سنڌي ٻوليءَ جو موجوده عربي خط برٽش آرمي آفيسر جي محنت جو نتيجو هو، ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي ٻين خطن- ديوناگري، گرمکي، ۽ بنيا خط (جنهن ۾ هو پنهنجو حساب ڪتاب رکندا هئا) کي نئين خط سان مٽائجي. مان، اوهان کي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو ڄاڻان ته اسان سنڌي ٻوليءَ جي ٻن خطن ۾ ڪتاب شايع ڪرائندا هئاسين- هڪڙو مسلمانن لاءِ ۽ ٻيو هندن لاءَ.
تنهنجو مخلص
آر. اي. ڪارسن
قلم تازو: مسٽر هسڪل ۽ مان ڪشنسنگهه واسواڻيءَ وٽان سنڌي پڙهي هئي، جنهن جو ڪٽنب عيسائي ٿيو هو، ليڪن وري هندو ٿيو هو. مان آشبرٽن نيوزلينڊ ۾ 1913 ع ۾ ڄائو هوس، ۽ چرچ مشنري سوسائٽيءَ ۾ 1940 کان 1957 تائين ڪم ڪيو اٿم. (انگريزيءَ ۾)
63 بروڪ سائيڊ ٽيريس
ڪرائسٽ چرچ، 5 نيوزيلينڊ
15 فيبروري 1977
پيارا دوست در محمد پٺاڻ
اوهان جي 3 تاريخ واري خط لاءِ مهرباني. توهان جي سوالن جي موٽ ۾: توهان پڇيو آهي ته مان سنڌي لکي به سگهان ٿو يا نه؟ مان سنڌي ٻولي تڏهن سکي هئي، جڏهن 1940 ع ۾ ڪراچي آيو هوس. لڳاتار 1942 ع تائين مون هڪ ٽيوٽر رکيو هو، پاڻ ڄاڻو ته (هڪ غير ماڻهو لاءِ) ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ جي ڪيتري ضرورت آهي. مان رڳو بنيادي سنڌي پڙهي هئي. هتي مون وٽ ڪو سنڌي گرامر ڪونه آهي جو پنهنجي صورتخطي ڀيٽي ڏسان، سو جيڪڏهن مان سنڌي لکندس ته اوهان کي ان ۾ صورتخطيءِ جون اوس ئي غلطيون نظر اينديون- جن کي مهرباني ڪري نظر انداز ڪجو.
منهنجو تعليمي لياقتون: مان آنرز (لاطيني ۽ يوناني) سان گڏ آرٽس ۾ ماسٽر ڊگري رکان ٿو. اها ايم. اي نيوزيلينڊ يونيورسٽيءَ مان ڪئي هيم، ۽ ڪاليجي تعليم “ڪينٽبري ڪاليج’’ مان ورتي هيم. ان کان سواءِ مون کي“ اينجليڪن بورڊ آف ٿيولاجيڪل اسٽڊيز’’، نيوزيلينڊ طرفان “لائيسنشيئٽ آف ٿيولاجي’’ جو ڊپلوما به مليل آهي. ڇهين تائين ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيم، ڪاليجي تعليم هتان “ڪينٽبري ڪاليج مان ورتم ۽ ٿيولاجيءَ جي تعليم به هتي “ڪاليج هائوس’’ مان حاصل ڪيم. آءُ ڪيترا سال ٻين حيثيتن سان گڏ، “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو سيڪريٽري ٿي رهيس. “چرچ مشن پريس’’ جي سنڀاليندڙ جي حيثيت ۾، مون سوسائٽي پاران ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا ۽ انهن جي ورهائڻ ۾ مدد ڪئي.
هن وقت مون کي چڱيءَ طرح ڳالهيون ياد نٿيون پون، شايد ئي مون ڪو سنڌيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪيو هجي. “خدا جو ڪٽنب’’ ڪتاب مون ئي لکيو هو، جنهن تي نظر ثاني پادري ڀڳتائي ڪئي هئي.
“چرچ مشنري سوسائٽي’’ ۾ اچڻ کان اڳ مان ٽن سالن تائين “ائنگليڪن چرچ’’ ۾ پريئيسٽ هوس. مان پنهنجي خاندان جو پهريون واحد فرد آهيان، جنهن “ چرچ مشنري سوسائٽي’’ ۾ شرڪت ڪئي. آءُ فيبروري 1940 ع ۾ ڪراچي آيو هوس، ۽ ڊسمبر 1957 ع ۾ نيوزيلينڊ واپس وريو هوس. اوهان ڏانهن پنهنجي فوٽو موڪلڻ جي ڪوشش ڪندس. مسٽر هسڪل منهنجي خط پهچ ڏني آهي. صحيح معلومات ڏيڻ لاءِ هي مناسب ۽ لائق شخص آهي. هن جو پتو آهي:
7، آئزلينڊ ويو ٽيريس وئڪانئي، نيوزلينڊ
(مسٽر ڪارسن جي سنڌي، جا خط جي آخر ۾ ڏنل آهي)
سلامن ۽ دعائن کان پوي (پوءِ) عرض آهي ته مون کي گهڻو وقط (وقت) ٿي ويو آهي ته آءُ سنڌي نٿو ڳالهايان. تنهن ڪري گهڻو ڪري وسري ويو آهيان. پر منهنجو خيال آهي ته انهيءَ کان اوهين سمجهي سگهندا ته سنڌي ضبان (زبان) مون کي ڪيستاءِ اچي ٿي.

No comments:
Post a Comment