Monday, 23 November 2026

SINDH in history today (24th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Pathan. **************** {24th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {24th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Everybody speaks about your beauty & love and vision & wisdom, except you. You have forgotten or lost yourself. Listen to the call of time, place and circumstances. People I like me are determined to approach you and pray for your kindness, cooperation and participation. Dear! Be, what you are. You are love, beauty and peace.] ڳالهيون سندء سونهن جون هو ڏس ڪيئن ماڻهون پچارن, مون جيان همٿ نہ هارن, سارن نهارن توکي سلام چئي. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (24th November). Sharing of PAST with PRESENT. Humble service rendered by Dr. Dur Muhammad Pathan. ************* Births: 24th November 1. Kazi Fazul Karim (Dadu/Banker, advocate and writer/ birth 24 November 1938 ), 2. Indra Shabnam Poona walla (Poono/Poetess/ birth 24 November 1955), 3. Shabir Qureshi (Sinjhoro/Journalist/ birth 24 November 1967), 4. Sooraj Sijawali (Poet/ birth 24 November 1972). ************ Deaths: 24th November 1. Diyomal Deepchand (Politician/ death 24 November 1935), 2. Muhammad Bux 'Wasif' (Hyderabad/Poet & Freedom Fighter/ death 24 November 1952), 3. Jhangal Shah 'Mast' (Poet/ death 24 November 1967), 4. Mahboob Ali Channa (Writer died 24 November /1977) ************* Events: 24th November 1920: The editor of Al - Wahid, Qazi Abdul Rahman is arrested due to preaching Non - co - Operation Movement against the Govt. 1942: The Ghathar Muslim League resolves to support Sir Ghulam Hussain ministry. 1947: 245,000 Indian Muslims of Sonipat, Dhoolkot, Rohat and Bara migrate to Pakistan. More 2150 enter Pakistan by Motor transport from Karnal, Jullandhar and Nahan state. 1951: Sindh Muhajreen Board demands redressing of problems of farmer Muhajreen. 1952: Pakistan released and published the text of the Indo - American agreement of 1951, which made India a member of a Regional Security Pact as early as March 1951. 1963: The External Affairs Minister, Z.A.Bhutto leaves for Washington to represent Pakistan at the funeral of J.F.Kennedy. 1967: Pakistan backs restoration of the lawful right of China in the United Nation. 1970: All personnel of Pakistan army up to the rank of Major and those belonging to reserve list and sailors under the age of 50 years are ordered to report for duty. 1973: Pakistan may seek arms aid from Arabs if U.S.A persistently refuses to deliver arms. 1981: Pakistan lodged a protest with the Govt. of India over beating of a staff member of embassy in New Delhi on November 21. 1996: Supreme court admits Benazir Bhutto's petition about National Assembly dissolution در محمد پٺاڻ 24 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 24.11.1831: فرنگي سرڪار "سنڌ مشن" جو آغاز ڪيو, جنھن جو ميرن کي مياڻئ جي جنگ ۾ شڪست ڏئي ملڪ تي قبضي ڪرڻ تي ختم ٿيو. انھن ٻارنھن سالن ۾ فرنگين سنڌ ۾ فريب, توسيع پسندئ ۽ منافقئ جي سوين داستانن کي جنم ڏنو. 24.11.1842: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکيو ته تون سنڌ ۾ آھين ۽ مون کان وڌيڪ سنڌ جي صورتحال کي سمجهين ٿو. ان ڪري جيڪو تون فيصلو ڪندين, مان ان منظوري ڏئي ڇڏيندس. مير نصير خان ۽ مير رستم علئ جيڪي پنجاب جي مهاراجا ڏي اسان خلاف جيڪي خط موڪليا هئا, اهي پڪڙي تو وڏو ڪم ڪيو آھي. مير رستم علئ جو وزير فتح محمد غوري جيڪي گوٿناڪيون ڪري ٿو, ان جو ذميوار ۽ جوابدار مير رستم علي ئي آھي. ميرن هٿ سان سيد محمد شريف کي ڀڄايو آھي, جڏهن ته کين خبر به هئي ته هو اسان جو ڏوهاري هو ۽ اسان کي گهربل هو. سيد کي ڀڄائي ميرن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. مير علي مراد کي اقتدار ۾ آڻڻ انصاف ۽ اسان جي حق ۾ آھي. ڇوته گهڻن ميرن بدران هڪ مير کي سنڀالڻ سولو آھي. ڏکڻ سنڌ ۾ گرمين کان اڳ اسان کي فوجي حملو ڪرڻ گهرجي. 24.11.1920: انگريزن مان جان ڇڏائڻ لاء اسان جي وڏڙن وڏيون قربانيون ڏنيون. شايد ئي ڪا اهڙي مشھور اخبار نه هجي, جنھن جي ايڊيٽر جيل جي سزا نه ڪاٽي هجي. "الوحيد" اخبار جي لڳ ڀڳ سمورن ايڊيٽرن تي ڪيس ٿيا. اڄ ھن اخبار جي ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان کي پڪڙيو ويو, ڇو ته هن حڪومت سان سهڪار نه ڪرڻ وارئ تحريڪ جي حق ۽ فرنگي حڪومت جي خلاف لکيو. 24.11.1942: اڄ کان 80 سال اڳ گهٽھڙ تعلقي قمبر جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هئو. ان ۾ ڳوٺاڻن ڏينھن رات هڪ ڪري پاڪستان جي تحريڪ هلائي. اڄ گهٽھڙ ۾ ”مسلم ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومت جي حق ۾ ٺھراء پاس ڪيو ويو. 24.11. 1947: سرڪار نامدار پڌرو ڪيو ته سوني پٽ, ڍولڪوٽ ۽ باڙا مان 245000, ۽ ڪرنال ۽ جالندر مان 2151 پناهگير خير سان پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي هتي پهتا. [آھي ڪو محقق جو ٻڌائي ته انھن ھنڌن تي پاڪستان تحريڪ ڪنهن ۽ ڪيئن هلائي ۽ اتي ڪيتريون قربانيون ڏنيون] 24.11.1951: "سنڌ مهاجر بورڊ“ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته پناهگيرن جا مسئلا هڪدم حل ڪيا وڃن. 24.11.1963: اڄ ملڪ جو وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو, آمريڪي صدر ڪينيڊئ جي تدفين وارن رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ لاء واشنگٽن روانو ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽي ڪيترن ملڪن جي اڳواڻن جي تدفين ۾ شرڪت ڪئي پر سندس تدفين ۾ پنهنجا يا پراوا به شريڪ نه ٿي سگهيا!!! 24.11.1970: انڊيا سان جنگ وارئ صورتحال ڪري موڪلن تي ويل ۽ رزرو سامونڊي ۽ باقي فوجين کي هڪدم ڊيوٽئ تي پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو. 24.11.1996: قومي اسيمبلي ڊاهڻ خلاف بينظير ڀٽو اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي. *************** 24 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 24 نومبر 1938ع ليکڪ، قانوندان ۽ بئنڪر قاضي فضل ڪريم (دادو) جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1956ع شاعره ۽ ليکڪا اندرا شبنم پوناوالا(ڪراچي/ پونا) جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1952ع اردو ٻوليء جي مشهور شاعره پروين شاڪر جو جنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1961ع هندستاني ترقي پسند ليکڪا ارون ڌتي راءِجوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1967ع سنجهوري سان تعلق رکندڙ صحافي شبير قريشي جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1972ع شاعر سورج سجاولي جوجنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 24 نومبر 1935ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ڏيئومل ديپچند ديهانت ڪري ويو. 24 نومبر 1952ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر محمد بخش واصف (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 1967ع شاعر ۽ مولودي جهانگل شاهه مست جي وفات ٿي. 24 نومبر 1977ع اسڪالر ۽ ليکڪ محبوب علي چنا جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 2004ع تي پرسوجي گدواڻيءَ جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 2012ع ڊان اخبار جو ناليوارو ڪالم نگار ۽ ببيباڪ ليکڪ اردشيرڪائوسجي گذاري ويو. 24 نومبر 2012ع موري سان تعلق سياستدان۽ اڳوڻو سينيٽر قرارالدين جي وفات ٿي

Sunday, 22 November 2026

SINDH in history today (23rd November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

{23rd November}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali. [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {23rd November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Seeing is believing, but not listening. Listening and believing without verification poisons heart & mind. It is to be on toes and to dance as desired by others. It makes listener high-risk for love & beauty and peace & happiness] من-ڪچو ماٹھو ڀلو، پر ڪن ڪچو سو سڀ لاء ڏچو، ھو نہ رھندو سرت سان، سونھن سان ۽ سچ سان سچو، روش انهئ کان شل بچو، آئون دعاگو آھيان سلام سان. ************* BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (23rd of November) ************ BIRTHS: Kazi Faiz Muhammad (Halani/Politician/1908), Paromal Kewalraman (Hyderabad/Publisher & writer/1912)Muhammad Khan ‘Manzoor’ (Poet/1912),Muhammad Paryal Solangi (Sehwan/Writer/1924), Tiklo B.A (Poet & writer/1926),Aamin-u-din Shah (Hingora/Politician/1931), Asad Solangi (Poet/1948), Susan Mirza (Poetess/1957) *********** DEATHS: Moulana Noor Muhammad Nizamani (Tando Soomar/Religious Scholar & Political Activist/1934). ************* EVENTS: 1838: Colonel Pottenger suggest his Government the cession of a portion of Sindh and establishment of ‘Subsidary force’ in lower Sindh. 1919: Sindh plays its role in the First Khilafat Conference held at Delhi. Moulana Taj Mahmood Amroti, Pir Turab Ali Shah, Jan Muhammad Junijo and Seth Haji Abdullah Haroon are there to attend the Conference. (Source: Gul Hayat website) 1927: W.F.Hudson, the Commissioner of Sindh presides over the opening meeting of ‘Sindh Natural History Society’. The did wonderful work on the Natural History of Sindh and published its work in it Journal. (Source: The Journal of the Sindh Natural History Society, Karachi). 1947: 47 thousand Indian Muslim migrants enter Pakistan (Source: Newspapers). 1954: First Shipment of U.S military aid to Pakistan arrives. (Source: Newspapers). 1955: The Baghdad Pact Council winds up its 2-day conference with a joint 19-point communiqué calling for peace, security in Middle East. (Source: Newspapers). 1960: Urdu is made compulsory subject up to Class X11. (Source: Newspapers). 1967: Mangla dam is inaugurated by President Ayub. A.G.N.Kazi WAPDA chairman presents Well come address. (Source: Ibid). 1971: Emergency is imposed in Pakistan. India mounts full-scale attacks in East Pakistan. U.N Secretary –General is informed by the Pakistan Government. (Source: Newspapers). 1972: Hamood-u-Rahman Commission Report has made Yahya Khan responsible for East Pakistan tragedy, says Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). SINDH IN HISTORY TODAY (23rd November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 23 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 23.11.1838: سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪار ڪرنل پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي صلاح ٿو ڏئي ته ڏکڻ سنڌ ۾ ڪنهن مناسب هنڌ تي فرنگي مفادن جي بچاء واري فوج Subsidary Force رکجي ۽ ان تي ٿيندڙ خرچ پکي لاء سنڌ جي ڪنهن حصي تي قبضو ڪجي. [ياد رهي ته ميرن کي ڏٽا ڏنائون ته اوهان جي حڪومت ۽ سنڌ کي ٻاهرين حملن کان بچائڻ لاء اسان سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکنداسين. ميرن معاهدي ۾ انھئ کي هڪ شق طور قبول ڪيو] 23.11.1842: نيپيئر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي ٻه خط لکيا. هڪ خط ۾ لکي ٿو ته مير رستم علئ اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواء چورئ پنجاب جي مهاراجا ڏي خط لکيا آھن ۽ ظاهر آھي ته انھن خطن ۾ اسان خلاف محاذ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. هو ٻئي خط ۾ لکي ٿو ته سندس مير علي مراد خان سان ڳالھ ٻولھ ٿي آھي. هو اسان کان اقتدار جي مسند تي ويهڻ لاء مدد جو طلبگار آھي. 23.11.1940: سنڌ جي وزير جي.ايم.سيد وزارت تان استعيفا ڏني. 23.11.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته اڄ ستيتاليھ ھزار پناهگير پنھنجو ملڪ ڇڏي هتي پهچي ويا آھن. 23.11.1954: آمريڪا طرفان فوجي امداد جي پهرين کيپ اڄ پاڪستان پهتي. [فوجي امداد جي نالي ۾ آمريڪا فوجي اسلحو کپائڻ لاء هڪ منڊي حاصل ڪري ورتي] 23.11. 1958: پاڪستان ۾ ڏسي وائسي آئين سازئ ۽ قانونسازئ جي عمل ۾ رنڊڪون وڌيون ويون ته جيئن پنهنجئ مرضئ موجب ملڪ کي هلايو وڃي. اڄ وري جسٽس اي. آر. رحمان جي اڳواڻئ ۾ ھڪ "لا ڪميشن" ويهاري وئي. 23.11.1964: صدر ايوب اڄ صدارتي اميدوار طور فارم ڀرايو. [ياد رهي ته سندس مقابلو پاڪستان جي بانئ جي ڀيڻ فاطمه جناح ڪيو ۽ تاريخ ۾ چونڊن چورائڻ ۽ مخالفن کي شڪست ڏيڻ جي هڪ روايت قائم ڪئي وئي] *************** 23 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 23 نومبر 1908ع ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ قاضي فيض محمدجو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1912ع ليکڪ ۽ پبلشر پارو مل ڪيولراماڻي (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1912ع شاعر محمد خان مخمور جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1924ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ ليکڪ محمد پريل سولنگي جوجنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1926ع ليکڪ ٽڪلو بي اي جوجنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1931ع سياستدان اميرالدين شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1934ع سماجي اڳواڻ ايشور منگهاڻي (حيدر آباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1957ع ليکڪ سوسان مرزا جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1957ع گلوڪار ڪمار سانوجو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1993ع جوهي سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر شهزاد علي لاشاريجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 23 نومبر 1934ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر نور محمد نظاماڻي جي وفات ٿي. 23 نومبر 1983ع پاڪستان فلم انڊسٽري جي چاڪليٽي هيرو وحيد مرادجي وفات ٿي. 23 نومبر 1998ع موسيقار ۽ شرنائي نوازآچر فقير مڱڻهارجي وفات ٿي. 23 نومبر 2015ع اردو جي نامياري شاعر ۽ ليکڪ جميل الدين عالي جي وفات ٿي. 23 نومبر 2018ع تي رتوديرو سان تعلق رکندڙ دانشور ۽ اديب استاد عطاءُ اللّٰه ابڙو وڇڙي ويو

Saturday, 21 November 2026

SINDH in history today (22nd November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

{22nd November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan and translated by his son Mumtaz Ali. GOOD DAY MESSAGES IN DIFFERENT LANGUAGES Dr.Pathan wishes you Good Day. [You are at par in all respects with any Ideal, Leader or Beloved. Do not behave like a follower with Blind Faith. Share your Beauty & Love without any discrimination. Me, people & Motherland need you and your vision & wisdom] پویان ھلندین پوئتي رھندین، ھل گڏجي ھل. پاڻ ۽ پنھنجو پرین، پري نہ رک تون پل. بٹجي نفرت لاء اجل، چئج سلام سرت سان. Dr.Pathan wünscht Ihnen einen guten Tag. [Sie sind in jeder Hinsicht mit jedem Ideal, Anführer oder Geliebten gleichgestellt. Benimm dich nicht wie ein Anhänger mit Blind Faith. Teilen Sie Ihre Schönheit & Liebe ohne Diskriminierung. Ich, die Menschen und das Mutterland brauchen dich und deine Vision und Weisheit] Dr.Pathan te desea buenos días. [Usted está a la par en todos los aspectos con cualquier Ideal, Líder o Amado. No te comportes como un seguidor con Blind Faith. Comparta su belleza y amor sin ninguna discriminación. Yo, la gente y la Patria te necesitamos a ti y a tu visión y sabiduría] Dr.Pathan يتمنى لك يوم جيد. [أنت على قدم المساواة من جميع النواحي مع أي المثالي ، زعيم أو الحبيب. لا تتصرف مثل تابع مع Blind Faith. مشاركة جمالك والحب دون أي تمييز. أنا والناس والوطن الأم بحاجة إليك ورؤيتك وحكمتك] دکتر پتان برای شما روز خوبی آرزو می کند. [از هر لحاظ با هر یک از افراد ایده آل ، رهبر یا عزیز موافق هستید. مانند پیرو با ایمان نابینا رفتار نکنید. زیبایی و عشق خود را بدون هیچ گونه تبعیضی به اشتراک بگذارید. من ، مردم و میهن به شما و بینش و خرد خود احتیاج دارید Dr.Pathan vous souhaite une bonne journée. [Vous êtes à égalité à tout point de vue avec n'importe quel Idéal, Leader ou Bien-aimé. Ne vous comportez pas comme un disciple de Blind Faith. Partagez votre beauté et votre amour sans aucune discrimination. Moi, les gens et la patrie ont besoin de vous, de votre vision et de votre sagesse] ************* SINDH IN HISTORY TODAY (22nd November) ************ BIRTHS: 22nd November 1. Pir Syed Hizbullah Shah Rashdi Takht Dhani (Saint/1842), 2. Ramdas Lakhani (Thatto - Ahmadabad/Writer/1879), 3. Rahim Bux 'Qamar' (Poet/1923), 4. Pir Shah Mardan Shah Pagaro (Saint/1928 ), 5. Mohan Kalpna (Kotri - Ulhasnagar/Writer/1930), 6. Manohar Bedi 'Ajiz' (Kandyaro - Ulhasnagar/Poet/1930), 7. Tirathdas Amirani (Nasir Laghari/Journalist/1946), 8. Shahzado Shaikh (Bakrani/Scholar/1948 ), 9. Siraj Bhatti (Kolachi/Writer/1953), 10. Zahid Hussain Khoja (Bathoro/Journalist/1967) ************ DESTHS: 22nd November 1. Dr.Noor Muhammad Shaikh (Hyderabad/Freedom Fighter/1956), 2. Dr.U.M.Daudpoto (Tilti/Scholar/1958 ), 3. Ahsan Badvi (Shikarpur/Writer/1965), 4. Kazi Nasir Muhammad (1972), ************ EVENTS: 22nd November 1838: Colonel Pottenger requests Lieutenant Chrales, commanding the Court's Surveying Brigade, not to leave coast of Sindh until the arrival of the British troops as his experience and study will be very useful for troops. He also advises Messrs Firth & Co, Bombay not to bring his goods into the interior of Sindh and do not proceed to Shikarpur because it would expose him to the risk of being insulted, if not plundered. 1926: The meeting of ladies is held in Theosophical of Karachi. This meeting of more than 110 ladies support co - education, demand teaching of English at Secondary level, including Music and Physical training in the scheme of education. Mrs. Haji Abdullah Haroon, Mrs. Bandhali Kasim and Mrs. N.D. Mallik play vital role in meeting 1927: The Sindh Natural History Society is formed with Commissioner as its president. 1935: Cricket match is played between Austrelia and Sindh at Karachi. Sindh Team is headed by Ghulam Muhammad. The match is won by guest team. 1948: Do not bracket yourself as Sindhis, Punjabis, Bengalis, Pathan or Balochi. Be Pakistani and behave like Pakistanis, asks people, the Prime Minister of Pakistan, Liaquat Ali Khan, in Dhaka Public meeting. 1963: Atomic Energy Agriculture Center at Tandojam is inaugurated. 1971: India launches an all - out offensive against East Pakistan. 1983: No resumption of political activities in near future, no need of any round table conference, says CMLA Zia. SINDH IN HISTORY TODAY (22nd November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 22 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 22.11.1838: فرنگين لفٽيننٽ چارلس کان سنڌ جي ساحلي پٽئ جي سروي ڪرائي. اسان جي حڪمرانن کي نه سروي جو پتو ۽ نه فرنگين جي سازشن جي ڪن جن! چارلس پنهنجو ڪم پورو ڪري واپس ورڻ وارو ھئو ته پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي چيو ته چارلس کي ان وقت تائين واپس نه گهرايو, جيسيتائين فرنگي فوج سنڌ ۾ پهچي. ڇو ته فوج ليفٽيننٽ چارلس جي تجربي ۽ مشاهدي مان گهڻو لاڀ پرائي سگهندي. اڄ پاٽينجر ممبئ جي ميشرس فرٿ ائنڊ ڪمپنئ کي به لکيو ته اندروني سنڌ ۾ شڪارپور تائين حالتون اسان جي حق ۾ نه آھن. ان ڪري پنهنجو مال توکي هوشياري سان آڻڻو پوندو. سنڌي جيڪڏهن ڦريندا نه ته بي عزتو ضرور ڪندئي. 22.11.1926: ڪراچئ جي ٿياسافيڪل هال ۾ 110 عورتن جي گڏجاڻي ٿي, جن ۾ حاجي عبدالله هارون, بنده علي قاسم ۽ اين.ڊي.ملڪ جون ونيون ذڪر لائق آھن. گڏجاڻئ ۾ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا گڏيل تعليمي ادارا هلايا وڃن, ميوزڪ ۽ طبعي تربيت کي ڪورس ۾ شامل ڪيو وڃي. 22.11.1927: ڪمشنر جي اڳواڻئ ۾ سنڌ ۾ "نيچرل هسٽري سوسائٽي" قائم ڪئي وئي. هن سوسائٽئ ڪيترا سال سنڌ جي نيچرل هسٽرئ تي ڪم ڪيو. سوسائٽئ طرفان رسالو به جاري ڪيو ويو ۽ اهي سمورا رسالا گل حيات ۾ محفوظ آھن. ڪاش ڪنهن کي جوش ۽ هوش اچي ته انھن رسالن جو مواد ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي. 22.11.1935: هن وقت ملڪي ڪرڪيٽ ۾ سنڌين جو نالو نشان به ڪونهي. پر ماضئ ۾ سنڌين هن راند ۾ دنيا ۾ نالو ڪمايو. اڄ ڪراچئ ۾ سنڌ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ڪرڪيٽ مئچ ٿي. سنڌ ٽيم جو ڪپتان غلام محمد هئو. راند مهمان ٽيم کٽي. انھئ مئچ جو تفصيل يوٽيوب تي به موجود آھي. 22.11.1948: پاڪستان جي وزير اعظم ڍاڪا ۾ تقرير ڪندي چيو ته پاڻ کي پٺاڻ, پنجابي, بلوچ ۽ بنگالي سڏرائڻ بدران پاڪستاني سڏايو. 22.11.1963: ٽنڊي ڄام ۾ ”ايٽامڪ انرجي ايگريڪلچر سينٽر" جو افتتاح ڪيو ويو. 22.11.1971: انڊيا اڄ اوڀر پاڪستان ۾ ڀرپور جنگ جو آغاز ڪيو. 22.11.1983: صدر ضياء الحق اعلان ڪيو ته نه تڪڙيون چونڊون ٿينديون ۽ نه وري گول ميز ڪانفرنس ڪري سياستدانن سان ڪي ڳالهيون ٿينديون. *************** 22 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 22 نومبر 1842ع پير سيد حزب الله شاهه تخت ڌڻي (پير ڳوٺ) واري جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1879ع ليکڪ رام داس لاکاڻي (ٺٽو/ احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1923ع شاعر رحيم بخش قمر جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1828ع شاهه مردان شاهه (ثاني) پير پاڳاري جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1930ع مشهور سنڌي ليکڪ موهن ڪلپنا (ڪوٽڙي/ الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1930ع شاعر منوهر بيدي عاجز (ڪنڊيارو/ الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1946ع صحافي تيرٿداس اميراڻئ جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1948ع اسڪالر شهزادو شيخ جي جنم جو ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1953ع ليکڪ سراج ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1964ع اديب ۽ محقق الطاف جوکيي جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1967ع بٺوري سان تعلق رکندڙ صحافي زاهد حسين خوجا جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1972ع اداڪار ۽ گلوڪار رياض حسين سومرو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 22 نومبر 1953ع اسڪالر ۽ سيرت النبي جي مصنف سيد سليمان ندوئ جو انتقال ٿيو. 22 نومبر 1956ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نور محمد شيخ جي وفات ٿي. 22 نومبر 1958عاسڪالر، تعليمدان ۽ محقق شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽوجي وفات ٿي. 22 نومبر 1965ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ احسان بدوئ جي وفات ٿي.

Friday, 20 November 2026

SINDH in history today (21st November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz. SINDH IN HISTORY TODAY (21st November) BIRTHS: Ram Lal ‘Ramal’ (Chicha > Gondia India/Writer & Artist/1921),Kalab Ali ‘Qalab’ (Talhar/Poet/1926), Luqman ‘Musafir’ (Poet/1956), Ali Muhammad ‘Dard’ Solangi (Kazi Pir Muhammad/Poet/1965) DEATHS: Srth Sobhraj Chetumal (Shikarpur/Social worker/1928) Muhammad Sidik Memon (Educationist & writer/1958), Moulvi Muhammad Naurangzado (Religious Scholar/1967), Amir Bux ‘Nazar’ Sindhi (Jahan Khan Almani/Poet/1967), Faiz Ahmad ‘Faiz’ (1984). EVENTS: 21st November 1932: Haji Abdullah Haroon, G.M.Syed, Alama I.I.Kazi and other Muslim leaders meet to consider about starting/founding daily English Newspaper for Sindhi Muslims. But the idea is not materialized because required amount can not be collected. The fact was that the idea was brain child of Alama I.I.Kazi and supported by business minded leaders. It failed because Upper Class had nothing to do with these things. 1932: Muhammad Ayub Khuhro writes to Alama Iqbal requesting him to support Sindh separation case in the Round Table Conference. 1947: Nawab Mushtaq Ahmad Gurmani is blamed by India that he is creating conditions of Hindu - Muslim roits in Bahawalpur state, where he is heading Govt. as its Prime Minister. 1950: The meeting of Jamait-i-Islami, Jinnah Muslim League, Azad Pakistan Party, J.U.I & Ahl-i-Hadith resolve to oppose anti-people policies of Punjab Government. 1958: 30th of November is fixed by Government to surrender false claims pertaining to rural and urban properties. 1968: The United States ambassador to Pakistan discloses that the dismantling of the USA Communication Unit in Badaber, near Peshawar would begin in January 1969. 1993: Army will stay in Sindh and will continue the Operation Clean-up, says Benazir Bhutto, Prime Minister of Pakistan. [21/11, 8:44 am] Dur Muhammad Pathan: SINDH IN HISTORY TODAY (21st November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 21 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 21.11.1838: برنس اڄ شڪارپور مان ڪرنل پاٽينجر کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته کيس مير رستم خان جي وزير ٻڌايو آھي ته مير نور محمد خان حيدرآباد مان جهان خان کي مير رستم علي خان ڏي موڪليو آھي ته جيئن انگريزن سان لاڳاپا رکڻ لاء پاڻ ۾ ھم خيالي پيدا ڪجي. برنس انھئ ڳالھ کي ايئن ٿو پيش ڪري ته جيئن مير نور محمد خان فرنگين خلاف محاذ ٺاهي رهيو هجي. [انگريز ٿوري وقت ۾ پنهنجئ جاسوسئ جو ڄار وڇائي چڪا هئا ۽ ميرن جا خاص ماڻھون فرنگين کي مخفي ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. مير رستم علئ جي وزير غوري جو نالو ان سلسلي ۾ ڳڻائي سگهجي ٿو] 21.11.1838: لالا آسانند مير رستم علي خان طرفان حيدرآباد دربار ۾ نمائندو مقرر ٿيل هو. هن برنس کي ٻڌايو ته حيدرآباد مان مير نور محمد خان محمد خان کي خيرپور موڪليو آھي جيئن مير رستم علئ کي وڃي ڏوراپا ڏئي ته تون منهنجي ڪيترن خطن جو جواب نه ڏنو آھي ۽ اهو به نه ٿو ٻڌائين ته انگريزن سان لاڳاپن رکڻ لاء اسان جي ڪهڙي هڪ جهڙي حڪمت عملي هجڻ گهرجي. 21.11.1856: جڏهن ليفٽيننٽ فورڊ اپر سنڌ جو ڪليڪٽر هئو ته هن سرڪار کي سفارش ڪئي ته لاڙڪاڻي واري گهاڙ واه ۾ اضافي ڪرڻ لاء ان جي کوٽائي ڪرائي وڃي. [ياد رهي ته سرڪار گهاڙ واه جي کوٽائي ڪرائي ۽ اهو لاڙڪاڻي کان شھدادڪوٽ تائين آبي رستو بڻجي ويو ۽ ان ۾ ٻيڙيون هلنديون ھيون. فورڊ جي نالي پٺيان ڪجھ وقت گهاڙ واه کي "فورڊ واه" به سڏيو ويو. 21.11.1840: فرنگي نه چاهيندا هئا ته ڪو غير انگريز سنڌ ۾ قدم رکي. فرنگين کي ڊپ هوندو هو ته روس, فرانس ۽ ايران هندوستان تي حملو ڪري فرنگين جا ٿڏا پٽرائي. ان ڪري فرنگي ڪنھن ٻئي ملڪ جي ماڻھونء کي جاسوس سمجهندا هئا. هنن ڏهاڙن ۾ ميسن Masson نالي آمريڪي سياح سنڌ ۾ آيو ته فرنگين جون ننڊون ڦٽي ويو. سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪارن ۽ سندن حڪومت وچ ۾ انھئ مسئلي تي خط و ڪتابت جو طويل سلسو شروع ٿي ويو. 21.11.1932: ڪراچئ ۾ مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ جي.ايم.سيد, حاجي عبدالله هارون ۽ علامه آء. آء. قاضئ جا نالا ذڪر لائق آھن. اڳواڻن علامه آء.آء.قاضئ جي تجويز تي غور ڪيو ته سنڌي مسلمانن جي ترجمانئ لاء ڪا انگريزي اخبار ڪڍجي. پر گهربل موڙئ کي پورو ڪرڻ مسئلو بڻجي پيو ۽ اخبار ڪڍڻ واري آس پوري نه ٿي سگهي. 21.11.1932: محمد ايوب کهڙي علامه اقبال کي تار ڪئي ته "گول ميز ڪانفرنس" ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري اسان جي مطالبي جي حمايت ڪريو. 21.11.1947: انڊيا حڪومت نواب مشتاق احمد گرمانئ تي الزام هنيو ته هو بهاولپور ۾ هند-مسلم فساد ڪرائي رهيو آھي. *************** 21 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 21 نومبر 1956ع ليکڪ ۽ شاعر استاد لغاريجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 نومبر 1965ع شاعر علي محمد درد (قاضي پير محمد) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 21 نومبر 1991ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ ليکڪ غلام محمد قريشي جي وفات ٿي. 21 نومبر 1996ع نوبل انعام يافته پاڪستاني سائنسدان عبد السلامجي وفات ٿي. 21 نومبر 2015ع مدبر سياستدان، شاعر ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد امين فهيم جو لاڏاڻو ٿيو

Thursday, 19 November 2026

SINDH in history today (20th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali {20th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {20th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Whoever keeps his/her desires, demands and ego under control, is a man of vision & wisdom. He/She knows importance and appreciation of love, beauty and peace and shares & promotes them accordingly and properly without discrimination. My Dear! You possess all these qualities. You only can bring better change in hearts, minds and society. Play your part, please.] هلي حڪم تن جو جن جي هٿن ۾ واڳ, رهن سرت ۽ سونهن ڪارڻ سدا سجاڳ, محبت ۽ ماڻھپو تن جي من سندا ماڳ, ڏين ڏکويلن کي ساٿ سلامن جا سهاڳ, ڀلا تن جا ڀاڳ, آئون صدقو وڃا تن تان. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (20th Novrmber) BIRTHS: 20th November 1. Kishnchand Relwani (Writer/1908 ), 2. Ram Panjwani (Larkano - Mombai/Writer & Singer/1911), 3. Kanyalal Lalwani (Jacobabad - Mumbai/Singer/1926), 4. Syed Zafar Ali Shah (Nawabshah/Politician/1932), 5. Abdul Ghafar Tabasum (Mirpur Bhutto/Poet/1951), 6. Mazhar Ali Mahesar (Dhingano Mahesar/Political local leader/1951), 7. Nabi Bux 'Sahil' (Qasbo/Poet/1977), 8. Allah Bux Kumbhar (Dhalyar/Journalist/1977). DEATHS: 20th November 1. Seth Sobhraj Chetumal (Shikarpur - Karachi/Social Worker/1928 ), 2. Muhammad Sidique Memon (Hyderabad/Scholar/1958 ), 3. Amir Bux 'Nazar' (Jahan Khan Almani/Poet/1967), 4. Moulana Muhammad Nauragzado (Religious Scholar/1967), 5. Saqib Mangi (Writer/1980). EVENTS: 20th November 1835: Colonel Ponttenger vide his letter No.92 informs Captain Wade, Political Agent of Ludhiyana that boats send by him to Sindh have been detained on Indus by Sindh rulers . 1919: It is turning point In the political history of Larkano. Lahori's family is being challenged by Khilafatees. The meeting of the Anjuman of Larkano is held without its president (Haji Amir Ali Lahori) and Vice President (Mian Ali Muhammad Qadri) and following are elected office - bearers: G.M.Ghulam Ali (President), Seth Khudadad Surhio (V.P), Jan Muhammad Junijo (Secretary) and A.G.Pirzado (Legal Adviser). 1948: Prime Minister Liaquat Ali Khan assures Bengalis in Public meeting in Dhaka that Justice and equal opportunities be provided to all without discrimination. SINDH IN HISTORY TODAY (20th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 20 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 20.11.1831: انگريز جڏهن اوڀر سنڌ کان سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا ته سڀ کان سوڍن سندن دڳ روڪيا ۽ انھن کي لٽڻ ڦرڻ شروع ڪيو. فرنگي نمائندن ميرن کي دانھون ڏنيون. ان جي نتيجي ۾ ميرن نواب غلام شاه کي جڳت سنگ سوڍي ۽ پونجاجي سوڍي کي مت ۽ مات ڏيڻ لاء مٿن چڙھائي ڪرڻ لاء موڪليو. 20.11.1835: ڪرنل پاٽينجر اڄ لڌيانه جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪئپٽن Captain.Wade کي لکيو ته تو جيڪي ٻيڙيون موڪليون هيون, انھن کي هٿي ميرن روڪي ڇڏيو آھي. [ان ڪري مال بردارئ ۾ مشڪلات پيدا ٿي پيون آھن] 20.11.1850: جيتوڻيڪ ڏکڻ سنڌ ۾ فرنگي حڪومت جو ڏهڪاء ھئو, پر پوء به اتر سنڌ ۾ انگريزن جي عوام طرفان مخالف ٿيندي رهي. خيرپور رياست ۾ جڏهن چوري ٿيندي هئي ۽ پڪڙجڻ کان پوء چور تي ڏنڊ مڙھيو ويندو ته جنهنجي چوري ٿيندي هئي, ان کان چوري موٽائڻ وقت ڪجھ رقم ورتي ويندي هئي. عوام انگريزن جون چوريون ڪيون ته چوري واپس ٿيڻ تي هنن کان به ڪجھ نه ڪجھ ورتو ويندو. ان تي سنڌ جي ڪمشنر خيرپور حڪومت کي گذارش ڪئي ته اسان جي ماڻھن کان ڪجھ به نه وٺو. 20.11.1856: جڏهن سنڌ جون حالتون انگريزن جي حق ۾ نه هيون ته مير علي مراد خان هنن لاء ڇپر ۽ ڇانو بڻيو. سندس انهئ انگريز-دوستئ تي ٻيا مير خوش نه هئا. پر مير علي مراد ڪنھن جي پرواه نه ڪئي ۽ انگريزن سان سهڪار ڪيائين. پوء جڏهن مياڻئ جي لڙائئ بعد ڏکڻ سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي ته فرنگين مير علي مراد کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هن مٿان انڪواريون ڪرايون. مير علي مراد خان انهئ زيادتئ خلاف راڻئ سان انگلنڊ ملڻ ويو, پر اتي به سوڀيارو نه ٿيو. اڄ مير علي مراد خان ڪمپني حڪومت جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽر کي لکيو ته مون ۽ فرنگي حڪومت وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف اسان جي لاڳاپن ۽ دوستئ تي اثرانداز ٿيڻ نه ڏيندس. 20.11.1919: لاڙڪاڻي ۾ 1884 کان وٺي لاهوري خاندان جي سياست ۽ سماج ۾ وڏو اثر رهيو. پر خلافت تحريڪ هن خاندان جي سياسي طور تڏا ويڙھ ڪئي. حاجي امير علي لاهوري "لاڙڪاڻه انجمن" جو صدر هو ۽ ميان علي محمد قادري انجمن جو نائب صدر هو. خلافتي اڳواڻن انھئ انجمن ۾ بغاوت جو ٻج ڇٽيو. ان ڪري انجمن جي صدر ۽ نائب صدر کان سواء انجمن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ جي.ايم غلام علئ کي صدر, سيٺ خداداد سرهيئي کي نائب صدر, جان محمد جوڻيجي کي سيڪريٽري ۽ اي جي پيرزادي کي قانوني صلاحڪار چونڊيو ويو. *************** 20 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 20 نومبر 1903ع تاريخدان ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشيجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1911ع ناول نگار رام پنجواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1920ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس ابڙوجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1926ع سياستدان سيد ظفر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1941ع اردو جي ليکڪا ۽ ڊراما نويس حسينه معين جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1941ع نامياري آبپاشي ماهر ۽ ليکڪ ادريس راجپوتجو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1951ع نامياري شاعر عبد الغفار تبسم جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1977ع شاعر نبي بخش ساحل جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1977ع صحافي الهه بخش ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 20 نومبر 1928ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ سيٺ سوڀراج چيتو مل ديهانت ڪري ويو. 20 نومبر 1958ع ليکڪ خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي وفات ٿي. 20 نومبر 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد نورنگزادو جو انتقال ٿيو. 20 نومبر 1967ع شاعر امير بخش نظر سنڌئ جي وفات ٿي. 20 نومبر 1984ع اردو جي مشهور ترقي پسند شاعر فيض احمد فيضجو انتقال ٿيو. 20 نومبر 2009ع سياستدان، اڳوڻي وزير اعلى ۽ نگران وزيراعظم غلام مصطفى جتوئئ جو انتقال ٿيو.

Wednesday, 18 November 2026

SINDH in history today (19th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

{19th November} Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {19th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ You are not born to bow before your ego, to be on toes as desired by hatred and discrimination and you are not born to dance to please outdated traditions and values. You are not born to deprive or to be deprived of inner freedom and independence. You are born with cause of beauty, peace and love. You are love, beauty and peace. Dare to share it.] جهڪڻ لاء نہ نچڻ لاء پر تون آئين جوت جلائڻ لاء, لڪڻ لاء نہ بچڻ لاء پر تون آئين سونهن ورهائڻ لاء, ڪهڻ لاء نہ ڪسڻ لاء پر تون آئين هت وسائڻ لاء, اها منزل پرين پائڻ لاء, لھ سار سرت ۽ سلام سان. ************** BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (19th of November) ************* BIRTHS: Nand Lal Madhokar ‘Aas’ (Shikarpur > Mumbai/Poet/1922), Nanik Madnani (Rohri > New Delhi/Fiction writer/1936), Vashdev Sindhu Bharti (Hyderabad > Jaipur/Writer & Artist/1938) ************** DEATHS: Syed Muhammad Abid Sani Jilani (Saint/1799), Alomal Tekamdas (Karachi/Politician/1924), Sir Shahnawaz Bhutto (Larkano/Minister in Mumbai Government & politician/1957),Syed Miran Muhammad Shah ‘Mir’ (Freedom Fighter, Speaker Sindh Assembly & Poet/1963), Lutufullah Badvi ‘Jogi’ (Shikarpur/Scholar & Poet/1968), Dr.Ibrahim ‘Khalil’ (Hyderabad/Poet/1982). ************** EVENTS: 1838; The Government of India informs Colonel Pottenger that Governor-General received with painful feeling the reports of the of the continued treachery and enmity of the Sindh rulers and that his Lordship was not prepared to take measures against their machinations; that should Mir Noor Muhammad’s future conduct make amends for his past and should he evince a disposition to meet the just and necessary view of British Government the Governor-General would be unwilling to proceed to extremities; that should the negotiations not end in a ready submission to allow the just demands of British Government or in elevation of Mir Sobdar Khan to supremacy of Lower Sindh, he was authorized to gurarantee to each member of the family his separate possessions upon their agreeing to pay such quota of a fair and reasonable subsidy as might be deemed proper; that Governor-General refrained from recording his opinion regarding the releases which Shah Shuja was said to have executed. (Source: indicated). 1928: Staging of English Dramas in Sindh started right from first decade of British era. British military men took the initiate in this regard. It was followed by Dramatic Societies and Companies of India those visited Sindh for years. Sindhis also took interest in staging English Dreamas. Today drama ‘Siddhartha’ is staged in Karachi. Its Music composer is A.G.Chagla and Hamayum Mirza, Sheren Mirza and Principal Goklay took part in acting. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1938: A meeting of the District Dadu Muslim League is held at the residence of Advocate Haji Khan and office-bearers for the next year are elected. (Source: The Daily Al-Wahid,Karachi). 1950: Syed Hashim Raza, Administrator of Karachi asks Business community to contribute donation for the purpose of providing shelter to Indian Muslim migrants. (Source: Newspapers). 1968: East Pakistan joins the protest wave. Students take out processions in big cities demanding release of political prisoners and restoration of democracy. (Source: Newspapers). SINDH IN HISTORY TODAY (19th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 19 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 19.11.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو ته مير نورمحمد جو خاص ماڻھو سيد اسماعيل شاه ڪوشش ڪري رهيو آهي مون ۽ مير وچ ۾ پيدا ٿيل رنجشون گهٽائي. هن مون سان ملاقات دوران چيو ته ذري گهٽ سڀني ڳالهين تي مير ۽ اوهان وچ ۾ اتفاق ته ٿي چڪو آھي ۽ باقي ڪجھ گذارشون ڪيان ٿو, انھن جو اوهان تدارڪ ڪريو. اسماعيل شاه چيو ته:1). اسان کي پڪ ڏيو ته پنجاب ۽ افغانستان اسان لاء خطرو نه ٿيندا, 2). اوهان جو ڪو به فوجي درياه جي هن پاسي نه ايندو, 3). اسان کي معاهدي جي ٻن شقن تي اعتراض آھي. ان لاء اسان جي وڪيل کي وائسراء ملڻ ڏنو وڃي. اسماعيل شاه وڃڻ وقت مون سان خلاصو ٿي ڳالهايو ۽ چيو ته مان ۽ منھنجو خاندان انگريزن جا وفادار آھيون. 19.11.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ پاٽينجر کي لکيو ته حيدرآبادي ميرن جو رويو مايوس ڪندڙ آهي. مير نور محمد پنهنجي لاء کڏو کوٽي رهيو آھي. شاه شجاع سان وعدو ڪري به هن کي ڏن ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيا آھن. منھنجو خيال آھي ته ڏکڻ سنڌ جي حڪمراني مير صوبدار کي ڏجي. 19.11.1933: حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ ۽ سندس ادبي سنگت طرفان قائم ڪيل "سنڌي سڌار سوسائٽئ" فرفان غلام علي چاڳلا جي صدارت ۾ ڪراچي اڪيڊمي هال ۾ مشاعرو ٿيو. هئ طرحي مشاعرو نه هو, ليڪن شاعرن کي "قادر جي قدرت" جو موضوع/عنوان ڏنو ويو هو. 19.11.1938: سنڌ مسلم ليگ جي آرگنائيزنگ ڪميٽئ جي ميمبر محمد ايوب کهڙي جي صدارت هيٺ ميهڙ ۾ حاجي خان وڪيل جي جاء تي مسلم ليگ جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي. 19.11.1968: ايوب شاهئ لاء باه اولھ پاڪستان مان ٻري ۽ ان ۾ اڄ اوڀر پاڪستان به شامل ٿيو. ڍاڪا ۽ ٻين شھرن ۾ حڪومت-مخالف جلوس ڪڍيا ويا. 19.11.1969: پاڪستان ۽ يو.ايس.ايڊ USAID وچ ۾ معاهدو ٿيو, جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي 20 ملين $ جو ڀاڻ مهيا ڪيو ويندو. سنڌ جي حقن جي حفاظت جي ڳالھ ڪندڙن ڪڏهن عوام کي ڪونه ٻڌايو آھي ته پاڪستان کي سندس ٺھڻ کان وٺي اڄوڪي ڏينھن تائين ٻين ملڪن مان ڪيتري امداد ملي ۽ ان مان سنڌ کي ڪيترو ونڊ مليو. ************** { 19 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 19 نومبر 1917ع هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي جو الهه آباد ۾ جنم ٿيو. 19 نومبر 1922ع شاعر نندي لال مڌوڪر (شڪارپور/ بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 نومبر 1936ع ليکڪ نانڪ مدناڻي (روهڙي / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 نومبر 1938ع اداڪار ۽ ليکڪ واسديو سنڌو ڀارتي (حيدرآباد / جئپور) جو جنم ٿيو. [وڇوڙو]: 19 نومبر 1799ع بزرگ سيد محمد عابد (ثاني) جيلاني جو انتقال ٿيو. 19 نومبر 1924ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان الو مل ٽيڪم داس جي ديهانت ٿي. 19 نومبر 1957ع ناليواري سياستدان سر شاهنواز ڀٽو(ذوالفقار علي ڀٽو جو والد) جي وفات ٿي. 19 نومبر 1968ع اسڪالر ۽ شاعر سيد لطف الله بدوي(شڪارپور) جي وفات ٿي. 19 نومبر 2008ع ريڊيو ڊائريڪٽر سيد الهه بخش شاهه بخارجو انتقال ٿيو

Tuesday, 17 November 2026

SINDH in history today (18th November). By. dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. Dur Muhammad Pathan: SINDH IN HISTORY TODAY (18th NOVEMBER) 18th November Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. BIRTH DATES 1. Harichand Gangaram (Hyderabad - Ajmir/Freedom Fighter/ birth 18th November 1922), 2. Menghraj Talrija (Shikarpur - Mumbai/ Writer/ birth 18th November 1928), 3. Khalil Arif Soomro (Johi/Poet/ birth 18th November 1965), 4. Aziz Mangi (Bagi/Poet/ birth 18th November 1968), DEATH DATES 1. Faiz Darya Shah (Hanbah/Saint/ death 18th November 1907), 2. K.B.Nooruddin Nana (Karachi/Educationist/ death 18th November 1970), 3. Moulana Abdul Ghafoor 'Toofan' (Karachi/Religious Scholar, poet and political worker/ death 18th November 1976), 4. Pohomal (Karachi/Labour leader/ death 18th November 1983), 5. Moulana Abdul Haleem Mekan ( Shahdadkot/Religious Scholar/ death 18th November 1979) EVENTS 1838: Colonel Pottenger suggests his Govt. that British troops shall land at Vicar and must take control of Karachi (as who so ever will control Karachi, will rule Sindh without any difficulty.). 1856: Major Goldsmid remained Assistant Commissioner for Jagers and was from Military side. He was not good books of John Jacob. When Jacob became Acting Commissioner, Major Goldsmid today tenders his resignation from civilian post. 1917: Special meeting of the Sindh Muhammadan Association is held at larkana and it is decided that K.B. Allah Ando shah, K.B.Pir Bux Bhutto and eight landlords will present Memorandam to Montegu on constitutional reforms. 1920: Dokri Khilafat Committee helds public meeting on the eve Eid Milad -u- Nabi (P.B.U.H). Speakers pay homage to Moulana Chishti, Moulana Mouladad and Bhagwandas for their sacrifices. They are prisoners at present. Part2 1947: A deputation will be sent to India so as meet Sindhi Hindus and insist them to return back to Sinh, says Khuhro, chief minister of Sindh. 1952: Jinnah Awami League advises Pakistan Govt, not follow provincial quota policy but make appointments on merit so as educated can get the government service. 1966: Aid by Big powers is always conditional and interest - oriented, say President Ayub. 1981: Sukkur Sessions’s court announces its judgment in murder case of six Hurs. Nine accused persons are sentenced to death. 1992: Benazir Bhutto is stopped to proceed from Islamabad to Liaquat Bagh Rawalpindi. However she manages and addresses public meeting. She is arrested and deported to Karachi. SINDH IN HISTORY TODAY (18th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 18 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 18.11.1838: سنڌ جي حڪمرانن انھئ ڳالھ تي رضامندو ڏيکاريو ۽ اجازت ڏني هئي ته فرنگين جي فوج سنڌ مان گذري ڀلي افغانستان وڃي. اڄ پاٽينجر ايندڙ فوج جي انچارج کي خط لکي ٻڌايو ته اوهان ڪنهن خوف خطري ۽ خدشي کان سواء وڪر ۾ اچي ڊاٻو ڪيو. اوهان جي ڪٿي به رستي روڪ نه ٿيندي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مان اوهان جي سار سنڀال لاء ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ کي وڪر موڪليو آھي. اوهان جيڪڏهن سندس پهچڻ کان اچي ويا ته مون اتي جي برٽش ايجنٽ کي چئي ڇڏيو آھي ته هو اوهان جو خيال رکي ۽ ٻيڙين ۽ ٻئي سامان جو بندوبست ڪري. اسان اوهان لاء اڳ ئي 500 اٺن جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي. 18.11.1842: نڀاڳو نيپيئر هن وقت سکر ۾ آھي ۽ بد نيتي اٿس ته اڏري وڃي حيدرآباد وڃي ميرن سان ٻه پاڻي ڪريان. ان حوالي سان اڄ گورنر جنرل کي لکي ٿو ته سنڌوندئ جو پاڻي تانگهو ٿي ويو آھي. مان ريگستان مان يا سنڌوندئ ڀرسان رستي تان ڪوچ ڪريان. ميرن جون خبرون ملن ٿيون ته سندن خزانو خالي ٿي رهيو آھي ۽ هاڻي پنهنجئ فوج کي پالڻ ھنن لاء مسئلو ٿيندو. ڪيترا ويڙهاڪ هنن کي ڇڏي ويا آھن. سئ سان تپ اسان لاء مسئلو ٿي پيو آھي ۽ ميرن لاء به. هئ هتي انھئ بخار جي مند آھي. مان پنهنجي سپاهين لاء طبي سهولتون مهيا ڪري رهيو آھيان. حيدرآبادي ميرن جا خط موڪليان ٿو, جيڪي اسان پڪڙيا آھن. اهي خط هنن ڀر پاسي وارن کي اسان خلاف اتحاد قائم ڪرڻ لاء لکيا آھن. 18.11.1917: لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جي شاهنواز خان ڀٽي جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جماعت جو هڪ وفد آئيني سڌارن بابت پنهنجو موقوف پيش ڪرڻ لاء مانٽيگو سان ملي يادداشت نامو پيش ڪندو. وفد ۾ خانبهادر الهندي شاه, خانبھادر پير بخش ڀٽي, غلام حسين ۽ ٻين ستن زميندارن کي شامل ڪيو ويو. [سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جي هن گڏجاڻئ جي مڪمل رپورٽ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 18.11.1920: مقامي خلافت ڪميٽئ جي اهتمام سان ڏوڪرئ ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو. آخر ۾ ٺھراء پاس ڪري مولوي عبدالڪريم چشتئ, مولوي مولاداد ۽ ڀڳوانداس جي وطن ۽ تحريڪ لاء ڏنل قربانين ۽ جيل ڀوڳڻ تي سندن واکاڻ ڪئي وئي ۽ حڪومت طرفان خلافيتن خلاف ٿيندڙ ظلم زيادتن جي مذمت ڪئي وئي. 18.12.1933: ڪراچئ ۾ ”بزم ادب" طرفان مشاعرو ٿيو, جنهن جي مصرع طرح ھئي: "هئ زندگي اسان جي مثل - حباب آهي". هن مشاعري ۾ ذاتي يا قلمي طور تي حصي وٺڻ وارن ۾ ڪجھ ھئا: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي, لعلچند مجروح, هدايت علي نجفي, قادر بخش بشير, حاجي محمود خادم, محمد بخش واصف ۽ غلام احمد نظامي. 18.11.1966: صدر ايوب انھئ ڳالھ کي مڃيو ته وڏا ملڪ مفت ۾ امداد نه ڏيندا آھن. امداد ڏيڻ وقت سياسي مفاد سندن ذھن ۾ ھوندا آھن. 18.11.1972: انڊيا ۽ بنگلاديش انھئ ڳالھ تي راضي ٿيا ته سولين جنگي قيدي پاڪستان کي واپس ڪبا. 18.11.1981: سکر جي سيشنس ڪورٽ ڇهن حرن کي مارڻ واري ڪيس تي فيصلو ڏيندي 9 ملزمن کي ڦاهئ جي سزا ٻڌائي. ياد رهي اهي حر 6 آڪٽوبر 1973 تي ماريا ويا هئا. 18.11.1992: منع ۽ سختئ باوجود ڪنھن نه ڪنهن طريقي سان بينظير ڀٽو اسلام آباد مان نڪري لياقت باغ وڃي جلسي کي خطاب ڪيو. پوء کيس جهلي زورئ ڪراچئ اماڻيو ويو. ************** {18 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} جنم ڏينهن: 18 نومبر 1822ع حيدر آباد سان تعلق رکندڙ آزادي تحريڪ جي اڳواڻ هريچند گنگا رام جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 نومبر 1828ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مينگه راج تلريجا (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 نومبر 1965ع جوهي سان تعلق رکندڙ شاعر خليل عارف سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 18 نومبر 1968ع شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر عزيز منگي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 18 نومبر 1907ع صوفي شاعر فيض دريا شاهه جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1970ع تعليمي ماهر خانبهادر ڪي بي نورالدين نانا (ڪراچي) جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1976ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولانا عبدالغفور طوفان جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1979ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ عالم ميان عبدالحليم ميڪڻ لاڏاڻو ڪري ويو۔ 18 نومبر 1982ع اديب، نقاد ۽ شاعر ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جو انتقال ٿيو. 18 نومبر 1983ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مزدور اڳواڻ پوهومل ديهانت ڪري ويو

Monday, 16 November 2026

SINDH in history today (17th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {17th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * ***************Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Dear! Beautiful world has become seat of sorrows & longings and unhappy valley for all, including you & me. Because, it is minus your love & beauty, vision & wisdom. As for as you will avoid to share it, my world will remain ugly] دنيا ڳولھي دادلا جي دلين کي ڏين دان، مون جئين ماروئڙن کي اھنج گھٹا ارمان. ڌرتي دک جي نگري ھت غربت ٻيا گھمسان، خوشيون گھرجن خان سرت ۽ سلام سان. ************ ************ EVENTS: 1938: Colonel Pottenger, Political Agent, forwards Parwana signed by Mir Noor Muhammad Khan to Captain Burns and ask him to purchase corn as now he can because of permission granted as per Parwanas. 1904: Seth Harchandrai Vishindas is in Larkana so as to open branch of the Sindh Hindu Shabha. Lalchand Navalrai is his host. 1919: Home Rule League Hyderabad requests Govt. to remove restrictions on leaders (Bipin Chandra pal and B.G.Tilak) visiting Punjab. The resolution was passed in the meeting held in Holmsted Hall with Hiranand Santokram in Chair. 1939: G.M.Syed along with other leaders of Masjid Manzalgah Restoration Committee is arrest and withthe result that Hindu - Muslim riots erruped in the Sukkur District. 1947: Eighty thousand panahgeers reach Pakistan. 1958: Allam Mashrqi is acquited inDr.Khan Sahib's murder case. 1965: In the case, if another war is imposed upon Pakistan, India will its battle field, say Z.A.Bhutto. 1971: Curfew is imposed and house to house search is made in Dhaka. 1972: Sindh Assembly passes Sindhi Language bill. 1979: Jamait -i - Islami losts it founder. Moulan Mjumudi is dead. 1988: Election results are announced. PPP secure 92, IJI 54 & Independents 40 seats in the National Assembly. ************ 17th of November BIRTHS: Seth Tayab Ali Alvi (1894), Notandas "Sagar" (1925), Syed LalShah "Souz" (1939), Dildar Sanjarani (1945), Ghulam Nabi "Mushtaq"(1957), & Syed Asghar Ali Shah (1959). SINDH IN HISTORY TODAY (17th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 17 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 17.11.1838: ڪرنل پاٽينجر اڄ حيدرآباد مان خيرپور برنس کي مير نور محمد ۽ مير نصير خان جا سنڌ مان اناج ۽ اٺ خريد ڪرڻ بابت جاري ڪيل پروانا ۽ 30 هزار روپين جون هنڊيون ڏياري موڪليون ۽ کيس تاڪيد ڪيو ته اٺن ۽ اناج جي خريداري شروع ڪريو. 17.11.1838: برنس اڄ مير رستم علي خان کي لکيو ته اوهان طرفان ڪمال خان خط ۽ مخفي نياپو کڻي آيو آھي. خوشئ جي ڳالھ آھي ته اوهان اسان سان دوستئ وارو معاهدو ڪرڻ گهرو ٿا. اسان اوهان سان اهو معاهدو ڪنداسين جو اوهان ۽ اوهان جو خاندان خوش ٿي ويندو. چار ڏينھن اڳ مون دريا خان جيلانئ ۽ خير محمد خان غورئ هٿان توڏي نياپا ڪيا آھن. پڪ ته اوهان کي سربستو حال احوال مليو هوندو. 17.11.1904: سيٺ ھرچندراء وشنداس اڄ ٻن ڏينھن جي دوري تي لاڙڪاڻي پهتو. هن ضلعي جي نامور هندو اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين "سنڌي هندو سڀا" ۾ شامل ٿيڻ ۽ انھئ پارٽئ کي فعال بنائڻ جي پارت ڪئي. 17.11.1919: سرڪار "روولٽ ائڪٽ“ وارو ڪارو قانون لاڳو ڪري,هندستان جي ڪيترن اڳواڻن جي چرپر تي پابندي لڳائي. اڄ حيدرآباد ۾ ”ھوم رول ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته بپن چندرپال ۽ تلڪ تان پنجاب وڃڻ تي لڳايل پابندي هٽائي وڃي. 17.11.1939: سنڌ سرڪار "مسجد منزلگاه بحالي تحريڪ" جي سختگير اڳواڻن کي گرفتار ڪيو, جن ۾ جي.ايم.سيد ۽ آغا نظر علي به شامل هئا. حڪومت زور تي "مسجد منزلگاه" جو قبضو به پنھنجي هٿن ۾ ورتو. حڪومت جي انھئ سخت قدم مامري کي وڌائي ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ ھن تحريڪ جي موافقت ۽ مخالفت چوٽ چڙھي وئي, جنھن ۾ 151هندن ۽ 14 مسلمانن کي پنهنجئ حياتئ تان هٿ کڻڻو پيو. جي.ايم.سيد جي گرفتارئ کان پوء رد عمل طور دادو ۽ لڪئ جي وچ ۾ ريل جون ڪن هنڌن تان پٽڙيون به اکاڙيون ويون ۽ ٽيليفون جون تارون به ڪٽيون ويون. 17.11.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته اڄوڪي ڏينھن تي ڀارت مان 80 هزار پناهگير پهچي ويا آھن. 17.11.1950: پير الاهي بخش گهر ڪئي ته لالوکيت (لياقت آباد) ۾ پناهگيرن کي ترت شهري سهولتون مهيا ڪيون وڃن. 17.11.1958: علامه مشرقئ تي ڊاڪٽر خانصاحب کي قتل ۾ ڪيس ھلندڙ ھو. اڄ کيس آزاد ڪيو ويو. 17.11.1971: اڄ اوڀر پاڪستان جي گادئ واري شهر ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳائي گهر گهر تلاشي شروع ڪئي وئي. 17.11.1972: سنڌ اسيمبلئ اڄ ”ٻولئ وارو بل" پاس ڪيو, جنهن ۾ ڪراچئ جي گهٽين ۾ ٿڏيو ويو. 17.11.1988: ضياء الحق جي موت کان پوء ٿيل ڪالهوڪين قومي اسيمبلئ جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽئ 92, آء.جي.آء 54 ۽ آزاد اميدوارن 40 سيٽون کٽيون. *************** 17 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: ************** 17 نومبر 1894ع آزادي جي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ ۽ واپاري طيب علي علوي جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1925ع شاعر نوتن داس ساگر جو جنم ٿيو. 17 نومبر 1939ع شاعر سيد لعل شاهه سوز جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1952ع نامياري گلوڪاره رونا ليلىجو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1957ع شاعر غلام نبي مشتاق جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1959ع گهوٽڪي جي صحافي سيد اصغر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: ************** 17 نومبر 1956ع شاعر شيرل باڊاهي جي وفات ٿي. 17 نومبر 2007ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جي امر اداڪار شفيع محمد شاههجو ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب انتقال ٿيو. 17 نومبر 2010ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي ٽي وي پروڊيوسر فيض ٻگهيو جو انتقال ٿيو. 17 نومبر 2012ع انتها پسند هندو تنظيم شيوسينا جي اڳواڻ بال ٺاڪري جي وفات ٿي آهي.

Sunday, 15 November 2026

SINDH in history today (16th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {16th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * ***************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Sacrifice can not be offered by selfish people. Ideal people set trends in this regard so as to pave way to accept & respect Human-beings without discrimination. It is their sacrifice that protects & propagates love, beauty & peace of society and for the society] قرباني قدرن نظرين لاء، جيئن بنجر بر لاء آب ، نہ سمجھن جي راز ، تن جي سرت ۽ سونھن عذاب، پر انھن کوڙ کٽیو ثواب، جي ھلن نیاز سلام سان 2. IMPORTANNT EVENTS: History: 1843: The Collector of Karachi is asked by the Bombay Government to report reasons which actuated him to withdraw the concession given by Talpur Government to Syeds of Thatta. 1845: Zangi Khan Talpur, the last surviving brother of Mir Sohrab Khan is dead. The Sindh Commissioner requests the Bombay Government that a portion of Rs.100 per month be granted to the mother and Rs 200 to Mir Allah Dita for himself and support of the family. 1920: Daily Al – Wahid in the course of article ask people to boycott Council Election and not to vote any candidates, because they will bow before anti – I – people government. 1923: It is the first day of the “Jazeerat –ul- Arab Week” in Sindh. The week is being observed to voice for the political freedom of Arabs and to condemn the British policy on the subject. 1936: In a meeting headed by Sir Ghulam Hussain, party matters are discussed and K.B. Khuhro and Yar Muhammad Junijo are appointed to organize “Sindh Muslim Political Party” in Larkano and Dadu districts. The meeting is held at Larkano. 1947: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan says that his government will knock the doors of International Court to get matters between India and Pakistan resolved. 1956: The Executive Committee of the Muslim League asks Pakistan Government to quit Common Wealth. 1960: The Federal cabinet of Pakistan gives consent on the Water Agreement with India. 1962: President Ayub opens the new township north of Karachi which is to accommodate 30,000 families of Panahgeers. 1971: Indian troops moved into East Pakistan and begin to advance towards Dhaka. 1988: General elections are hold in Pakistan. 1989: Nawaz Sharif, the Chief Minister of Punjab opens Bank of Punjab. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 16 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 16.11.1843: ٽالپور حڪمران ٺٽي جي سيدن کي مالي امداد ڏيندا هئا ۽ سيد ان مان مذھبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏيندا هئا. ڪراچئ جي فرنگي ڪليڪٽر اها امداد بند ڪري ڇڏي. مامرو وڃي ممبئي حڪومت تائين پهتو. اڄ ممبئي حڪومت کانئس تفصيلي رپورٽ گهري ته ڪهڙن سببن ڪري ٺٽئي سيدن کي ملندڙ مالي امداد بند ڪئي وئي آھي. 16.11.1845: مير رستم علي خان جي خاندان جو زنگي خان ٽالپور گذاري ويو ته سنڌ جي ڪمشنر اڄ ممبئي سرڪار کي سفارش ڪئي ته زنگي خان جي والده کي 100 روپيا در ماه ۽ مير الهڏتي کي 200 روپيا درماه ڏنا وڃن. 16.11.1920: "الوحيد" اخبار اڄ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ عوام کي صلاح ڏني ته ڪائونسلن جي چونڊن ۾ ووٽ نه ڏين. ڇو ته اهي هڪ ڍونگ آھن. ڪو به چونڊيل نمائندو عوامي امنگن جي ترجماني ڪري نه سگهندو. ان لاء جو سرڪار چونڊيل نمائندن کان سواء ڪائونسل تي پنهنئ مرضئ جا ايترا نمائيندا ٿاڦيندي جو لائق نمائندو عوامي حق ۾ يا سرڪار خلاف ڪو آواز بلند نه ڪري سگهندو. 16.11.1923: سنڌ ۾ ”سنڌ خلافت ڪميٽئ" جي سڏ تي اڄ کان "جزيرت العرب هفتو" ملهائڻ شروع ٿيو. هفتي ملهائڻ جو مقصد اهو هئو ته هڪ طرف عوام کي عربستان ۾ فرنگين جي سياسي چال بابت ڄاڻ ڏني وڃي ته ٻئي طرف حڪومت کان مطالبو ڪجي ته اها "جزيرت العرب" ۾ پنهنجئ مرضئ ۽ مطلب واري سياسي تبديلي نه آڻي. 16.11.1936: سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي ۾ ”مسلم پوليٽيڪل پارٽئ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي کي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ يار محمد جوڻيجي کي دادو ضلعي لاء آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. 16.11.1947: پاڪستان جي وزير اعظم لياقت علي خان بيان ڏنو ته جيڪڏهن انڊيا حڪومت اسان سان مامرا سلجهائڻ کان ڪترايو ته اسان انٽرنئشنل ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين. 16.11.1956: پاڪستان مسلم ليگ جي "ايگزيڪيوٽو ڪميٽئ" پاڪستان سرڪار کان مطالبو ڪيو ته "ڪامن ويلٿ" مان هٿ ڪڍي. 16.11.1960: ايوب-شاهئ پاڪستان جو نديون انڊيا کي ڏنيون. انھئ "پاڻئ واري معاهدي" جي سندس ڪابينه اڄ منظوري ڏني. 16.11.1962: صدر ايوب اڄ ڪراچئ جي اتر ۾ ”نيو ٽائونشپ" جو افتتاح ڪيو. هن منصوبي جو مقصد اهو هو ته جيئن پناهگيرن ۽ سرحد کان لڏي ايندڙ پٺاڻن جي 30 هزار خاندانن جي آبادڪاري ڪري سگهجي. 16.11.1971: ڀارتي فوج اوڀر پاڪستان ۾ داخل ٿي ۽ ڍاڪا ڏانھن پيش قدمي شروع ڪيائين. 16.11.1988: پاڪستان ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون. 16.11.1989: پنجاب جي وڏي وزير نواز شريف "پنجاب بينڪ" جو افتتاح ڪيو. *************** 16 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 16 نومبر 1931ع مشهور تعليمدان ۽ سماجي ورڪر انور الدين شيخ(پنو عاقل) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 نومبر 1942ع ليکڪ پونم چندروملاڻي (حيدر آباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1947ع سياستدان رحيم بخش بوزدار(گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1951ع سياستدان انور احمد خان مهر(سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1952ع اداڪار اشوڪ کتري (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1963ع ٽنڊي آدم سان تعلق رکندڙ شاعر وسيم سومرو جو جنم ٿيو. 16 نومبر 1963ع باليووڊ اداڪاره ميناڪشي جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1968ع شاعر محمد نواز ناز جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1971ع ڪرڪيٽر وقار يونس جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1975ع شاعر وفا صالح راڄپر جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1975ع ليکڪ ستار سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1998ع شاعر گلزار تبسم (واهي پانڌي) جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 16 نومبر 1946ع شاعر ڪريم ڏنو شڪارپوري جي وفات ٿي. 16 نومبر 1963ع سياستدان، شاعر ۽ مضمون نگار سيد ميران محمد شاه جي وفات ٿي. 16 نومبر 1973ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالحميد قريشي جو انتقال ٿيو. 16 نومبر 1980ع شاعر علي ڏنو شاهه علڻ جي وفات ٿي. 16 نومبر 1980ع حڪيم قاضي عبدالهادي (نوشهرو فيروز) جي وفات ٿي. 16 نومبر 1981ع تعليمدان پروفيسر امينه هاليپوٽو جو انتقال ٿيو

Saturday, 14 November 2026

SINDH in history today (15th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {15th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * *****************Dr.Pathan wishes you Good Day. [To what extent we honour & love and accept & respect human-beings, is the only criteria to determine our dignity as a noble. Whoever is kind, sees beauty in every heart and works for peace & progress for all, is a nice, like you my dear] نینھن نڀائي نہ ڪي لنوائي، انساني خدمت محبت احترام، ان لاء تہ ملیس خاصو انعام، سرت سونھن نیاز سلام سندو. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (15th NOVEMBER) 15th November BIRTH DATES Moulana Abdul Rahman Memom (Religious Scholar/birth 15th November 1881), Moulchand Thakur (Writer/ birth 15th November 1899) Hakim Atta Muhammad Bhatti (Sukkur/ Journalist & Freedom Fighter/ birth 15th November 1908), Naraindas Bhambhani (Writer & Politician/ birth 15th November 1912), D.K.Musharamani (Rohri > Ahmadabad/Scholar/ birth 15th November 1920), Moulana Sultan Ahmed Sethar (Mureed Sethar/Religious Scholar/ birth 15th November 1934), Manohar Chagh (Shikarpur > Mumbai/Stage Director & Actor/ birth 15th November 1936) Verho “Rafiq” ( Sukkur > Ahmadabad/Poet/1941) Laldin “ Bismil” (Poet/ birth 15th November 1945 Dr. Muhammad Ismail Rind (Kari Bhar/ Agricultural scientist/ birth 15th November 1953), Azad Qazi (Qazi Dara/ Writer/ birth 15th November 1956) Anjum Soomro (Poet/ birth 15th November 1957) Zulf Pirzado (Balhreji/Journalist/ birth 15th November 1960), Dr. Raza Muhammad Jikhio ( Konkar/Social Worker/ birth 15th November 1960) Agha Saeed (Shikarpur/Artist/ birth 15th November 1963) Dilawar Chandio (Fareed Khan Chandio/Journalist/ birth 15th November 1963), Ghulam Hyder “Ghayal” (Bachal Laghari/Poet). Ayaz Latif Palijo (Hyderabad/Politician/1968) DEATH DATES Moulana Taj Mahmood Amroti (Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 15th November 1929) EVENTS 1838: Captain Burns, assigned duty to negotiate with Khairpur Ruler, is directed by his Government of India that the task of finalizing treaty with ruler be taken with seriousness, but with utmost care. It must be avoided to call up him to contribute any some for maintenance of subsidiary force and make him believe that Bukhar fort is required to be used by the Government of India as a depot for treasure only. 1932: Second Sindh Azad conference is held at Hyderabad. It is a big show of political strength of Sindh Muslim politicians to popularize the case of the separation of Sindh from Bombay Presidency and for this purpose a religious scholar from Punjab is brought to preside over the conference. On this occasion a political party is also formed with Sir Shahnawaz Bhutto as its president. 1936: Jamshed Mehta presides over the Hari Conference at Tando Jam. The Sindh Congress is cooperating with Hari leaders and activists also. Jeramdas Doulatram, Prof. Ghanshyamdas, Naraindas Anand, Santdas Mangharam; Shaikh Abdul Majeed Sindhi; Comrade Abdul Qadir Khokhar; Dr. Chamandas; Jethmal Parsram; Gopaldas; Haji Jamal –u- ddin attend this conference . 1947: An Inter – Dominon Minority Board is set up by India and Pakistan so as to protect the interests and rights of the minorities. 1951: Khowaja Nazimuddin replaces Nawabzado Liaquat Ali Khan as the president of Pakistan Muslim League. 1953: The constitution of Pakistan is medieval and totally opposed to democratic conceptions, says Indian Prime Minister Nehru. 1961: The U.N.O general Assembly adopts resolution moved by Pakistan asking the French Government to recognize the political status of Algerian prisoners in France. 1968: Lawyers and students take out separate processions in Karachi, Multan; Lahore and Rawalpindi. Most of them are arrested for violating Section 144. 1981: Atmosphere in the country is not congenial for holding elections. Restrictions on political activities will continue in order to restore the situation to normalcy, says Gen. Zia. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 15 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 15.11.1838: ڪئپٽن برنس خيرپور ۾ ميرن سان-خاص طور تي مير رستم علي خان سان ڳالهين ڪرڻ ۾ مصروف آھي. کيس پنهنجئ سرڪار طرفان هدايت ڪئي ٿي وڃي ته مير کي يقين ڏيار تي سنڌ ۾ اسان پنهنجي ۽ اوهان جي مفادن جي بچاء لاء جيڪا فرنگي فوج رکنداسين, ان جو خرچ پاڻي فقط حيدرآبادي ميرن کان وٺبو ۽ ان جو بار خيرپوري ميرن تي نه وجهبو. ٻيو ته بکر جو قلعو اسان فرنگي ان ڪري خيرپوري ميرن کان وٺڻ چاهيون ته ان ۾ اسان بارود ۽ ٻيو فوجي سامان رکنداسين, جيڪو ڪابل ويندڙ فرنگي فوجين کي ڏکيئي وقت ڪم ايندو. 15.11.1858: سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر پنهنجئ بالا سرڪار کي ٻڌايو ته مري قبيلي وارن جي اره زورائين ۽ ڦر لٽ وارن واقعن کي ٻنجي ڏيڻ لاء بگٽين جي مٿي تي هٿ رکي ميدان ۾ آڻي انھن کي مري قبيلي وارن سان ويڙهائڻ شروع ڪيو آھي. 15.11.1932: سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪري صوبائي حيثيت وٺي ڏيڻ تي سنڌ موافقن ۽ مخالفن جي ٻن ڪئمپن ۾ ورهائجي وئي. هندن جي اڪثريت سنڌ کي الڳ ۽ آزاد صوبائي حيثيت ۾ ڏسڻ نه پئي گهري. جڏهن ته سڀ مسلمان ان کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ پيا گهرن. هندن توڙي مسلمانن پنھنجي ماڻھن کي الڳ الڳ هوشيار ۽ بيدار ڪرڻ شروع ڪيو. مسلمانن طرفان اڄ حيدرآباد ۾ ”ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس" ٿي. مسلمانن پنجاب مان صدارت لاء مذھبي اڳواڻ گهرايو. هن موقعي تي "سنڌ آزاد ڪانفرنس" نالي سان سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت ۾ سياسي پارٽي به ٺاهي وئي. 15.11.1936: سکر بئراج کليو ته سنڌ جي زميندارن ۽ آبادگارن محسوس ڪيو ته اتان نڪتل زمينون ٻين صوبن وارن, خاص طور تي پنجابين کي ملي رهيون آھن. ان ڪري سنڌ جي زميندارن, سرمايه دارن ۽ سياستدانن هارين کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو. اڄ ٽنڊي ڄام ۾ جمشيد مهتا جي صدارت ۾ هاري ڪانفرنس ٿي. هن ڪانفرنس ۾ جيرامداس دولترام, پروفيسر گهنشامداس, نارائداس آنند, شيخ عبدالمجيد سنڌي, سنتداس منگهارام, عبدالقادر کوکر, ڊاڪٽر چمنداس ۽ ڄيٺمل پرسرام شرڪت ڪئي. 15.11.1947: انڊيا ۽ پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان تي نظر رکڻ لاء ”انٽر ڊومينين منارٽي بورڊ“ قائم ڪيو. 15.11.1951: نوابزادي لياقت علي خان جي جاء تي خواجه ناظم الدين کي "پاڪستان مسلم ليگ" جو صدر بڻايو ويو. 15.11.1968: ايوب-شاهئ خلاف جتي ڪٿي آواز بلند ٿيڻ لڳا. اڄ وڪيل برادرئ ڪراچئ, ملتان ۽ راولپنڊئ ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندي حڪومت خلاف جلوس ڪڍيا 15.11.1981: آمر ضياء الحق پنهنجي سياسي نيت تان پڙدو کڻندي چيو ته ملڪي حالتون اهڙيون ناهن جو ڪي جلدي چونڊون ڪرائجن. *************** 15 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 15نومبر1881ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان ميمڻ جو ڏينهن آهي۔ 15نومبر1899ع ليکڪ مولچند ٺاڪر جو حيدرآباد ۾ جنم ٿيو 15نومبر1908ع مذهبي اسڪالر ۽ صحافي حڪيم عطا محمد ڀٽي (سکر) جو جنم ٿيو۔ 15نومبر1912ع ليکڪ ۽ سياستدان نارائڻ داس ڀمڀاڻي جو جنم ٿيو 15نومبر1920ع اسڪالر ڊي ڪي مشاراماڻي (روهڙي / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1934ع مذهبي اسڪالر مولانا سلطان احمد سيٺار جو جنم ڏينهن آهي۔ 15نومبر1936ع اسٽيج اداڪار ۽ ڊائريڪٽر منوهر جاڳ (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1941ع شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار ورهو رفيق (سکر/احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1945ع شاعر لال دين بسمل جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1946ع سياستدان ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر آفتاب شاهه جيلاني جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1953ع اسڪالر ۽ زرعي ماهر ڊاڪٽر محمد اسماعيل رند جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1956ع ليکڪ آزاد قاضيجو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1957ع شاعر انجم سومرو جو جنم ڏينهن آهي۔ 15نومبر1960ع سماجي ورڪر ڊاڪٽر رضا محمد جوکيو جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1960ع صحافي ذلف پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي۔ 15نومبر 1963ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ آرٽسٽ آغا سعيد جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1965ع شاعر بدر شاههجو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1968ع ناليواري قانوندان ۽ سياسي اڳواڻ اياز لطيف پليجوجو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1974ع اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار انيتا شاهه لڪيارئ جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1986ع ٽينس جي مشهور رانديگرياڻي ثانيه مرزاجو جنم ڏينهن آهي *************** وڇوڙو: *************** 15 نومبر 1981ع اردو ۽ فارسي جي مشهور شاعر خاور رضوي جي وفات ٿي

Friday, 13 November 2026

SINDH in history today (14th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {14th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * ******************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Moon light is not for to help moon in searching of its own way in dark nights. In such a way earth & sky, sun and human beings are not for own & self. Nothing is our and nothing is ever lasting. Health & wealth, life & age and even beauty. Hence, it is natural to be part of universe and its culture] پرین ! نہ اٿس پاڻ لاء، ھوء جا چنڊ جي چاندوڪي، جنھن من سرت کي، سمجھیو سونھن کي ڪڏھوڪي، تنهن ریت نہ پوء روڪي، نوڙت دعا سلام جي. ************** EVENTS 1843: The Collector of Karachi, forwards to Commissioner a petition from Syeds of Thatta , praying that Rs.1400 per annum be continued as it was granted by Sindh Rulers for the support of their religious activities. The Collector disfavours this petition. 1847: The Collector of Shikarpur prepares Memorandum on the history of Shikarpur. It is a wonderful and important document ever compiled by English to trace the history of Shikarpur. 1857: It is notified for all the officers and concerned quarters that spelling of the word 'Sind' be adopted in future. Prior to this it was being written in different spellings. 1916: Arya Samaj, one of the oldest NGOs of Karachi, elects its office - bearers. Dayaram Hemraj, Rewachand Bhugtani and Chandra Bhanu Shewak are elected President, Vice President and Secretary respectively. 1919: A pamphlet is distributed in Larkano bearing names of leading Khilafat leaders such as Jan Muhammad Junijo, Pir Turab Ali Shah, Moulvi Muhammad Aqil, Seth Khudadad Khan Surahio and others. It is Rejoinder to the pamphlet issued by Anjuman Islam and Municipalty of Larkano. In this pamphlet people are advised to attend public meeting on 17th instant and do not believe in misguiding pamphlet by Anjuman Islam. 1944: G.M.Syed and Syed Ghulam Hyder Shah are re - elected president and General Secretary of the Sindh Muslim League ************** BIRTHS: 1. Girdharlal 'Garija' (Shikarpur - Mumbai/Writer/1931), 2. Faiz Muhammad Talpur (Jhudo/Writer/1938 ), 3. Altaf Shaikh (Hala/Writer/1944), 4. Abro Gul Hassan 'Ghamghen' (Hothi/Poet/1952), 5. Altaf Bedar (Larkano/Writer/1958 ), 6. Allah Bux Qureshi (Nasirabad/Journalist/1970) ************** DEATHS: 1. Seth Sobhraj Chatomal (Shikarpur/Social Worker/1928 ), 2. Moulana Zahur -ul- Hassan (Religious Scholar/1972), 3. Hakim Sufi Lal Bux Kandhro (Kandhro/Writer/1984) SINDH IN HISTORY TODAY ( 14th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ************** 14 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي واقعاتي تاريخ. تحقيق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ *************** ڪجھ واقعا ************** 14.11.1838: ڪئپٽن برنس اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته حيدرآبادي مير لاهي پاهي خيرپوري ميرن کي مڇرائن ٿا ته اوهان فرنگي ايجنٽن کي ٿڙي ڪڍو. پر شڪر آھي جو خيرپور وارا سندن ڳالهين ۾ نه ٿا اچن. برنس اهو به ٻڌايو ۽ لکيو ته مان پنهنجئ فوج لاء ھتي اناج، اٺ ۽ گاه هٿ ڪرڻ ۾ مصروف آھيان. 14.11.1842: ھڪ ئي ڏينهن تي فرنگي گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي ٻه خط لکيا. انهن جون خاص ڳالهيون هي آھن: 1). ميرن کي منهن ڏيڻ لاء جي چاهين ته وڌيڪ فوج موڪليان. پر سمجهان ٿو هنن سان پڄڻ جيتري تو وٽ فوج آھي، وڌيڪ گهرجئي ته ٻڌائجان، 2). ڪو مير مستي ڪرئي ته هن جي زمين ۽ مال ملڪيت ضبط ڪجان ۽ اهڙي سزا ڏجانس جنهن جو هندستان ۾ مثال موجود نه هجي، بلڪ مثال ٿي پئي. 14.11.1843: مير ٺٽي جي سيدن جي مالي مدد ڪندا هئا، جيڪا فرنگي سرڪار بند ڪئي. ان تي سيدن سرڪار کي درخواست ڪئي ته کين 1400 روپيا سالياني سرڪاري مدد ڏيو. اها درخواست ڪراچئ جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي، پر ان تي سيدن جي گهر خلاف نوٽ ھنيائين. ٺٽي جي سيدن جي انهئ مامري تي کوڙ سارو مواد موجود آھي. 14.11.1847: شڪارپور جي ڪليڪٽر اڄ شڪارپور جي تاريخ تي نهايت اهم دستاويز لکيو. 14.11.1857: هن کان اڳ ”سنڌ“ لفظ انگريزئ ۾ مختلف مختلف صورتن ۾ لکيو ويندو هو. اڄ ڪمشنر طرفان سمورن عملدارن کي تاڪيد ڪيو ويو ته Sind لکيو وڃي. 14.11.1961: خان عبدالغفارخان ۽ جي.ايم.سيد ڄڻ ڄاوا ئي جيل پوڻ يا نظربند ٿيڻ لاء ھئا. اڄ خان غفار خان جي نظربندئ ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن جي واڌ ڪئي وئي. 14.11.1993: فاروق لغارئ پاڪستان جي صدر طور قسم کنيو. پيپلز پارٽئ کيس پنهنجو سمجهي صدر بڻرايو. پر هن ئي پيپلز پارٽئ جي حڪومت ڊاهي پٽ ڪئي. 14 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون {جنم ڏينهن}: 14 نومبر 1889ع ڀارت جي پهرين وزيراعظم جواهر لال نهروجي پيدائش جو ڏينهن آهي۔ 14 نومبر 1931ع ناول نگار گرڌاري لال گاريجا (شڪارپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي 14 نومبر 1938ع جهڏي جي ليکڪ فيض محمد ٽالپر جو جنم ٿيو 14 نومبر 1944ع مشهور سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ جو هالا ۾ جنم ٿيو 14 نومبر 1952ع شاعر گل حسن غمگين ابڙو جو جنم ڏينهن آهي 14 نومبر 1958ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ الطاف بيدار جو جنم ڏينهن آهي 14 نومبر 1970ع نصير آباد سان تعلق رکندڙ صحافي الهه بخش قريشي جو جنم ڏينهن آهي {وڇوڙو}: 14 نومبر 1928ع سماج سڌارڪ سيٺ سوڀراج ڇتومل (شڪارپور) جي ديهانت ٿي. 14 نومبر 1972ع مذهبي اسڪالر مولانا ظهورالحسن درس جو انتقال ٿيو 14 نومبر 1984ع ليکڪ صوفي لعل بخش ڪانڌڙو جي وفات ٿي. 14 نومبر 2017ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار ستار ڀٽي دل جي دوري سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

Thursday, 12 November 2026

SINDH in history today (13th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {13th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * ***************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Without Human love & respect in heart, one cannot see beauty and understand vision & wisdom. He/ She is blind in spite of eyes and deaf with ears. He/She is high risk for all including values & knowledge] جي ناھي نظر نینھن جي، تان اندر ٻاھر انڌوڪار، محبت انسانیت ماٹھپو، علم ۽ عقل ان لاء بیڪار، دنیا ۽ پاڻ لاء آزار، سدا بیزار سرت سلام کان. ************** BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (13th of November) ************* BIRTHS: Murli Bhawnani (Hyderabad > New Delhi/Scolar/1928),Arjun Chawla (Writer/Writer/1932),Haji Shah Muhammad Channo (Chhato Wahan/Folklore Poet/1948), Abdul Ghafoor Jokhio (Ghulam Muhammad Jokhio/Social worker/1961). ************** DEATHS: Wadhumal Bilaram Advani (Hyderabad/Politician/1939),Iskandar Mirza (Ex-President of Pakistan/1969), Muhammad Shah Amroti (1987). ************** EVENTS: 1844: Relatives of Seth Naumal are victimized by Sir Charles Napier and his administration. Diwan Chandiram Mukhtyarkar Talti is fined Rs.5000 and two years imprisonment, Pohomal Mukhtyarkar Laki is awarded fine of Rs.1000 and two years imprisonment, Jethmal Mukhtyarkar of Manjhand is awarded Rs.2000 fine and two years imprisonment and Hasoomal Mukhtyarkar of Petaro is awarded fine of Rs. 1000 and two years imprisonment. 1857: The war of independence (Mutiny as termed by British Government) is ended with fall of Delhi on 20th October. Kelat and other friendly states of British Government are happy. They offer their congratulation to the Commissioner of Sindh. 1894: Sindh Sabha presents Memorandum to the Viceroy of India who is on Sindh visit. In this Memorandum the attention of the Viceroy is invited to the backwardness of Sindh in Higher education. (Source: ‘Source-Material on Sindh Sabha’, compiled by Gul Hayat Institute). 1920: A big public meeting is held Thatto by the local branch of Khilafat Tahreek. Pir Ghulam Mujadid Sarhandi is in chair and Government policy regarding Turkey and Khilafat is condemned at large. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1924: 2-day Khilafat Conference is held at village Khabar Khan of Shahdadpur Taluka. Pir Ghulam Ali Shah, the President of Conference and other speakers advise people to promote local industry. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1947: It is reported that handsome number of Indian Muslim migrants has reached Pakistan and they are: 35,000 from Sarhanpur, 35,000 from Jalandhar, 8000 from Adampur and 10,000 from other parts by foot. (Source: Newspapers), 1953: Pakistan Muslim League stands divided on the issue of ‘national language’. No any language is selected. (Source: Newspapers). 1956: People are more to be kept away from agitation against One-Unit, hence Section 144 has to remain imposed. But, it is challenged in the West Pakistan High Court, today.(Source: Newspapers). 1959: It will take one and half year more to think about new Constitution for country, President Ayub tells press in Tahran. (Source: Newspapers). 1969: Z.A.Bhutto, Mir Rasool Bux Talpur and 11 others are arrested under Defence of Pakistan Rule. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1971: New Prime Minister of Pakistan must be from East Pakistan. Otherwise people of that area will think that they are born to be ruled by West Pakistan, says Senior politician Noor-ul-Amin. (Source: Newspapers). 1982: Begam Nusrat Bhutto is permitted to go abroad for medical treatment. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute) SINDH IN HISTORY TODAY (13th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 13 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 13.11.1839: سيٺ نائونمل انگريزن جي وڏي مدد ڪئي. شروع ۾ انگريزن به ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء سندس قدرداني ڪئي ۽ هن جي مائٽن کي روينيو کاتي ۾ نوڪريون ڏنيون. پر انهن کي نوڪرين مان به ڪڍيو ۽ مالي ڌاڌلين جي ڏوه ۾ سزائون به ڏنيون. سندن تفصيل هن ريت آھن: 1). ديوان چنديرام { هي ٽلٽئ جو مختيارڪار هو. کيس 5 هزار روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ڏني وئي}، پوهومل {هي لڪئ جو مختيارڪار هو. کيس 1000 روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ملي}، ڄيٺمل {هي مانجهند جو مختيارڪار هو. کيس 2 هزار روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ڏني وئي}, هاسومل {هي پيٽارو جو مختيارڪار هو ۽ کيس 1000 روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ڏني وئي}. 13.11.1840: فرنگين جو سنڌ ۾ مصروف ”انٽيليجنس بيورو“ اڄ پنهنجئ سرڪار کي مخفي رپورٽ موڪلي ٿو ۽ ان ۾ لکي ٿو ته مير رستم علي سان ندئ پار شڪار تي وڃڻ ٿيو ته مون کي هن سان خلاصو ڳالهائڻ جو موقعو مليو. مون کيس هوشيار ڪيو ته اوهان جو وزير فتح محمد غوري بدنيت ماڻھو آھي. هن اوهان ميرن ۾ اختلاف پيدا ڪيا ۽ چاهي ٿو ته مير رستم علي انگريزن جي ويجهو نه وڃي. ان ڪري اوهان هن کان هوشيار رهو ۽ سندس ڳالهين ۾ نه اچجو. 13.11.1920: ٺٽي ۾ قاضين جي تلاء واري ميدان ۾ پير غلام مجدد سرهندئ جي صدارت ۾ خلافت جو وڏو جلسو ٿيو. انهئ ۾ انگريزن جي ترڪ ۽ اسلام دشمنئ کي نديو ويو. 13.11.1924: مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان تعلقي شھدادپور جي ڳوٺ کٻڙ خان جتوئئ ۾ پير غلام علي شاه جي صدارت ۾ ٻن ڏينهن واري خلافت ڪانفرنس ٿي. ڪانفرنس ۾ تقريرون ڪندڙ سرڪار جي ندا ڪرڻ کان سواء عوام کي صلاح ڏني ته واپار ۽ تجارت ڏانهن توجھ ڏيو ته جيئن سرڪار جي نوڪري ڪرڻ کان پاڻ بچائي سگهو. 13.11.1947: سرڪاري طور تي انڊيا مان پهچندڙ پناهگيرن جو تفصيل ٻڌايو ويو ته 10 هزار پيدل پنڌ ڪري پهتا، 35 هزار سرهانپور مان آيا، 35 هزار جالنڌر مان آيا ۽ 8 هزار آدمپور مان پهتا. 13.11.1958: هاڻي جي قيمت جي خبر عوام کي، پر اڄوڪي تاريخ تي سرڪار ڪلو کير جي قيمت ڏھ آنا مقرر ڪئي۔ 13.11.1968: مير رسول بخش ٽالپور، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ٻين 11 سياستدانن کي ”ڊفينس آف پاڪستان رولس“ تحت گرفتار ڪيو ويو. 13. 11.1971: “ ڏاها ٿجو. ملڪ جو نئون وزير اعظم اوڀر پاڪستان مان ڪجو، نه ته بنگالي سوچيندا ته پاڪستان ۾ ھميشه محڪوم رکيا وينداسين ۽ ڪڏهن به حڪمراني ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويندو.“_ نورالامين جي صلاح. 13 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون جنم ڏينهن: 13 نومبر 1929ع اسڪالر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مرليڌر ڀاواڻي (حيدرآباد /نئين دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔ 13 نومبر 1932ع ليکڪ ارجن چاولا جو جنم ٿيو۔ 13 نومبر 1948ع سگهڙ حاجي شاهه محمد چنا جو جنم ڏينهن آهي۔ 13 نومبر 1957ع موسيقار ۽ گلوڪار بادل راهيءَ جو جنم ڏينهن آهي. 13 نومبر 1961ع سماجي پرچارڪ حاجي عبدالغني جوکيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 نومبر 1975ع مٺياڻي ضلع نوشهرو فيروز سان تعلق رکندڙ شاعر گلبهار باغائي جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 13 نومبر 1939ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ وڪيل ۽ سياستدان واڌومل بيلارام آڏواڻي ديهانت ڪري ويو۔ 13 نومبر 1987ع مذهبي اسڪالر ۽ سياسي اڳواڻ محمد شاهه امروٽي انتقال ڪري ويو۔ 13 نومبر 1988ع سنڌي موسيقار ضامن علي عرف ببر علي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو۔

Wednesday, 11 November 2026

SINDH in history today (12th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {12th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * ************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [Beauty is not because of age and face. To believe in physical Beauty of own is the biggest self-dodge. Beauty is not everlasting like health and wealth. Ego can't make anybody Beautiful and second to none in Beauty. Self-praise can only misguide to misinterpret values. It is better to own, accept and respect human hearts without discrimination. Because, they are real places of peace & protection and Beauty & love] ناهين ناهين سهڻو صورت مورت ڪارڻ سائين, متان سونهن جي لهندڙ سج تي تون دوکو کائين, دولت حيثت ۽ انا نفرت جي ڏڍ تي پاڻ پڏائين, ڏوه ثواب سندي تون پاڻ-وڻي تشريح ٻڌائين., ڪنهن من-مندر-مسجد ۾ تون ناهين جيسيتائين, دشمن آھين سونهن امن سڪون جو سدائين. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (12th November) ************ BIRTHS: 12th November 1. Radha kirshan Kotwani (Bagrji/Last editor of 'Jote'/1917), 2. Saleem Halai (Poet/1918 ), 3. Talib Laghari (Haji Khan/Poet/1928 ), 4. Qamar Zaman Shah (Tikhr/Politician/1933), 5. Sikandar Bakhtyar Khoso (Osto Muhammad/Writer/1946), 6. Ali Gohar Khaskheli (Dokri/Folklore poet/1951), 7. Ali Ahmad 'Ajiz' Hakro (Khai/Poet/1962), 8. Badar Soomro (Lalurank/Artist/1970). ************* DEATHS: 12th November 1. Makhdoom Amin Muhammad Awal (Hala/Saint & Poet/1640), 2. Niaz Ali 'Niaz' (Larkano/Poet/1959), 3. Syed Muhammad Ali Shah Jamote (Matiari/Politician/1961) ************ EVENTS: 12th November 1838: Colonel Pottenger informs his Govt. the deputation sent to Mir Noor Muhammad Khan has returned with positive results and this big break through will be in the greater interest of Govt. 1853: Sindh Commissioner directs the Collector of Shikarpur that the list of alineations (Jageer record) be updated with names of persons whom Jageers have been granted. 1919: It is the first day of Victory celebrations. Govt. and its most loyal people held public functions and greeted British Govt. on its military victory over Turky. 1928: Simon Commission is in Karachi and Sir Shahnawaz Bhutto and Miram Muhammad Shah are also its members. Muhammad Ayub Khuhro on behalf of the Sindh Muhammadan Association and Prof. Chhablani on behalf of Hindu Maha Sabha present Memorandum on the dispute of separation of Sindh from Bombay Presidency ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 12 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 12.11.1835: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته خيرپور ۾ اسان جي وڪيل مير رستم علئ سان مخفي ڳالهيون هلايون آھن, جيڪي اميد ڀريون آھن ۽ اسان جي وڪيل ڏاهپ سان مير رستم علئ کي حيدرآبادي ميرن کان ڪنهن حد تائين لاتعلق ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. 12.11.1838: پاٽينجر اڄ حيدرآباد منجھان پنهنجي گورنر جنرل کي هڪ طويل ۽ تفصيلي خط لکيو, جنهن جون ڪي خاص ڳالهيون هئ آھن: 1). مير نور محمد جو نمائندو مرزا چئي ٿو ته مير جڏهن اوھان کي سنڌ مان فوج افغانستان موڪلڻ لاء رستو ڏنو آھي ته اوهان کي وفادار يار طور باقي ڪهڙي ثابتي ڏيڻي آھي. اوهان هاڻي اره زورائي ڇڏيو. 2). مير نور محمد چئي ٿو ته مون ته اوهان کي حيدرآباد ۾ ريزيڊينسي ٺاهڻ جي اجازت ڏني آھي, پر اوهان نواب احمد خان لغارئ جي ٽنڊي ۾ ريزيڊينسي ٺاهڻ تي ضد ڪيو آھي. 3). سيد اسماعيل شاه ٻن پٽن سميت مون سان ٻه ڪلاڪ ملاقات ڪئي ۽ چيو ته اسان جيڪڏهن محمد شاه کي خط لکيو ته ان تي گورنرل جنرل شڪ ۽ ڪاوڙ ڇو ٿو ڪري. محمد شاه ڪو اسان جو پڳ-مٽيو يار ڪونهي. هن جو پئ مري ويو ته به اسان هن سان رضاالاهي نه ڪئي. گورنر جنرل کي اسان جي خط تي ڪاوڙ نه ڪرڻ گهرجي. 4). نواب احمد خان لغاري جڏهن به اچي ٿو اسان کي ڄڻ ڊيڄارڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو ۽ چئي ته اها مير حڪمرانن جي اوهان تي ٻاجھ ۽ مهرباني آھي جو اوهان جو وار ونگو نه ٿيو آھي. هونء نه ته عوام اوهان کي ڪچو کائي وڃي, ڇو ته سنڌ ۾ فرنگين جي هجڻ کي عوام سٺو سونڻ نه ٿو سمجهي. 12.11.1919: برطانيه ۽ سندس اتحادين ترڪئ کي شڪست ڏني ته انھئ خوشئ ۾ ھندستان ۾ ”فتح جو هفتو" ملهايو ويو. اڄ انھئ جشن جو پهريون ڏينھن هئو. سنڌ ۾ به سرڪار کي راضي ڪرڻ ۽ وفاداري ثابت ڪندڙ سنڌين انھئ جشن کي ملهايو. پر اهو جشن ملهائڻ سرڪار کي سنڌ ۾ ڳچئ ۾ پيو. ڇو ته هن کان پوء "خلافت" ۽ "عدم تعاون" جون تحريڪون هليون ۽ عوام انگريز حڪمرانن خلاف ٿي بيٺو. 12.11.1928: "سائمن ڪميشن“ جي اچڻ جي خلاف ته عوام وڏو آواز بلند ڪيو, پر پوء به اها ڪميشن سنڌ آئي. سر شاهنواز ڀٽو ۽ ميران محمد شاه انھئ جا مقامي ميمبر هئا. اڄ محمد ايوب کهڙي سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ جي حق ۾ ۽ پروفيسر ڇٻلاڻئ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ خلاف ڪميشن کي پنھنجا پنهنجا ياداشت ناما پيش ڪيا. *************** 12 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 12 نومبر 1917ع اخبار "جوت" جي آخري ايڊيٽر راڌا ڪرشن ڪوٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1918ع شاعر سليم هالائي جو جنم ٿيو۔ 12 نومبر 1928ع شاعر طالب لغاري جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1933ع سياستدان سيد قمرالزمان شاهه (ٽکڙ) جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1937ع باليووڊ جي ناليواري اداڪار قادر خان جي پشين ۾ پيدائش ٿي۔ 12 نومبر 1946ع ليکڪ سڪندر بختيار کوسو جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1951ع سگهڙ علي گوهر خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1962ع شاعر علي احمد عاجز هڪڙو جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1970ع آرٽسٽ بدر سومرو (لالو رائنڪ) جو جنم ڏينهن آهي۔ *************** وڇوڙو: *************** 12 نومبر 1640ع هالا جي بزرگ ۽ شاعر مخدوم محمد امين اول جي وفات ٿي۔ 12 نومبر 1959ع لاڙڪاڻي جو شاعر نواز علي نياز جعفري گذاري ويو۔ 12 نومبر 1961ع سياستدان سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ جو انتقال ٿيو. 12 نومبر 1969ع پاڪستان جي پهرين صدر اسڪندر مرزا جي لنڊن ۾ وفات ٿي. 12 نومبر 2002ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻئ کي شهيد ڪيو ويو See less

Tuesday, 10 November 2026

SINDH in history today (11th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {11th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * ***************Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. طرف مڙوئي “تم“ ٿيا تون ئي قدر نظريو ۽ آھين اصول, علم خلق عقل مت شرم محبت ماڻھپو آھن هت فضول, انا متڀيد رنگ نسل هوڏ ضد هت دلين جو اٽل معمول, مٺا ٿئ نہ تون ملول, سرت سلام مدام تو سان سپرين. [ Don't be scared. Every event is your Case Study. Observe and experience with Scientific approach. Your findings will be: 1). Spare and spend hours for anybody, but you can't get and take her/his seconds. 2). Assure anybody about your love, it will irritate her/him and create hatred for you, 3). Serve anybody, he/she will never spare you, 4). Excuse anybody, he/she will forgive you, 5). Respect anybody, you will be treated as weak and earn disrespect. These are our social Ground Realities. But, don't be disappointed. Because, you are flower with fragrance, beauty with boldness, love with dare. You are not fair, but an excellent, an ideal and role-model.] ************** SINDH IN HISTORY TODAY (11th November) ************* BIRTHS: 11th November 1. Shewanand Shewakram (Tharoshah - Ajmir/Freedom Fighter/1903), 2. Lokram Dodija (Shikarpur - Poono/Writer/1907), 3. Ali Ahmad Brohi (Garhi Yasin/Writer/1921), 4. Raza Shah 'Raza' (Poet/1945), 5. Younis Khonharo (Alam Khonharo/Poet/1948 ), 6. Manzoor Qureshi (Darya Khan/Poet/1957), 7. Makan Shah Rizwi (Jhudo/Writer/1962), 8. Mohsin Raza (Ghirkan/Writer/1969) ************* DEATHS: 11th November 1. Gul Hassan Shah 'Majzoob' (Poet/1988 ), 2. Abdul Rashid Abbasi (Pir Goth/Social Worker/1999). ************* EVENTS: 11th November 1920: Public meetings are held by the local branches of the Sindh Khilafat Committee at village Mubarakpur and Mirpur Mathelo presided over by Ghulam Qadir Bhutto and Pir Illahi Bux respectively. 1923: A public meeting held at Karachi with Abdul Rahman in chair rejects ' Bombay Rules of Education - 1923' and terms it as against formal education, its system and future. 1929: First rank Muslim polititian meet at Karachi and form committee to create awareness about the importance of trade and commere in masses. It is attended by Seth Haji Abdullah Haroon, Sir Shahnawaz Bhutto, G.M.Syed, Muhammad Ayub Khuhro, Hatim Alvi and Qazi Abdul Rahman. 1948: Discussions are being made at high level, how to remove Sindh Govt. ? Migration on large scale and handing over of the Karachi are becoming disputes between Sindh and Pakistan governments. 1949: First ever Progressive Writer's Conference is held in Lahore. Sindh takes active part. 1950: Khairpur State sends aid of Rs.25,000 to flood - affected of Punjab. 1954: The meeting of the Working Committee of the Sindh Hari Committee condemns the conspiracy of imposing One - Unit and terms it to as an effort to put sources and resources of other three provinces on the disposal of Punjab. 1965: Foreign press doubts involvement and interest of C.I.A in Indo - Pak military clash ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ يارهين نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 11.11.1838: اڄ برنس پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته مير رستم علئ جي وزير جو پٽ شڪارپور ۾ منھنجئ خدمت چاڪرئ لاء مون وٽ ھئو. مون کيس خيرپور موڪليو آھي ته مير رستم خان کي ٻڌائي ته گورنر جنرل بهادر مون کي مير رستم علي خان سان سمجهوتي ڪرڻ جو اختيار ڏنو آھي ۽ مان مير سان معاهدي ڪرڻ وقت سندس دوستئ ۽ وفادارئ جو قدر ڪندس ۽ اميد اٿم ته هو حيدرآبادي ميرن سان اسان بابت سهمت نه ٿيندو. 11.11.1845: سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 2930 مطابق حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي لکيو ته جيڪي جاگيردار فرنگي سرڪار جي آڻ مڃڻ ۽ سلامي ڪرڻ کان سواء مري ويا آھن ۽ انھن جي پوئنرين مان ڪو جاگير وٺڻ جي درخواست ڏئي ته وڏي جاچ پڙتال ۽ احتياط سان سندن ڪيس موڪلجو. 11.11.1920: ڳوٺ مبارڪ پور ۾ غلام قادر ڀٽي ۽ ميرپور ماٿيلي ۾ پير الاهي بخش جي صدارت ۾ جلسا ٿيا ۽ اتي ان موقعي تي مقامي "خلافت ڪميٽيون" ٺاهيون ويون. 11.11.1923: ڪراچئ ۾ بئريسٽر عبدالرحمان جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ”ممبئي رولس آف ايڊيوڪيشن-1923" کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. هنن رولس ۾ ”ملان اسڪولن" کي مڃتا ڏنل هئي ۽ انھن جي مالي مدد ڪرڻ جي گنجائش پڻ رکي وئي هئي. 11.11.1929: ڪراچئ ۾ سنڌي مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ھڪ ڪميٽي جوڙي وئي ته مسلمانن ۾ تجارتي ۽ تعليمي شعور پيدا ڪجي. هن گڏجاڻئ ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون, سر شاهنواز ڀٽي, جي.ايم.سيد,محمد ايوب کهڙي,حاتم علوئ ۽ قاضي عبدالرحمان شرڪت ڪئي. 11.11.1947: سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو ويو ته انڊيا مان 14 هزار پناهگير ٽرينن ذريعي ۽ 2425 موٽرن ذريعي اچي پهتا. 11.11.1950: خيرپور رياست ٻوڏ جي ستايلن لاء پنجاب حڪومت کي 25000 روپيا امداد طور اماڻيا. 11.11.1954: حيدرآباد ۾ حيدربخش جتوئئ جي صدارت ۾ سنڌ هاري ڪميٽئ جي ورڪنگ ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ٻين قراردادن کان سواء ون يونٽ خلاف به ٺھراء پاس ڪيو ويو. اهو جيئن جو تيئن هن ريت آھي: "ورڪنگ ڪميٽي هن راء جي آھي ته سنڌ, بلوچستان ۽ فرنٽيئر علائقن کي ويسٽ پاڪستان جي هڪ يونٽ ۾ ٺاهڻ جو تحرڪ پنجاب جي سرمائيدارن, زميندارن ۽ عملدارن طرفان هلايل آھي ته جيئن ننڍن صوبن جي وسائل, زمين, تجارت ۽ نوڪرين تي قبضو ڪيو وڃي. ون يونٽ جي هئ تحريڪ بلڪل ناجائز ۽ نامناسب آھي. ان جي ذريعي پنجاب جي عوام ۽ سنڌ جي عوام ۾ نفرت ۽ عام طرح پاڪستان ۾ اندروني خانه جنگي جو باعث ٿيندو, جنهن جا خطرناڪ نتيجا لازمي آھن. سنڌ هزارين سالن کان خاص تهذيب, زبان ۽ روايتن جي مالڪ آھي ۽ ان کي پاڪستان يا اسلام جي نالي ۾ مٽائڻ ناممڪن ۽ ظالمانه ڪاروائي ٿيندي." [اسان جي وڏڙن ون يونٽ خلاف تحريڪون ته هلايون. پر جن ون يونٽ ٺاهيو, انھن پاڻ کي ڊاٿو] 11.11.1974: پنجاب جو نواب احمد محمد خان قتل ڪيو. هي قتل ذوالفقار علي ڀٽي جي ڳچئ ۾ پئجي ويو ۽ کيس ڦاهي چاڙھيو ويو. *************** {11 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1888ع ڪانگريس رهنما ۽ اسڪالر مولانا ابو الڪلام آزاد. 1903ع آزادي جي تحريڪ جو ڪارڪن شيوڪ رام (ٺارو شاهه / اجمير). 1907ع ليکڪ لوڪرام دوديجا (شڪارپور / پونا)۔ 1916ع موسيقار پير محمد زمان شاهه هاشمي(مٽياري). 11 نومبر 1921ع ليکڪ، صحافي ۽ ڪامورو علي احمد بروهي[ ڳڙهي ياسين]۔ 1930ع سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪا ۽ تعليمدان ايشوري جوتواڻي(سيوهڻ / پونا). 1945ع شاعر رضا شاهه رضا۔ 1948ع شاعر يونس کونهارو۔ 1951ع اداڪاره، ڪٿڪ ۽ ڪلاسيڪل ڊانسر انيلا سندر۔ 1957ع شاعر منظور قريشي۔ 1957ع راڳي امير حسن۔ 1962ع شاعر ليکڪ سيد ماڪن شاهه رضوي۔ 1969ع ليکڪ محسن رضا۔ 1987ع سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره صنم ماروي۔ ڪالم نگار ۽ شاعر حسن مجتبى۔ [وڇوڙو]: 1938ع بنگال سان تعلق رکندڙ آرڪيالاجسٽ اين جي مجمدار. 1944ع بزرگ سيد محمد اسماعيل المعروف بيرنگ بادشاهه(آرائين). 1988ع شاعر گُل حسن شاهه ”مجذوب"۔ 1999ع سماجي ڪارڪن عبدالرشيد عباسي (پير جو ڳوٺ)۔ 2004ع پي ايل او سربراهه ۽ عظيم اڳواڻ ياسر عرفات۔ 2018ع شاعره شاهده کوکر See less

Monday, 9 November 2026

SINDH in history today (10th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {10th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * ***************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! You are second to none in beauty & love and vision & wisdom. You are not subject, but real ruler. Let ego must not rule you. Rule over it besides, your own desires & interests; as you can be capable to rule over hearts & minds and they can bring peace & progress for all] تون حاڪم حسن اخلاق جو، ڪر خودئ تي حڪمراني، لاھج خوف ھراس وھمن جو، آ ٹج ریتن رسمن ۾ آساني، ھر ڪو ماٹھو بٹجي جگري جاني، قبولي سرت سلام کي .‏‎ ‎ ************** BIRTH & DEATH DATES (10th of November) BIRTHS: 1. 'Talib' Abbasi (Rawat Laghari/Poet/1903), 2. Sital 'Kamtar'(Hala - Agro/1919), 3. Tahal Menghrajani ( Ahmadabad/Actor/1946), 4. Kumari Sadha Ramchandani (Hyerabad - Ajmir/Singer/1946), 5. Nafis Ahmad Nashad (Chelhiar/Poet/1947), 6. Abdul Ghafoor Ansari (Writer/1932), 7. Abdul Latif Zargar (Badin/Journalist/1952), 8. Zulf Pirzado (Writer/1960), 9. Sadhna Esrani (New Delhi/Singer/1962), 10. Bakhshal Ladhani (Ladhan/Writer/1962) ************* DEATHS: 1. Moulana Muhammad Hashim (Garhi Yasin/Religious Scholar/1903), 2. Mian Ali Muhammad 'Qadri'(Larkano/Poet & Journalist/1940) ************** EVENTS: 1835: Colonel Pottenger informs his Govt. that Dost Muhammad of Kabul has proposed to Sindh Rulers to join with him in the great struggle against Sikhs and Sindh rulers are in a state of consideration and are making active arrangements to oppose Sikhs. 1848: Malik Boola Khan is granted 220 begas as compensation . 1856: Lieutenant Colonel Jacob, Acting Commissioner requests the Bombay Govt. the project about the bridge between Sukkur and Rohri be abandoned and instead the project for construction of a trunk road between Shikarpur and Karachi on right bank of Indus be pushed through. 1922: Ghathar Khilafat Committee holds public meeting at Ber. It is addressed by Moulana Fazul Haq. 1947: Pakistan lodges a strong protest against the coup d'eat sponsered by Indian Govt. in Junagarah. 1954: Portfolios of new Sindh Cabinet are notified. Ali Muhammad Shah is given Health and Finance, Moula Bux Soomro will be minister for Local Self Govt. Excise and Taxation. 1960: The President of Pakistam to get monthly salary of Rs.65,000 per month. Ordinance is promulgated. 1962: Punjab University Sydicate decides to include Sindhi, Pashto and Punjabi as subject at Degree level. 1977: The Supreme Court validates the imposition of Martial law. Judgment is issued on Nusrat Bhutto case. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 10 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 10.11.1835: فرنگين جو مفاد انھئ ۾ ھو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ کيس سنڌوندئ کي پنھنجي تجارتي ۽ سياسي مقصدن لاء ڪتب آڻن. ھو انهن ملڪن ذريعي پنهنجي فوج سنڌوندئ ذريعي پهريون شڪارپور ۽ پوء اتان افغانستان موڪلي پيا سگهن. رنجيت سنگ ۽ بهاولپور جا نواب انھئ حوالي سان فرنگين جا سهولتڪار بڻجي چڪا هئا. البته خيرپوري ۽ حيدرآبادي مير فرنگين کي سهولتڪاري ڏيڻ ۾ ڪيٻائيندا ٿي رهيا. فرنگي انهئ ڪوشش ۾ هئا ته سنڌ جا حاڪم ڪنهن ٻئي حاڪم سان ملي, هنن ۽ رنجيت سنگ خلاف ڪو محاذ نه ٺاهن. اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خبر پهچائي ته مير ڪوشش ۾ آھن ته دوست محمد خان سان ملي رنجيت سنگ خلاف محاذ ٺاهن. 10.11.1851: ممبئي سرڪار اڄ سنڌ ڪمشنر کان رايو ورتو ته سنڌ ۾ بگٽين جي ڪالونين کي اڃا وڌيڪ وقت لاء قائم رکڻ گهرندا يا سندن مستقل آبادڪارئ ڪرڻ گهرو ٿا. 10.11.1856: سنڌ جي وقتي ڪمشنر ليفٽيننٽ ڪرنل جيڪب اڄ ممبئي سرڪار کي گذارش ڪئي ته سکر-روهڙي پل ٺاهڻ بدران پهريون شڪارپور کان ڪراچئ تائين سنڌوندئ جي ساڄي پاسي کان روڊ ٺھرايو. 10.11.1922: قمبر تعلقي جي ڳوٺ گٽهڙ وارئ خلافت ڪميٽئ اڄ ڳوٺ ٻير ۾ خلافت جو وڏو جلسو ڪيو, جنھن کي مولانا فضل الحق خطاب ڪيو ۽ عوام تي زور رکيو ته دين ۽ سياست ۾ داخل ٿيو. 10.11.1954: ون-يونٽ مسلط ڪرڻ ۾ سهولتڪاري ڏيندڙ محمد ايوب کهڙي وارئ حڪومت ۾ پير علي محمد شاه راشدئ کي صحت ۽ ماليات جي کاتن جو وزير ۽ مولابخش سومري کي لوڪل سيلف گورنمينٽ, ايڪسائيز ۽ محصوليات کاتن جو وزير بڻايو ويو. 10.11.1962: پنجاب يونيورسٽئ جي سينڊيڪيٽ فيصلو ڪيو ته سنڌي, پشتو ۽ پنجابئ کي ڊگري سطح تائين پڙھايو ويندو. 10.11.1977: نصرت ڀٽو ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ واري قدم کي جائز قرار ڏنو. *************** 10 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 10 نومبر 1903ع شاعر طالب عباسي جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 نومبر1919ع شاعر سيتل ڪمتر (هالا / اجمير) جي پيدائش ٿي۔ 10 نومبر 1932ع ليکڪ عبدالغفور انصاري جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 نومبر 1943ع راڳي استاد وريلداس(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 نومبر 1945ع ليکڪ، سماجي ڪارڪن ۽ استاد انور علي سرهيو(دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 10 نومبر1952ع بدين سان تعلق رکندڙ صحافي عبداللطيف زرگر جو جنم ٿيو۔ 10 نومبر1960ع ٻلهڙيجي سان تعلق رکندڙ صحافي زلف پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 نومبر 1962ع گلوڪاره ساڌنا ايسراڻي (نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 نومبر 1962ع بخشل لڌاڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 نومبر ناليواري بئريسٽر ضمير گهمري جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 10 نومبر 1903ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم جي وفات ٿي۔ 10 نومبر 1940ع لاڙڪاڻي جي شاعر ۽ صحافي ميان علي محمد قادري جي وفات ٿي۔ 10 نومبر 1980ع الغوزي نواز مصري خان جمالي جو انتقال ٿيو. 10 نومبر 2018ع شاعر سائل آزاد وفات ڪري وي