Monday, 1 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (1st August) By: Dr. Pathan



** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي جي انگريز
 سرڪار سنڌ ۾ مقرر پنهنجي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل
 پوٽينجر کي ليفٽيننٽ ڪرنل لچفيلڊ جي مقرري کان
 آگاهه ڪيو، جنهن کي پارڪر واري علائقي ۾ انگريزن
 خلاف هلندڙ مهم کي روڪڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.
** 1842ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اپر سنڌ واري علائقي
 ۾ انگريز حڪومت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندڙ عملدار
 روز بيل فوت ٿي ويو.ليفٽيننٽ برائون سندس وفات جو
 باضابطا اعلان ڪيو. روز بيل وڏو عرصو سنڌ ۾ رهيو
 ۽ پنهنجي سرڪار طرفان مليل اسائنمينٽ تي ڪم ڪيو.
** 1901ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تاريخي شهر لاڙڪاڻي
 کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو، ڪراچي ۽ شڪارپور
 ضلعن جي ڪجهه علائقن کي لاڙڪاڻي ۾ شامل ڪيو ويو.
 ان کان اڳ لاڙڪاڻو شڪارپور ضلعي ۾ شامل رهيو.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ ٽيون خلافت ڏهاڙو
 ملهايو ويو، ان موقعي تي خلافت تحريڪ سان لاڳاپيل اڳواڻن 
۽ ڪارڪنن وڏا جلوس ڪڍيا، جڏهن ته ڪانگريس پڻ 
حڪومت خلاف پنهنجي تحريڪ جو آغاز ڪيو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ميونسپل ڪارپوريشن
 ناليواري ليکڪ سعادت حسن منٽو جي نالي سان 
منسوب منٽو پارڪ جو نالو تبديل ڪري اقبال پارڪ رکي ڇڏيو.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ آيل مهاجرن
جي بحالي لاءِ خاص بورڊ جوڙيو ويو، جنهن کي
 هدايت ڏني وئي ته هندستان مان آيل مهاجرن جي
 رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جا بندوبست ڪيا وڃن.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت
 آءِ ايم ايف جي منظوري سان رپئي جو ملهه مقرر ڪيو،
 جنهن تحت هڪ ڊالر جو ملهه پاڪستان جي چئن رپين
 جي  برابر هو، واضح رهي ته هن وقت
 ڊالر جو اگهه 100 رپين کان مٿي آهي.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان
 ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪالوني جو افتتاح ڪيو
 جيڪا 1500 ڪوارٽرن تي ٻڌل هئي، اها ڪالوني
 هندستان مان ايندڙ مهاجرن جي رهائش لاءِ قائم ڪئي وئي هئي.

No comments:

Post a Comment