** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان اسيمبلي ڌار
چونڊ نظام جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪري ورتو.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم حسين شهيد
سهروردي اعلان ڪيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ اسرائيل
کي تسليم نه ڪنداسين، پاڪستان اسرائيل جي حوالي سان پنهنجي
اصولي موقف تي قائم رهندو، جڏهن ته پاڪستان
فلسطينين جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان ۾
هنگامن سبب بند ٿي ويل يونيورسٽيون ۽ ڪاليج پنج
مهينن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر کلي ويا.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ولي خان کي يو ڊي ايف
جو پارلياماني اڳواڻ چونڊيو ويو.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
خيرپور ميرس ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ ۽ ريڊيو اسٽيشن
جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پيپلزپارٽي سان
تعلق رکندڙ اٽڪل 15 ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سنڌ
جي وڏي وزير ڄام صادق علي سان ملاقات ڪئي
۽ مٿس اعتماد جو اظهار ڪيو.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عالمي بئنڪ پاڪستان
کي وارننگ جاري ڪئي ته جيڪڏهن بئنڪن جي حالت
نه سڌاري وئي ۽ قرض واپس نه ڪيا ويا ته سموري امداد
بند ڪري ڇڏينداسين، عالمي بئنڪ قومي مالياتي ادارن جي
ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو. عالمي بئنڪ
چيو ته قرضن جي واپسي بهتر نموني نه ٿي رهي آهي،
ان ڪري اسان پاڪستان جي امداد بند ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پ پ چيئرپرسن بينظير ڀٽو
10 آگسٽ تي سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شهيد وٽ تڪراري
ڪالاباغ ڊيم خلاف تاريخي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو،
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته
وزيراعظم نواز شريف ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪري
صوبائي خودمختياري ۽ آئين کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي.
لاهور جي غلامي قبول ناهي، ٻين جماعتن سان گڏجي روڊن تي اينداسين.
** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مڪاني ادارن جي
چونڊن جا نتيجا سامهون آيا، جنهن ۾ 7 ضلعن ۾ عوام
دوست (پ پ ) جا ضلعي ناظم ڪامياب قرار ڏنا ويا،
نوشهروفيروز، دادو، ٺٽي ۽ شڪارپور ۾ پ پ جي
حمايت يافته اميدوارن کي شڪست نصيب ٿي.
بدين، ٿرپارڪر ۽ جيڪب آباد ۾ گهٽ ووٽ پوڻ
سبب ٻيهر اليڪشن جو اعلان ڪيو ويو.
** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان جي
وڏي وزير ڄام يوسف جي قافلي تي حملي ۾ هڪ
اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ هڪ هٿياربند مارجي ويو،
اهو حملو سوراب واري علائقي ۾ ڪيو ويو
No comments:
Post a Comment