Friday 23 August 2024

SINDH in history today (24th August). Author Dr.Pathan & Tanslator Mumtaz Ali Pathan

24th August The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years] SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {24th August} and my Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [It is the job of so-called literacy in real that is absolute illiteracy, to oppose knowledge, vision & wisdom. It imposes conflict upon knowledge and promote egoism, hatred & discrimination. It dislikes beauty and discourages love of hearts & minds] اصلئون ڳولھي علم کي، پیو جھل جھیڙي لاء، نفرت ۽ انا جا انھئ جي، تن کان نہ مٺا گھٻراء، پاند ڳچئ پاء نڀاء، سرت ۽ سونھن سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {24th August} EVENTS: 24th August 1846: The Secretary to Government of Sindh asks Collector of Shikarpur to suspend the question of boundry between Jageers of Mir Muhammad Khan and Ghulam Mustafa Khan till deciding the matter on spot. (Source: Letter No.1218). 1941: The Working Committee of the All-India Muslim League meets in Bombay. M.A.Jinnah informs the committee about his interview with the Viceroy on the constitution of the National Defence Council and the expansion of the Executive Council. He also criticizes some of the members of the Muslim League including the three Premiers [Sir Sikandar Hayat Khan of Punjab, A.K.Fazul Haq of Bengal and Moulvi Syed Muhammad Saadullah of Asam] who joined the Defence Council. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1941). 1946: Reginald Sorensen, a Member of the Parliamentary Delegation to India, in a message to the formation of the Interim Government, congratulates Pandit Jawaharlal Nehru on his success in the formation of his cabinet and expresses regret at M.A.Jinnah’s attitude of non-cooperation. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1946). 1948: Indian Muslim migrants’ mob is fired by police at Sahiwal. Five are killed.(Source: Newspapers). This may kindly be noted that in spite of waves of muhajeern’s towards Sindh, not a single event of killing them is recorded in Sindh history. Though, so many processions were taken by them and even Prime Minister’s House was encircled by them for so many times. 1955: Ex-Prime Minister of Pakistan, Muhammad Ali Bogra is appointed as ambassador in U.S.A. (Source: Newspapers). For the sake of General Knowledge, any one should prepare province-wise list of all ambassadors appointed in various countries since creation of Pakistan. 1969: Zahir Shah of Afghanistan declares that his country will support Pathans in their struggle for creation of Pakhtoonistan. (Source: ibid), 1947: Mirza Nasir Ahmad, head of Anjuman Ahmadya, Rabwah, gives his statement before Parliament’s Special Committee. He is cross examined also. (Source: Newspapers). 1977: Returning of PPP in Power will be high-risk for the country, says Mufti Mahmood. (Source: ibid). TRANSLATION OF THE POSAT INTO SINDHI: SINDH in history toda (24th August) * 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار چارلس نيپيئر ۽ ڪمانڊر ان چيف وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا، ليفٽيننٽ ڪرنل موسلي خلاف جاچ ڪرڻ ۽ ٻين معاملن تي پيدا ٿيل تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ هندستان جي گورنر جنرل کي مداخلت ڪرڻي پئي، جنهن ٻنهي ڄڻن کي هدايتون جاري ڪيون ته اختلاف فوري طور ختم ڪيا وڃن، واضح رهي ته چارلس نيپيئر جا پنهنجي آفيسرن سان هميشه تڪرار رهيا، ان انگريزن جي اهم آفيسر ميجر آئوٽرام سان پڻ ڪيتري ئي عرصي تائين اختلاف رکيا، جنهن ڪري ميجر آئوٽرام سندس خلاف مختلف اخبارن ۾ آرٽيڪل پڻ لکيا. ** 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي جج ايڊووڪيٽ جنرل ڪراچي جي ڪليڪٽر کي حڪم جاري ڪيو ته سيٺ نائومل جي حوالي سان انڪوائري ڪرائي وڃي، سيٺ نائومل ميجر آئوٽرام جو دوست هو ۽ هن انگريزن جي سنڌ تي قبضي ۾ وڏي مدد ڪئي، ميجر آئوٽرام سان دوستي سبب چارلس نيپيئر نائومل جي سدائين مخالفت ڪئي، جڏهن ته چارلس نيپيئر سيٺ نائومل خلاف ڪارروائي جي پڻ سفارش ڪئي. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت مان ايندڙ پناهگيرن مٿان ساهيوال وٽ مڇريل ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 5 پناهگير قتل ۽ 7 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته لڏپلاڻ دوران سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه واقعو پيش نه آيو پر سنڌين ڀارت مان ايندڙن کي کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙا فراهم ڪيا. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محمد علي بوگرا کي آمريڪا ۾ سفير مقرر ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ٿو ته ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان طرفان ڪنهن به سفير جي هيءَ پهرين مقرري هئي. ** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير غلام علي ٽالپر ۽ حاجي مولا بخش سومرو ريپبليڪشن پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. ** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ڍاڪا ۾ صدارتي چونڊ جي حوالي سان خطاب ڪندي چيو ته مون کي يقين آهي ته مان ئي صدر چونڊيو ويندس. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي افغانستان جي بادشاهه ظاهر شاهه پختونن جي ڌار وطن پختونستان جي قيام واري جدوجهد جي حمايت جو اعلان ڪيو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا مفتي محمود ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي جو ٻيهر چونڊجي اچڻ ملڪ ۽ قوم لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو. اڄوڪي ڏينهن 24 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 24 آگسٽ 1896ع شاعر قادر بخش بشير جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آگسٽ 1929ع فلسطين ۽ پي ايل او جي اڳواڻ ياسر عرفاتجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آگسٽ 1953ع ايم آر ڊي تحريڪ جي سرگرم رڪن غلام رسول چانڊيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آگسٽ 1974ع شاعر، ڪمپيوٽر پروگرامر ۽ سنڌي ٻولي لاء جاکوڙيندڙ علي حسن ملاح جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 24 آگسٽ 1876ع ٽالپر حڪمران مير شير محمد خان ٽالپرجي وفات ٿي. 24 آگسٽ 1889ع مذهبي اسڪالر مولانا گُل محمد شهداد ڪوٽي جي وفات ٿي. 24 آگسٽ 1922ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم لغاري جو انتقال ٿيو. 24 آگسٽ 1947ع مذهبي اسڪالر مولانا قمرالدين مهيسر جو انتقال ٿيو. 24 آگسٽ 1974ع سياستدان ۽ سنڌ جو اڳوڻو وزير اعلى پيرزادو عبدالستارلاڏاڻو ڪري ويو. 24 آگسٽ 1977ع شاعر جمن هالو لاڏاڻو ڪري ويو. 24 آگسٽ 2005ع اداڪار جمشيد انصاري جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment