Wednesday 21 August 2024

SINDH in history today (22nd August). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years] Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Everything changes and everything fades: Either it is day and night, or love and beauty. Avail opportunities and don't miss chances. It is vision and it is wisdom. If you are encircled with sorrows & worries, don't worry. They are not everlasting. If you are in love, try to avail it before it fades. If you are capable to do anything , do what you can do before time and circumstances are changed. Keep in mind that at anytime anything can change and anything can happen. Nothing is to remain same.] نہ ئي سدا رات رهي نہ ئي سدا رهندا سور, مند مٽجي ماڻھون مٽجن ۽ پيا مٽجن پور, مٽجي سگهن ٿا جي محبت ۾ رهيا مخمور مٽجي وڃن ماڻھن جا گهمنڊ ۽ گهڻا غرور, مطلب مقصد ڪري مٽجن ماڻهن جا شعور, وٺ مٽجڻ کان اڳ سرور, سونهن سلام جا SINDH IN HISTORY TODAY (22nd AUGUST) 22nd August BIRTH DATES Ghulam Qadir ‘Shahbaz’ (Jamshoro/Poet/1925), Moula Bux ‘Qasir’ (Garhi Yaseen/Poet/1932), Kalpna Parsani (Mombai/Artist/1958), Mukhtyar ‘Naz’ (Kandhkot/Poet/1962), Khoonchand Shahani (Hyderabad > Baroda/Writer/1963), ‘Saghar’ Muhammad Hussain Mahar (Ruk/Poet/1969), Ahmad Khan Samo (Salih Samo/Poet/1975). DEATH DATES Abu Ishaq Ibrahim Sindhi Moosli (Judge/1213), Noor Muhammad Lakhr (Chakro/Politician/1937), Moulana Obedullall Sindhi (Religious Scholar, Freedom Fighter & Founder of Jamna Birbda Sindh Saghar Party/1944), Moulana Shafi Muhammad Masjdi (Sodhari/Religious Scholar/1944), Moulana Ahmad (Hala/Religious Scholar/1956). EVENTS 1933: Tolani and Jamshed Mehta proposed the amendment in Karachi Municipality Act so Sikh community be give representation. Tolani asks for two seats and Jamshed Mehta proposed one seat in the Municipality. Miran Muhammad Shah, Mir Muhammad Baloch and Ghulam Hussain Hidayatullah oppose the amendment. Hence it is rejected. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1933). 1961: Pakistan closes down it two Consulates at Jalalabad and Kandhar. (Source: Newspapers). 1965 :” Indian Prime Minister Shastri warns Pakistan that ‘India will strike back if Pakistan’s aggression continue in Kashmir’. (Source: ibid). 1969: Descration of Al-Aqsa Masjid is resented throughout Pakistan (Source: ibid). 1972: Princely rule in Gilgit and Baltistan is abolished by the Pakistan Government. (Source: ibid). TRANSLATION OF THE POST INTO SINDHI: SINDH HISTORY (22nd August) By: Dr. Pathan ** 1849ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي مڪمل قبضي باوجود حڪومت کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، سنڌ جي ماڻهن انگريز حڪومت خلاف پهرئين ڏينهن کان ئي جدوجهد شروع ڪري ڇڏي، سخت مشڪلاتن سبب انگريزن ڪراچي جي ڪيمپ بازار کي غير محفوظ سمجهيو، اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي هدايتون ڪيون ته اتي وڌيڪ پوليس دستا مقرر ڪيا وڃن پر سنڌ جي ڪمشنر بمبئي جي گورنر کي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار وٽ ايترا فنڊ ناهن جو وڌيڪ فورس مقرر ڪري سگهجي. ** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جمشيد مهتا ۽ تولاڻي ڪراچي ميونسپالٽي ايڪٽ ۾ ترميمون تجويز ڪيون، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪراچي ميونسپالٽي ۾ سکن کي به نمائندگي ڏني وڃي، تولاڻي 2 سيٽون ۽ جمشيد مهتا سکن لاءِ هڪ سيٽ رکڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته ميران محمد شاهه، مير محمد بلوچ ۽ غلام حسين هدايت الله انهن ترميمن جي مخالفت ڪري ڇڏي، جنهن ڪري اهي ترميمون رد ٿي ويون. ** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان افغانستان سان ڇڪتاڻ سبب جلال آباد ۽ قنڌار ۾ پنهنجا قونصل خانا بند ڪري ڇڏيا. ** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جا 116 اهلڪار مارجي ويا، جنهن تي ڀارت سخت احتجاج ڪيو، ڀارتي وزيراعظم شاستري اهو الزام پاڪستان تي لڳايو ۽ پاڪستان کي ڌمڪي ڏني ته هو پاڪستان تي حملو ڪري سگهن ٿا، واضح رهي ته انهيءَ واقعي کانپوءِ اڳتي هلي ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ لڳي وئي. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت گلگت ۽ بلتستان ۾ پراڻي دور کان هلندڙ شاهي روايتن کي ختم ڪري ڇڏيو. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾ آمريڪي ميزائل ڪرڻ جو غلط اطلاع ڏيندڙ آءِ بي سربراهه چوڌري منظور کي عهدي تان هٽايو ويو، جڏهن ته سرحد (ڪي پي ڪي) جي چيف سيڪريٽري رستم محمد کي به بدلي ڪيو ويو. ٻنهي عملدارن اطلاع ڏنو هو ته آمريڪا جو ميزائل پاڪستان ۾ ڪريو آهي، جنهن تي پاڪستان آمريڪي عملدار کي طلب ڪري احتجاج ڪيو هو، بعد ۾ جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته آمريڪا جو ڪوبه ميزائل پاڪستان جي علائقي ۾ نه ڪريو آهي.اڄوڪي ڏينهن 22 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 22 آگسٽ 1906ع شاعر غلام قادر شهباز (ڄامشورو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1925ع اردو جي ناليواري ليکڪ، افسانا نگار ۽ اسڪالر اشفاق احمد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1932ع شاعر مولا بخش قاصر (ڳڙهي ياسين) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1943ع ليکڪ امير احمد ڇڄڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1962ع شاعر مختيار ناز (ڪنڌ ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1963ع صحافي خوبچند شاهاڻي (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1966ع صحافي اقبال چنا (شهدادڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1967ع سنڌي ڪمپيوٽنگ لاء ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر انجنيئر اياز شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1969ع شاعر ساگر محمد حسين مهر (چڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1975ع شاعر احمد خان (مسڪين سمون) ٽنڊو الهيار جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 22 آگسٽ 1858ع آزاديءَ جي متوالي روپلو ڪولهي جي شهادت جو ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1937ع سماج سڌارڪ، سياستدان ۽ نور محمد هاء اسڪول جي باني نور محمد لاکير جي وفات ٿي. 22 آگسٽ 1944ع امام انقلا، آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبيد الله سنڌي جو لاڏاڻو ٿيو. 22 آگسٽ 1944ع مذهبي اسڪالر مولانا شفيع محمد مسجدي جي وفات ٿي. 22 آگسٽ 1956ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد هالائي جي وفات ٿي. 22 آگسٽ 2017ع سنڌي ادب ۾ خاص مقام رکندڙ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي وفات ٿي. 22 آگسٽ 2017ع عوامي آواز اخبار جو مينيجنگ ايڊيٽر، صحافي ۽ کاٻي ڌر جو سياستدان ڊاڪٽر خير محمد جوڻو دل جي دوري سبب انتقال ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment