Wednesday, 29 January 2025

Sindh in history today (30th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

سنڌ جي اڄوڪي ”واقاتي تاريخ“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ سندس وڏي پٽ ممتاز علي پٺاڻ ان جو ترجمو ڪيو۔ SINDH in History today [30th January] & My Good Wish. *************** ******* سنڌ جي تاريخ مان توجه طلبيندڙ واقعا *************** 30.1.1839: برنس خط لکي گورنر جنرل کي خوش خبري ٻڌائي ٿو ته خيرپوري ميرن بکر جو قلعو اسان جي حوالي ڪيو آهي ۽ هاڻي حيدرآبادي مير انھئ صورتحال ۾ اسان کي تڪڙو ڳچئ ۾ ڪونه پوندا ۽ هنن کي هاڻي منھن ڏيڻ آسان ٿيندو. ڏکڻ سنڌ ۾ جان ڪين جي موجودگي ۽ اتر سنڌ ۾ شاه شجاع جي اچڻ جي گوگاء اسان کي وڏي اخلاقي مدد ڏني آهي. 30.1.1843: نيپيئر پنهنجي گورنر جنرل ايلنبرو کي خط لکي سنڌ جي صورتحال کان واقف ڪري ٿو ته ڀنگ ڀاڙا ۽ سبزل ڪوٽ بهاولپور جي نواب جي حوالي ڪيو ويو آھي. انھئ پرڳڻي کسجڻ سان مير وائڙا ٿي ويا آھن ۽ الائي ڪيترئ آمدنئ کان محروم ٿي ويا آھن. مان سڀاڻي نوشهرو روانو ٿي رهيو آھيان. 30.12.1919: عبدالعزيز (اليگ) جي صدارت ۾ سکر جي "انجمن احباب وطن" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي ڪمشنر کي گذارش ڪجي ته هو اها ڳالھ قبولي ۽ منظوري ڏئي ته سکر واري ائنگلو-عريبڪ اسڪول تي سندس نالو رکيو وڃي. [اسان جي ڪن وڏڙن بهانا ڳولهي به فرنگي سرڪار ۽ عملدارن جي اجائي چاپلوسي ڪئي] 30.1.1923: ميهڙ وطن-دوست ماڻھن جو شهر آھي. فرنگي دور ۾ خلافت تحريڪ جون ڪيتريون ڪانفرنسون هن شهر ۾ ٿيون. اڄ به هتي اهڙي وڏي ڪانفرنس ٿي.[ميهڙ جي قلم-ڌڻين کي گهرجي ته تحريڪ آزادئ ۾ ميهڙ جي خدمتن تي ڪتاب لکن ۽ ان ۾ ھڪ ھڪ پارٽئ جون سرگرميون لکن] 30.1.1948: انڊيا جي ابي مهاتما گانڌئ کي قتل ڪيو ويو. هن جن لاء جاکوڙيو, تن کيس جان جي پناه نه ڏني. 30.1.1952: پاڪستان روس جي انھن الزامن جي ترديد ڪئي ته پاڪستان ڪشمير ۾ مغربي ملڪن لاء فوجي اڏا ٺاھڻ گهري ٿو, ان ڪري ته ڪشمير جي ڳالھ ڪري ٿو. 30.1.1962: حسين شھيد سهروردئ پاڪستان جي تحريڪ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو ۽ ملڪي سياست ۾ سندس نالو هو. اڄ کيس گرفتار ڪيو ويو.[اڳتي هلي سالن کان پوء بنگالي اڳواڻ جي گرفتاري ۽ بنگالين سان زيادتئ کين آزاد وطن ٺاهڻ جو موقعو ڏنو. سنڌ ۽ سرحد ۾ به اهڙيون ۽ ائين حالتون پيدا ڪيون ويون. پر نتيجا بگلاديش کان ٻيا نڪتا. خاص طور تي سنڌ ۾ جوشيلن جون جهڙوڪ نرسريون قائم ٿي ويون, جن خاص قوتن کي مستقل طور تي روزگار جا ذريعا مهيا ڪيا ۽ کنڀي کڻي وڃڻ جي رسم پئجي وئي] 30.1.1969: ايوب شاهئ خلاف ملڪ گير تحريڪ دوران لاڙڪاڻي, راولپنڊئ ۽ سوات ۾ پوليس جون شاگردن سان چڪريون ٿيون. 30.1.1971: هاشم ۽ الطاف نالي ٻن ڪشميرين انڊيا جو هوائي جهاز هائجيڪ ڪري لاهور ۾ لاٿو. [جهاز جا مسافر آزاد ڪري جهاز کي تباه ڪيو ويو هو. ڀٽو انھن ڪشميرن سان مليو ۽ ٻين سياستدان هن واقعي تي واه واه ڪئي ۽ پوء ھن ڊرامي ٻنھي ملڪن کي جنگ جي منھن ۾ وڌو] 30.1.1972: ورلڊ بئنڪ جو صدر رابرٽ مئڪنمارا پاڪستان آيو ته جيئن ڏسي ته هنن طرفان ڏنل ڏوڪڙن مان ملڪ ترقي پيو ڪري يا ڀينگ پئي ٿئي. 30.1.1979: مارشلا لا سرڪار ڀٽي خلاف "وائيٽ پيپر" شايع ڪرايو ۽ ان ۾ شاهديون ثابتيون ڏنيون ته ڀٽي حڪومت جي ڏڍ تي حريفن ۽ مخالفن کي ماريو يا مڃايو. 30.1.1990: ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ سياسي اختلافن سب رڻ ٻاريو ويو. اڄ حيدرآباد ۾ 11 بيگناه ماريا ويا. شهر ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. *************** ڏينهن 30 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 30 جنوري 1948ع شاعر مرزا فتح علي بيگ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 30 جنوري 1952ع اديب ۽ محقق اشتياق انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 30 جنوري 1985ع شاعر اشرف پلي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 30 جنوري 1907ع شاعر مير حسن علي حسن (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو. 30 جنوري 1948ع تي هندستان جي آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ موهنداس ڪرمچند گانڌي کي قتل ڪيو ويو. 30 جنوري 1990ع شاعر ۽ صحافي بدر قريشي(جيڪب آباد) لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ڪراچي ۾ دفن آهي. 30 جنوري 2019ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج ۽ اڳوڻي سياستدان جسٽس رٽائرڊ ديدار حسين شاهه جو انتقال ٿيو 1. Dr. Pathan wishes you Good Day. TRANSLATION OF MY POETRY: [People, even your dear beloved will never care to what extent you are sincere to them. You have to remain one sided in loving, respecting and serving them. Because, beauty has owned you as you have owned people without discrimination] رکین تان رک رانول سان، تون من یڪ طرفي یاري، خلق جي خواري ۽ دل آزاري، وڌ بار برہ جو باري، اھا حیاتي عظمت واري، جنھن ۾ ادب انسان جو.‏‎ ‎ SINDH IN HISTORY TODAY (30th JANUARY) 30th January BIRTH DATES 1. Mirza Fatih Ali Beg (Hyderabad/Poet/ birth 30 January 1948), 2. Dr.Ashraf Pali (Poet/ birth 30 January 1985). 30th January DEATH DATES 1. Mir Hassan Ali Khan ‘Hassan’ (Hyderabad/poet/ death 30th January 1907), 2. Badar Qureshi (Jacobabad > Karachi/Journalist & Poet/ death 30th January 1990). 30th January EVENT 1919: Anjuman ahbah Watan of Sukkur request the Commissioner of Sindh to all the Anjuma to rename Anglo – Arabic School of Sukkur after his name. The meeting is held with Abdul aziz (Alig) in chair. 1923: Mehar remained active centre of Khilafat Movement during British era. So many conferences were held in this city. Today, a big and crowded Khilafat conference is also held here. 1948: Mahatma Gandhi is assassinated in New Delhi. Pakistan mourns his death. 1952: Pakistan denies Soviet charges that western powers are establishing their bases in Kashmir with the cooperation of Pakistan. 1962: Hussain Shaheed Suharwadi is arrested in Karachi. A Banker, Abdul Qadir is appointed as Finance Minister of Pakistan. 1965: Opposition boycotts the West Pakistan Assembly session to protest against attack on Abdul Baqi Baloch which resulted death of Zamir Qureshi, a Journalist. 1969: Police – student’s clashes take place in Rawalpindi, Larkano and Swat. The National Assembly is told that President Ayub is ready for talks with opposition. 1971: An aeroplane of Indian Airlines corporation is makes un- scheduled landing at Lahore airport. It is hijacked by Hashim and Altaf of occupied Kashmir. Passengers are released, whereas plane is blown up. 1972: World Bank seeks probe into Pakistan’s economy. Its President Robert Mc Namara holds meeting with President Bhutto. 1979: Z.A.Bhutto misused state power to eliminate opponents, says the White Paper issued by the Government of Pakistan. 1990: Eleven people are shot dead in Hyderabad. Curfew is clamped in the city.

No comments:

Post a Comment