Friday, 3 January 2025

Sindh in history today (4th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr. Pathan wishes you a Good Day with love. [Dear! You are beauty and beautiful, not me. I am incomplete without you and you are not only complete, but second to none. However, my love for you is complete in all respects. Come on! See it, witness it and experience it.] مان تان اڻپورو اڌورو پر توسان پيار پورو سمورو, تو بن آب اکين ۾ پر ٻري اندر ۾ جيئن پيو کورو, تن ڪارو پر من اٿم ڀورو, اچي ڏس سلام سان. SINDH IN HISTORY TODAY (4th JANUARY) 4th January BIRTH DATES Haji Mahmood ‘Khadim’ (Buthi/Poet/ birth 4th January 1895), Imam Bux Gaho (Politician/ birth 4th January 1902), Allah Obhayo Memon (Khahi Qasim/Politician/ birth 4th January 1912), Mir Faiz Muhammad Khan Second (Khairpur/ birth 4th January 1913), Syed Hidayatullah Shah (Khai/Poet/ birth 4th January 1914) ,Naraindas Dhanjani (Bhit > Ajmir/Writer & Freedom Fighter/ birth 4th January 1918), Begam Zeenat Channa (Shikarpur/ Founder editor ‘Adyoon’/ birth 4th January 1919), Amir Ali Shah ‘Amir’ (Mirpur Bhutto/Poet/ birth 4th January 1919), Abdul Qadir Sanjrani (Shahpur Chakar/ Ex – Minister, Govt. of West Pakistan/ birth 4th January 1926), Shewak Nankani (Nawabshah > Baroda/Singer/ birth 4th January 1930), Abdul Ghaffar Sabri (Syed Pir Muhammad/Journalist/ birth 4th January 1930), Dr. Abdul Qadir Ansari (Hyderabad/ Scholar/ birth 4th January 1940), Haleemullah Abbasi (Dokri/Folklore Poet/ birth 4th January 1949), Hafiz Khair Muhammad Cholhyani (Gul Buriro/Journalist/ birth 4th January 1953), Sikandar Ali Siddiqui (Shikarpur/Journalist/ birth 4th January 1954), Muhammad Siddique Mangio (Sakrand/Writer/ birth 4th January 1956), Aziz Kingrani (Haji Manik/Writer/ birth 4th January 1958), Qazi Asif (Journalist/ birth 4th January 1965), Muhammad Ramzan Nohrio (Tando Thorho/Journalist & Political Activist/ birth 4th January 1970), Danish Jatoi (Bhit Shah/Journalist/ birth 4th January 1973) , Shokat Nonari (Bhirya Road/Poet/ birth 4th January 1974), Sikayal Malah (Dali Ji Miyani/Poet/ birth 4th January 1975), ‘Piyasi’ Hameed Gabole (Poet/ birth 4th January 1996). DEATH DATES Rasool Bux Akhund (Rohri/Educationist/ death 4th January 1952) Ghulam Rasool Kehar (Kehar/Ex- Speaker Sindh Assembly/ death 4th January 19521986), Dada Sindhi (Dad Laghari/Scholar/ death 4th January 19521989), Moulana Abdul Karim Qureshi (Ber/Religious Scholar – He issued FATWA in Zia Martial law days that Zia is Qadyani/ death 4th January). EVENTS 1910: Newly elected Sindh member attend first session of the Bombay Legislative Council. They are seth Harchandrai Vishndas (elected by Municipalities), Syed Allahando Shah (elected by Local Boards), Rais Ghulam Muhammad Bhurgri (elected by Jageerdars and Landlords). 1920: A big public meeting is held at Hyerabad by the Sindh Khilafat Committee. It is presided over by Moulana Ghulam Ahmad Makani. 1921: The editor of the Al - Waheed is produced before the Court of the City Magistrate, Karachi. He is facing case under Indian Penal Code sections 153 and 124 - A. 1923: It is the first time in recent political history that nearly 200 Muslim ladies attend public meeting. It happens at village Mado of taluka Kakar. The function is arranged by local branch of the Sindh Khilafat . 1950: Pakistan recognizes the People's Repulic of China. 1954: Governor - General, Ghulam Muhammad inaugurates Latifabad Colony to rehabilitate Indian Muslim migrants. 1965: The Victory Prade for Ayub Khan and by Ayub Khan's Muslim League creates violence and brings the death toll to 23 in Karachi. The Army takes control of the city. 1966: Shaikh Mujeeb is arrested for hedging conspiracy; known as 'Agartala Sazish'. 1990: MQM & ANP decide to work together for establishment of peace in Sindh and hold talks with Prime Minister Benazir Bhutto in this regard. 1996: Nawaz Sharif and Altaf Hussain agree on change of Benazir Govt, to get the country out of mess. دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان اوهان اڳيان سنڌ جي تاريخ منجهان 4 جنورئ جو ورق پيش ڪري رهيو آھيان. ان ۾ اوهان کي واقعاتي تاريخ, ولادت نامي ۽ وفات نامي جي مطالعي ڪرڻ ۽ حال کي ماضئ سان ڀيٽن جو موقعو ملندو. *************** ڪي اهم واقعا *************** 4.1.1843: سنڌ کان آزادي کسجڻ ۾ باقي مهينو سوا پيو آھي. نيپيئر سکر ڇڏي خيرپور ڏي منھن ڪيو ته مير علي مراد کان سواء سڀئي خيرپوري مير خيرپور ڇڏي ٿر ڏانھن ڀڄي ويا. اھڙي منحوس ڀاڄ ڪڏهن اڳ تاريخ ۾ نه ٿي. فرنگين پنهنجا جاسوس سندن پوئيان ڀڄايا. اهي جاسوس پاڇي جيان ميرن جو پاڇو ڪندا رهيا. جاسوسن جو تعداد وڏو هو. انھن مان گهڻائي خود ميرن جي ماڻھن جي هئي. اهي پهر پهر جي خبر نيپيئر تائين پهچائيندا هئا. فرنگين جو جاسوسي کاتو ٻڌائي ٿو ته: مير رستم خان, مير محمد علي خان, علي اڪبر, غلام محمد ۽ ولي محمد جي پريشاني ۽ خوف ڏسڻ وٽان آھي. مير محمد علئ وٽ فقط ٻه بندوقون آھن. مير رستم علي وٽ 2000 ماڻھون آھن. مير رستم علي پنهنجي ننڍي ڀاء مير علي مراد جي بي وفائي ۽ اقتدار تي قبضي جا سور سلڻ ۾ پورو آھي. پنهنجي ماڻھن کي چئي ٿو ته مون سالن جا سال اوهان کي ڏنو ۽ اوهان عيش ڪيا. هاڻي وقت اچي ويو آھي ته نمڪ حلالي ڪريو. رپورٽ ۾ وڌيڪ لکيو ويو آھي ته مير صفا مصيبت ۾ آھي. هنن کي هر شئ قلت جي ڪري مهانگي ملي ٿي. اٽو هڪ روپيئي ۾ رڳو ڏه سير ملين ٿو. گيه جي قيمت ٽي پاء هڪ روپيئي آھي. ڳڙ ھڪ روپيئي ۾ ڏيڍ سير ملين ٿو. هو پاڻئ ۽ گاه جي کوٽ کي منھن ڏئي رهيا آھن. 4.1.1910: قانون ساز اسيمبلين کي شروع ۾ ڪائونسلون چيو ويندو هو. هڪ وائسراء جي ڪائونسل هئي, ٻي انڊين ليجسليٽو ڪائونسل هئي ۽ ٽين صوبائي/ بامبي ليجسيٽو ڪائونسل هئي. ٽنھي ۾ سنڌي سياستدان چونڊجي ويندا هئا. 1909 وارن آئيني سڌارن مطابق انھن جي ميمبرن جو تعداد وڌيو. اڄ نئين بامبي ليجسليٽو ڪائونسل جو پهريون اجلاس ٿيو, جنهن ۾ سنڌ مان چونڊي آيل ميمبر شامل ٿيا. اهي هئا: سيٺ ھرچندراء وشنداس (ميونسپالٽين طرفان چونڊيل), سيد الهندو شاه (لوڪلبورڊن طرفان چونڊيل), رئيس غلام محمد ڀرڳڙي (جاگيردارن ۽ زميندارن طرفان چونڊيل) ۽ مانٽيگو ويب (چيمبر آف ڪامرس طرفان چونڊيل). ان وقت چونڊ جا تڪ اهي هئا. 4.1.1920: حيدرآباد ۾ ٻن ڏينھن واري "خلافت ڪانفرنس" جو آغاز ٿيو, جيڪو حيدرآباد جي تاريخ جو وڏو سياسي ميڙاڪو هو. هن ۾ ھندن ۽ مسلمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري انگريز سرڪار جي مٽي پليد ڪئي. هن کان پوء سنڌ جي مختلف شهرن ۾ خلافت ڪانفرنسون شروع ٿيون ۽ عوام انگيرزن خلاف ٿي بيٺو. هن ڪانفرنس جي صدارت مولانا غلام احمد ملڪاڻئ ڪئي. 4.1.1921: "الوحيد" اخبار سرڪار خلاف باه ٻاري ته ان جي ايڊيٽر کي "انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 124 (الف) ۽ قلم 153 هيٺ گرفتار ڪيو ويو. اڄ سٽ ڪورٽ ڪراچئ ۾ مٿس ڪيس ھليو. 4.1.1946: جي.ايم.سيد سنڌ ۾ مسلم ليگ کي مقبول بنائن, مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان "مسجد منزل گاه" جهڙي خطرناڪ تحريڪ هلائڻ ۽ سنڌ اسيمبلئ مان پاڪستان جي حق ۾ ٺھراء پاس ڪرائڻ ۾ بي بدل قائدانه رول ادا ڪيو. مٿس ذات پرستئ ۽ ضد جا الزام هڻي سنڌ مسلم ليگ جي صدارت ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽئ تان اڄ هٽايو ويو. هي اڏول سياستدان 1971 تائين پاڪستاني سياست ڪندو رهيو ۽ ان کان پنهنجو سياسي دڳ بدلايائين. 4.1.1954: پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد حيدرآباد ۾ ”لطيف آباد" ڪالونئ جو افتتاح ڪيو. قومي شعور کان وانجهيل اقتدار ۾ آيل سنڌ جي سياستدان لطيف سرڪار جي نالي سان سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جي سرڪاري طور تي ابتدا ڪئي. 4.1.1965: جنرل ايوب ڌانڌلئ زبردستئ سان فاطمه جناح کي هارائي صدارتي چونڊ کٽي. انھئ خوشئ ۾ سندس پٽ گوهر ايوب ڪراچئ ۾ جلوس ڪڍيو. مخالف ڌر ۽ ماڻھن هنن جي رستا روڪ ڪئي ۽ ان تي خوني جهيڙو ٿي پيو, جنهن ۾ 23 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. حالتن کي هٿ هيٺ رکڻ لاء شھر ۾ فوج لاٿي وئي. 4.1.1966: شيخ مجيب کي اگرتلا سازش ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. 4.1.1990: سانگي ريلوي اسٽيشن تي ريل حادثو ٿيو, جنهن ۾ 300 ماڻھون مري ويا. 4.1.1996: نواز شريف ۽ الطاف حسين جي لنڊن ۾ ملاقات ٿي ۽ ٻنھي پڪو ارادو ڏيکاريو ته بينظير جي حڪومت ڊاهي پٽ ڪنداسين. *************** { 4 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 4 جنوري 1895ع شاعر حاجي محمود خادم جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1902ع سياستدان امام بخش ڳاهو جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1912ع سياستدان الهه اوڀايو ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1913ع خيرپور رياست جي والي مير فيض محمد ثاني جوجنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1914ع شاعر سيد هدايت الله شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1918 شاه جي ڀٽ ۾ جنم وٺندڙ پوء اجمير لڏي ويندڙ سياسي ۽ سماجي ڪارڪن نارائڻداس ڌنجاڻئ جي جنم جي تاريخ آھي. 4 جنوري 1919ع ليکڪا ۽ ايڊيٽر بيگم زينت چنا جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1919ع شاعر امير بخش شاهه امير جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1926ع اڳوڻي وزير عبدالقادر سنجراڻي (شاهپور چاڪر) جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1930ع صحافي عبدالقادر انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1934 جنجهاڻ جي حاجي عبدالخالق سومري سياستدان جي جنم جي تاريخ آھي. 4 جنوري 1940ع سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1947ع صحافي انور سيال جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1949ع سگهڙ حميد الله عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1956ع سڪرنڊ سان تعلق رکندڙ ليکڪ محمد صديق مڱيو جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1958ع ناليواري ليکڪ، شاعر ۽ محقق عزيز ڪنگراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1965ع صحافي قاضي آصف جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1973ع صحافي دانش جتوئي جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1974ع صحافي ۽ ليکڪ شوڪت نوناري جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1976 کاهو راهي جي اديب راهب علي لاڙڪ جي جنم جي تاريخ آھي. 4 جنوري 1996 شاعر پياسي حميد گبول جي جنم جي تاريخ آھي. [وڇوڙو:] 4 جنوري 1931ع آزادي جي لاء پاڻ پتوڙيندڙ مولانا محمد علي جوهرجي وفات ٿي. 4 جنوري 1952ع روهڙي سان تعلق رکندڙ تعليمدان رسول بخش آخوند جي وفات ٿي. 4 جنوري 1986ع سياستدان غلام رسول ڪيهر جي وفات ٿي. 4 جنوري 1994ع برصغير جي ناليواري موسيقار آر ڊي برمنجي وفات ٿي. 4 جنوري 1999ع مولانا عبدالڪريم قريشي آف ٻير شريف جو لاڏاڻو ٿيو. 4 جنوري 2011ع سياستدان ۽ اڳوڻي گورنر پنجاب سلمان تاثير کي سندس ئي گارڊ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment