Saturday, 7 May 2022

Sindh History (May 8, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (8th May)

Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan

BIRTHS: 8thMAY

Hugh Dow (London/Governor Sindh/ birth 8th May 1886),

MianMakhdoomMoheyuddin ‘Miral’ (Hala/Saint & Poet/ birth 8th May 1887),

Makhdoom Muhammad Salih Bhatti (Hala Old/Educationist & Writer/ birth 8th May 1889),

Abdullah ‘Hamdam’ (Mehar/Poet/ birth 8th May 1914),

Muhammad Pinjyal ‘Raz’ (shikarpur/Poet/ birth 8th May 1956),

Suneel Advani (Mombai/Artist/ birth 8th May 1956),

Aneel Advani (Mombai/Artist/ birth 8th May 1958),

Syed Panah Shah (Jhudo/Poet/ birth 8th May 1970),

FayazSamair (Sultankot/Poet/ birth 8th May 1983).

DEATHS: 8thMAY

Makhdoom Abdul Khaliq (Khuhra/Religious Scholar/ death 8th May 1852),

Harikant Jethwani (Jacobabad/Poet/ death 8th May 1994)

EVENTS: 8th May

1843: The Governor –General of India directs Sindh Governor, Chales Napeir to adopt extreme measures of reprisals against hill tribes on the right bank of Indus.
1850 : The Commission is constituted to investigate the matter of certain interpolations made in the treaty of Naunihar by His Highness Mir Ali Murad Khan . His Highness was involved to prove him guilty for the act.
1918: Home Rule League and Congress and Karachi Citizens’ Association jointly protest against the action of Government for cancellation of Passport to the Home Rule League deputation proceeding to England.
1920 The Sindh Khilafat Committee directs its branches to collect donation and membership fee and send its half to the Sindh Khilafat.
1926: Sindh Commissioner directs all Municipalties not to invite political leaders and organize functions on the expenses of municipalties. Who so ever member will insist, will has to pay the expenditure to be occurred on events.
1929: A public meeting is held at Kambar by the local branch of the Khilafat Committee under presidentship of Mian Ghulam Muhammad. Moulana Abdul Karim Chishti and Mian Ali Muhammad in their speeches advises people to take part in politics. The meeting opposed imposition of the Council to carry on the administration of the Khairpur state. It was termed as interference in the affairs of an independent state. The Jacobabad events relating to Hindu- Muslim conflicts were also deplored at large and people of Jacobabad were appealed not go give anti-social forces chance to divide Jacobabad into Hindu Muslim camps.
1933: Mahatma Gandhi announces the suspension of the Civil disobedience movement for a month. The sensational statement is made following consultation with and approval of Acting Congress President.
1939: Subash Bose declares his plan at a meeting held at Howrah. He referres to the formation of a new party within Congress and says that differences between the ‘Forward Blo’ and the ‘Official Blo’ within Congress are two fold. First the Forward Bloc desires to work the existing progress not with reformist or moderat mentality but with a revolutionary mentality’ , secondly , it has an advance program of its own
1948: In a largely attended political convention, held at Karachi, with Khan Abdul Ghafar Khan in chair, Peoples’ Party is formed to provide platform to the common people of the country. More than 62 eminent politician participated. G.M.Syed was the Chairman of the Reception Committee.
1950: Kazi Faulullah is sworen in as the Chief Minister, Sindh. He replaces Yousif Haroon.
1970: Heads of States of Pakistan, Turkey, and Iran, in joint telegram to the Amrecian President Nixon and Soviet Premier Alexi kosygin, urges them to exercise their influence towards towards the settlement of the Middle East question.
1972: 1972: NWFP’s official language will be Urdu, says Moulana Mufti Mahmood. The statements of Mufti and Bizenjo were not outcome of their love for Urdu but reflected their anti-ppp mentality and on the eve of language dispute in Sindh, such type of statements damaged the harmony between Sindhi and Muhajirs.
1973: Sindh United Front Chief G.M.Syed is arrested under DPR.
1977: Z.A.Bhutto promises all efforts for settlement. Announces Chief Election Commissioner Justice Sajjad Ahmad Jan’s departure on leave.

 

[[[ اڻويهين عيسوي صدئ کان موجوده صدئ تائين سنڌ جي تاريخ-فهمئ جي نماڻي ڪوشش.]]]
Research & Video Talk by Dr.Pathan.
پره-ڦٽئ کان اڳ " صبح ڪاذب" ٿيندو آھي. صبح ڪاذب ۾ ائين محسوس ٿيندو آھي ته اجهو ٿو سج اڀري. پر وري هڪدم رات پر پکيڙي اونداهي ڪري ڇڏيندي آھي ۽ چڱئ دير کان پوء ”صبح صادق" ٿيندو آھي.
قومون جڏهن ”صبح ڪاذب" جي حالتن مان گذرنديون آھن ته ان وقت جيڪي "رهبر" چوائيندا آھن,سي در اصل قوم جا "رهزن" هوندا آھن. اهي آدرشن, قدرن ۽ نظرين جي نالي تي پنهنجي مفادن جي دوڪانداري چمڪائيندا آھن ۽ قوم کي متحد ڪري, هڪ واٽ وٺائڻ بدران ان لاء واٽون ئي ويه ڪري ڇڏيندا آھن. هن دور ۾ تاريخ پڙھڻ ۽ ٻئي کي ٻڌڻ اربعا خطا سمجهي ويندي آھي. انھن دوڪاندارن جي ڪوشش ھوندي آھي ته فقط مٿن ڪلمو پڙھجي ۽ سندن ڳالهين تي عمل ڪجي. برو لڳي يا ڀلو, پر اسان "صبح ڪاذب" مان پيا گذرون.
"صبح صادق" ٿيندو, جڏھن فرد بدران تاريخ کي ٻڌنداسين. جڏهن آدرشن جي پوڄا ڪرڻ بدران قدرن ۽ نظرين تي عمل ڪنداسين.
اڄ 8 مئي جي واقعن جي حوالي سان تاريخ ٻڌائي ٿي ته: * ڌاريا سدائين ڌرتئ ۽ ڌن هٿ ڪرڻ جو مقصد رکندا آھن. انھن سان ياري ۽ انھن تي اعتباري ڪرڻ قومي بيماري آهي. (1842 جو واقعو پڙهو), * جن به سنڌ تي قبضو ڪيو, انھن ڪتاب کنيا يا ساڙيا (1843 جو واقعو پڙهو). * ڌاريا ڪم ڪڍڻ کان پوء يارئ بدران دشمني ڪندا آهن.(1850 ۽ 1977 جا واقعا پڙھو). وڊيو ٽاڪ ۾ اڃا گهڻو ڪجھ موجود آهي. ڏسو, ٻڌو, شيئر ڪريو ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪريو.

***************
توجه طلب واقعا
***************
8.5.1843:
جنگي قيدي مير شهداد خان اڄ قيد منجهان ممبئئ جي گورنر کي الڳ الڳ ٽي خط لکي پنهنجئ بيگناهئ ۽ فرنگين جي بي وفائئ تي روشني وڌي. هڪ خط مان اهو پتو پئي ٿو ته حيدرآباد جي قلعي جي ڦر لٽ دوران فرنگي ميرن جا ذاتي لائبرريون به کڻي ويا. مير شھداد خان جي لائبررئ ۾ حضرت امام حسين جي هٿ سان لکيل قلمي قرآن به موجود هو. فرنگي اهو به پاڻ سان کڻي ويا.
8.5.1844:
ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل سنڌ جي قابض ۽ فوجي گورنر نيپيئر کي خاص هدايتون ڏنيون ته جابلو قبيلا ڦر لٽ ڪرڻ لاء سنڌ پيا حملا ڪندا. انھن روڪڻ لاء فوجي قدم کڻڻ سميت سخت اپاء وٺي, سندن خاتمو ڪر.
8.5.1850:
انگريزن طرفان سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ساڻن ساٿ ڏيندڙ دوست مير علي مراد خان خلاف سنڌ ڪمشنر جي صدارت ۾ جيڪا ڪميشن ويهاري وئي هئي, انھئ ڪميشن ڪمپني حڪومت کي اڄ پنهنجي رپورٽ ڏياري موڪلي, جنهن ۾ مير علي مراد کي ڏوهي قرار ڏنو ته هن پنهنجي وڏي ڀاء مير رستم خان سان جيڪو "نونھار وارو معاهدو" ڪيو هو, ان جي متن ۾ پنهنجئ مرضئ سان ڦير گهير ڪئي هئي.
8.5.1918:
فرنگي حڪومت هوم رول ليگ جي اڳواڻن کي لنڊن وڃڻ کان روڪڻ لاء سندن پاسپورٽ رد ڪري ڇڏيا. انھئ ڳالھ تي ڪاوڙجي ڪراچئ ۾ سنڌ هوم رول ليگ وارن احتجاج ڪيو ۽ جلوس ڪڍيو.
8.5.1920:
سنڌ خلافت ڪميٽئ پنهنجي شاخن کي هدايتون جاري ڪيون ته “ميمبرشپ في" وٺي برانچون انھئ آمدنئ مان پنهنجو خرچ هلائن. باقي چندو ۽ عطيو گڏ ڪري اها رقم سيٺ حاجي عبدالله هارون کي ڏياري موڪلن. [ياد رهي ته اڳتي هلي وڏو اسڪينڊل ٺھيو ۽ اخبارن ۾ آيو ته گڏ ڪيل هڪ لک روپيا ڪاڏي ويا]
8.5.1926:
سنڌ جي ڪمشنر سرڪيولر ڪڍي ميونسپالٽين کي منع ڪئي ته اهي پنهنجي خرچ تي سياسي اڳواڻن کي دعوتون نه ڏين. ٻئ حالت ۾ سارو خرچ اهي ميمبر ڀريندا, جيڪي سياسي اڳواڻن کي دعوت ڏئي گهرائيندا.
8.5.1948:
ڪراچئ ۾ خان عبدالغفار جي صدارت ۾ ملڪ جي 62 سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي. جي.ايم.سيد آجياڻو ڏنو. هن موقعي تي "پاڪستان پيپلز پارٽي" نالي هڪ سياسي جماعت جوڙي وئي. [ياد رهي ته انگريزن جي دور ۾ به "سنڌ پيپلز پارٽي" ٺاهي وئي هئي. ان جي قائم ڪرڻ وارن ۾ جي.ايم.سيد به هڪ هو. خان عبدالغفار ۽ جي.سيد جي هن اڄ ٺاهيل پارٽئ جو نالو به "پيپلز پارٽي" رکيو ويو. ان کان پوء قومي اسيمبلئ ۾ مخالف ڌر وارن جيڪو پنهنجو گروپ ٺاهيو, ان جو نالو به "پيپلز پارٽي" رکيائون. ان کان پوء ”پاڪستان پيپلز پارٽئ" جي نالي سان ذوالفقار علي ڀٽي سياسي پارٽي ٺاهي]
8.5.2009:
شڪارپور جي سنڌي ادبي شاخ پاران جڳنناٿ لائبري ۾ لعل محمد لعل جي ٻارهين ورسي ملهائي وئي.
8.5.1950:
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوء سنڌ ۾ حڪومتون جلد جلد بدليون/بدلايون ويون, جيترو وس وارا پنهنجا ڪپڙا به نه بدلائيندا هئا. انھئ سلسلي ۾ اڄ سنڌ ۾ يوسف هارون جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ قاضي فضل الله هن جي جاء تي وڏو وزير ٿيو.
8.5.1973:
سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جي اڳواڻ جي.ايم.سيد کي "ڊفينس آف پاڪستان رولس" هيٺ گرفتار ڪيو ويو.
8.5.1977:
ڀٽي اڄ پنهنجي مخالف ڌر جي ڪيترين ڳالهين کي تسليم ڪرڻ ء انهن تي عمل ڪرڻ بابت وعدو ڪيو. هن چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس سجاد جان کي کي به زورئ موڪل تي موڪليو.
***************
{8 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
8 مئي 1886ع سنڌ جي انگريز گورنر هگ ڊو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. هن جي ڏينھن ۾ حرن تي ظلم ڪيا ويا.
8 مئي 1887ع شاعر ميان غلام محي الدين ميرل (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
8 مئي 1889ع اديب، شاعر ۽ تعليمدان مخدوم محمد صالح ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
8 مئي 1913ع شاعر عبدالله همدم جو جنم ڏينهن آهي.
8 مئي 1956ع اسٽيج اداڪار ۽ هدايتڪار سنيل آڏواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
8 مئي 1956ع شاعر محمد پڃيل راز سنڌي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
8 مئي 1970ع شاعر سيد پناه شاهه (جهڏو) جو جنم ڏينهن آهي.
8 مئي 1979ع صحافت سان واسطو رکندڙ ماهانه سنڌ رويو جي ايڊيٽر عرفان عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
8 مئي 1852ع کهڙا سان تعلق رکندڙ ديني عالم مخدوم عبدالخالق جو لاڏاڻو ٿيو.
8 مئي 1998ع مشهور سنڌي راڳي عبدالله ڪڇئ جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment