Monday, 3 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (3rd October) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل
 ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي آگاهه ڪيو ته
 مير نور محمد خان ٽالپر راجا مان سنگهه کي دعوت ڏئي گهرايو
 آهي ته جيئن انگريز حڪومت خلاف رياستن جي اتحاد ۾ شامل ٿي سگهي، 
ڪرنل پوٽينجر اهو به ٻڌايو ته شاهه آف پرشيا سان پڻ خط و 
ڪتابت ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان پرنس آف پرشيا حيدرآباد به 
پهتو آهي. ان حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي کي ڏسي رهيا آهيون.
** 1856ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر بمبئي حڪومت 
کي درخواست ڪئي ته ڪراچي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڌرم
 شالا تعمير ڪرائڻا آهن، ان لاءِ اجازت ڏني وڃي ۽ ان سان گڏو گڏ 
ڪجهه فنڊ به منظور ڪيا وڃن ته جيئن اهي ڌرم شالا ٺهرائي سگهجن.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شهدادڪوٽ ۾ خلافت ڪاميٽي 
جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مقررن انگريز سرڪار جي اسلام مخالف 
۽ ترڪي مخالف پاليسي جي سخت مخالفت ڪئي.
** 1941ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊس ڪميشن جي شملا ۾ گڏجاڻي ٿي، 
ڪميشن جي چيئرمين سر بي اين رائو تجويز ڏني ته ڀاڪرا ڊيم 
تي سنڌ جي اعتراضن کي ختم ڪيو وڃي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خاڪسار تحريڪ جي
 باني علامه مشرقي کي لاهور ۾ گرفتار ڪيو ويو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گورنر جنرل اسڪندر مرزا
 ون يونٽ لاڳو ڪرڻ واري بل ”اسٽيبلشمينٽ آف ويسٽ 
پاڪستان ون يونٽ بل 1955ع“ جي منظوري ڏني، اهو بل
 دستور ساز اسيمبلي ۾ 30 سيپٽمبر تي منظور ڪيو ويو هو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روسي صدر نڪولائي پوڊ گورني
 پاڪستان ۽ ڀارت کي چتاءُ ڏنو ته اهي ايسٽ پاڪستان جي معاملي
 تي هلندڙ تڪرار نبيرين ۽ جنگ کان پاسو ڪن.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آفريڪا جي نيشنل ڪانگريس جو
 صدر ۽ ناليوارو آفريڪي اڳواڻ نيلسن منڊيلا ڪراچي پهتو،
 ان موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي 
هن چيو ته نئون ورلڊ آرڊر ڪم نٿو ڪري سگهي.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو گڏيل 
قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي ايشيا جي 
سيڪيورٽي معاملن تي ڌرين کي ڳالهين جي دعوت ڏني 
۽ ڏکڻ ايشيا ۾ شامل ملڪن جي تڪرارن جي حل لاءِ عالمي
 ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن ڪشمير مسئلي
 تي تفصيل سان ڳالهايو ۽ ڀارت کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

No comments:

Post a Comment