Sunday, 2 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (2nd October) By: Dr. Pathan



** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار پوٽينجر پنهنجي سرڪار
 کي معلومات فراهم ڪئي ته کيس سنڌ جي حڪمرانن کان ڪجهه
 ڳجها پيغام موصول ٿيا آهن ۽ ان حوالي سان مون ٽالپر حڪمرانن
 جي پيغامن تي ليفٽيننٽ برنس کي حيدرآباد موڪليو آهي.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خلافت ڪاميٽي لاڙڪاڻي جي اڳواڻن
 سيٺ خداداد سرهيو ۽ سيد محمد شاهه حاجي امير علي
 لاهوري سان ملاقات ڪئي، جيڪو لاڙڪاڻي ميونسپالٽي جو صدر هو، 
امير علي لاهوري کان خلافت ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ 19 آڪٽوبر 
تي ميونسپل جي ايراضي ۾ فنڪشن ڪرڻ جي اجازت گهري وئي، 
امير علي لاهوري انجمن اسلام جو صدر پڻ هو، جنهن ڪري هن
 اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته حڪومت خلاف
 ڪنهن به گڏجاڻي کان پاسو ڪيو وڃي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪانگريس لاڙڪاڻي جي اڳواڻ
 ڀڳوانداس کي سي پي سي قانون جي قلم 108تحت 12 مهينا قيد 
جي سزا ٻڌائي وئي، مٿس اهو الزام هو ته هو خلافت ڪاميٽي
 سان سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ انگريزن خلاف هلندڙ
 عدم تعاون تحريڪ ۾ حصو وٺي رهيو آهي.
** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ڪانگريس پارٽي طرفان 
گانڌي جي سالگرهه ملهائي وئي، ان موقعي تي 
مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا ڪوٺايا ويا.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي پارليامينٽ جي پارلياماني
 ڪاميٽي سفارش ڪئي ته سنڌ کي بمبئي
پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ گهرجي.
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ سڄي
 سنڌ مان اٽڪل 300 مسلمان اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس
 ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ سان مقابلي لاءِ نئين پارٽي ٺاهي وڃي.

No comments:

Post a Comment