Saturday, 1 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (1st October) By: Dr. Pathan



** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز سرڪار چارلس نيپيئر کي
 سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو، جڏهن ته آر ڪي پرنگل کي سنڌ جو 
ڪمشنر بڻايو ويو، جنهن آفيسر ڪمانڊنگ دي فورسز کي سنڌ ۾
 پنهنجي مقرري بابت آگاهه ڪيو، واضح رهي ته سنڌ 1843ع ۾
 انگريزن جي قبضي کانپوءِ پنهنجي آزاد حيثيت وڃائي ڇڏي، 
ان کان اڳ سنڌ هڪ آزاد ملڪ هو، گورنر ۽ ڪمشنر جي مقرري 
سان گڏ سنڌ کي بمبئي پريزيڊينسي سان ڳنڍيو ويو.
** 1878ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ايڪٽ 6 آف 1873ع تحت
سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ضلعن کي ميونسپل ڪميشن ۾ تبديل ڪيو ويو،
 لاڙڪاڻي ۾ قمبر، رتوديرو، سيوهڻ ۽ بوبڪ جا علائقا شامل هئا، 
جڏهن ته حيدرآباد ميونسپل ڪميشن ۾ ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار،
 هالا، مٽياري ۽ نصرپور جا علائقا شامل هئا.
** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هوم رول ليگ ڊاڪٽر 
ايني بسنت جي سالگرهه ملهائي، ان موقعي تي ٿيل تقريب ۾ جئرام داس
 دولترام، شري ڪرشنداس، آر ڪي سڌوا،
 چينراءِ ورڀنداس ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت ڪاميٽي طرفان
”اليڪشن بائيڪاٽ ويڪ“ ملهايو ويو، پهرين ڏينهن تي نڪتل 
جلوسن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ
 ماڻهن جون سرڪار وفاداريون خريد ڪرڻ چاهي ٿي،
 ان ڪري چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.
** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سردار واحد بخش ڀٽو شاهنواز
 خان ڀٽو کي ڪراچي ۾ گانڌي گارڊن وٽ گهر فراهم ڪيو، 
ان موقعي تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي شاهنواز ڀٽو چيو
 ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ جو ڪيس گول ميز ڪانفرنس 
۾ رکيو ويندو، ان لاءِ هو جلد لنڊن روانو ٿي رهيو آهي.
** 2005ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊونيشيا جو شهر بالي بم ڌماڪن
 سان گونجي اٿيو، جنهن ۾ پرڏيهين سميت 26 کان وڌيڪ
ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا، اهي ڌماڪا ريسٽورنٽس
 ۾ ڪيا ويا، جتي ڪيترائي پرڏيهي آيل هئا.

No comments:

Post a Comment