** 1838ع ۾ اڄوڪي
تاريخ تي سنڌ ۾ ترسيل انگريز
عملدار ڪرنل پوٽينجر مير نور محمد خان کي خط لکي
چيو ته پنجاب مان اسان جي ايندڙ ٻيڙين کي مير
صوبدار خان جي پٽ مير علي مراد خان جي سپاهين
روڪي ڦرلٽ ڪئي آهي، مير علي مراد خان جي
سپاهين پاران ڪيل ڪارروائي سنڌ ۽ اسان جي
وچ
۾ ٿيل ٺاهه جي
ڀڃڪڙي آهي، تنهن ڪري سنڌ جون
اختياريون ٻيڙين کي روڪي ڦرلٽ ڪندڙ
جوابدارن
کي گرفتار ڪن ۽ کين فوري طور تي سزا ڏين.
اسان کي اميد آهي ته شڪايت جو ازالو ڪيو
ويندو.
** 1904ع ۾ اڄوڪي
تاريخ تي حيدرآباد جي مشهور
فلاسافر ۽ سماج سڌارڪ ديوان ديارام گدومل دي
انڊسٽريل ايسوسيئيشن قائم ڪئي، جنهن جو مقصد
سنڌ جي هٿ جي هنرن کي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ
هو.
** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد
سٽيزن
ايسوسيئيشن پاران تنظيم جي ٻي سالگرهه ملهائي
وئي، جنهن جي صدارت سيٺ هرچندراءِ وشنداس
ڪئي، تقريب کي ڪرمچند گرمکداس، گوپالداس،
جهمٽ مل، ڄيٺمل پرسرام ۽ سنتداس منگهارام پڻ
خطاب ڪيو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان نيوز
پيپرس ايڊيٽرز ڪائونسل (پي اين اي سي) سنڌ
مان شايع ٿيندڙ روزاني اخبار ”الوحيد“ ۽
”سنڌ
آبزرور“ تي پابنديون لڳائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت
ڪئي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت مان
20 لک 31 هزار کان
وڌيڪ مهاجرن جو وڏو
قافلو سنڌ پهتو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ وفاقي
حڪومت وچ ۾ تمام گهڻو تڪرار پيدا ٿيو، ان
واقعي کانپوءِ سنڌ ۾ اهو تاثر پيدا ٿيڻ شروع ٿيو
ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي،
جڏهن ته ٻاهران ايندڙ ماڻهن جي ايڏي وڏي لوڌ
سبب سنڌ جا سياسي، ثقافتي قدر پڻ تباهه ٿيڻ
جو احساس شدت سان اڀرڻ لڳو، سنڌ جي ڪجهه
اڳواڻن جو خيال هو ته اهي مهاجرن جي ڀارت
مان لڏپلاڻ جا مخالف نه آهن پر چاهين ٿا ته
هندستان مان ايندڙ مهاجرن کي چئني صوبن
۾ برابر تعداد ۾ آباد ڪيو وڃي. رڳو سنڌ تي بار
نه وڌو وڃي. واضح رهي ته ور
هاڱي کان پوءِ وڌ ۾ وڌ مهاجر سنڌ ۾ اچي
آباد ٿيا.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاق پاران
جوڙيل سڌارا ڪاميٽي بلوچستان کي صوبي
جو درجو ڏيڻ لاءِ سفارشن جي منظوري ڏني.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان
جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گجرات جيل ۾
قتل ڪيس جي الزام هيٺ هڪ عورت کي ڦاهي
ڏني وئي.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي
وزيراعظم فيروز خان نون الزام هنيو ته خان
غفار خان ون يونٽ جي ان ڪري مخالفت ڪري
رهيو آهي ته جيئن هو پختونستان جو قيام عمل ۾
آڻي سگهي.
No comments:
Post a Comment