سان اڌ ڪاٺ جا ته اڌ لوهه جا
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ماڻهو اڌ انسان ۽ اڌ حيوان ٿي نه ٿو سگهي، پر اسان ۾ اهڙو جادو آهي جو ائين ڪري سگهون ٿا ۽ اسان ائين صدين کان ڪندا اچون ٿا. ان ڪري اسان جي ادب ۾ اهڙي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ”ڪي ماڻهو منهن ۾ مسلمان آهن پر اندر ۾ ابليس آهن.“ اسان اندر ٻاهر ان ڪري هڪ جهڙا نه آهيون، جو ڏاڍا سياڻا ٿي ويا آهيون ۽ پاڻ کي عقل جو اڪابر ڄاڻون ٿا ۽ علم جي انهيءَ منزل تي وڃي رسيا آهيون، جو سمجهون ٿا ته باقي ماڻهو اسان جي ڀيٽ ۾ جاهل ۽ اڻ پڙهيل آهن. اسان انهيءَ ريت ۽ اهڙي طرح پنهنجي نيتن ۽ مطلبن جو هاٿي ڇٻر ۾ لڪائي وڃون ٿا. اسان جي انت بحر جي ڪنهن کي خبر نه ٿي پئي. اصل ۾ اسان اڌ ڪاٺ جا آهيون پر ٻاهر ۾ ٻيا آهيون. ڪيترين ڳالهين ۾ اسان جو موقف منٽ منٽ ۾ مٽجي وڃي ٿو. اسان پاڻ لاءِ هڪڙي طريقي سان سوچيون ٿا ۽ ٻين لاءِ ٻئي طريقي سان سوچيون ٿا. اسان پنهنجي لاءِ هڪڙا آهيون ۽ ٻين لاءِ ٻيا آهيون.

اسان هڪ ئي وقت ۾ ٻه روپ ۽ رويا رکون ٿا. اسان جو اهو دين ايمان بڻجي ويندو آهي ته جيئن اسان سوچيون ٿا، تيئن دنيا به سوچي. اسان جنهن نظريئي کي مڃيون ٿا، اهو نظريو جيڪڏهن ڪنهن رضا خوشيءَ سان نه قبوليو ته پوءِ ان کي ڏاڍ ڏمر سان به مڃرائبو. ڀلي اسان جي دين ڌرم ۾ ڏاڍائيءَ سان مڃرائڻ واري گنجائش نه هجي، پر اسان وٽ ڏاڍ ڏمر کانسواءِ ڪا گنجائش هوندي ئي ڪا نه. اسان جهڙوڪ حاتم طائي بلڪه عجيب قسم جا سوشلسٽ بڻجي پئون ٿا. جيئن سوشلسٽ چاهيندو آهي ته ونڊي کائجي ۽ ايمان پائجي، تيئن اسان چاهيندا آهيون ته اسان جو نظريو، دين ۽ ڌرم به ائين ئي اسان ورهائيندا رهون ۽ ٻيا ان کي اکيون ٻوٽي رضا خوشيءَ سان قبول ڪندا وڃن ۽ ان تي عمل ڪندا رهن.
اسان نظرين ۽ قدرن ۾ سخي، حاتم طائي ۽ مثالي سوشلسٽ آهيون، پر ٻين ڪيترين ڳالهين ۾ ورهائڻ وارا به پاڻ ته کائڻ وارا به پاڻ. جيئن اسان پنهنجا نظريا، قدر ۽ اصول ٻين کي ڏيڻ چاهيون ٿا ۽ ٻين ۾ دل کولي ورهائڻ چاهيون ٿا، تيئن ڌن دولت، ذريعا ۽ وسيلا ڪو نه ورهائينداسين. خوشيون ڪو نه ورهائينداسين، سک ۽ سلامتي ڪو نه تقسيم ڪنداسين. انهيءَ حوالي سان اسان بنهه بلڪ ٺپ ڪپيٽلسٽ آهيون. اهڙي قسم جي هر ڳالهه ۽ هر موقعي تي اسان هڪ هٽي قائم ڪري ويهنداسين. مجال ڪنهن جي جو اسان جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڪوشس ڪري. ڪو سوچي به نه ٿو سگهي ته اها سهوليت ماڻي، جيڪا اسان کي جائز يا ناجائز طريقي سان ملي آهي. انهيءَ حوالي سان نه ته اسان مرنداسين ۽ نه وري منجو ڏينداسين. ادارا ڀلي الله کي پيارا ٿي وڃن، پر انهن ۾ ٻين کي پير پائڻ نه ڏينداسين. تنظيمون ڀلي ڀنگ ٿي وڃن، پر انهن ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ ٿيڻ نه ڏينداسين. ائين ئي اسان اجتماعي ڪمن کي انفرادي يا گروهي قبضن ۾ رکي روشن ۽ گڏيل مستقبل جي راهه وڃائي ويٺا آهيون. پر پوءِ به زبان تي قومي درد ۽ قومي مفاد جون ئي ڳالهيون هونديون. جهڙوڪ اسان کان وڌيڪ ڪو قوم جو هڏ-ڏوکي آهي ئي ڪو نه. جهڙوڪ قومي درد ۾ اسان کي ماني به ڪا نه ٿي وڻي.
اسان جي قومي ۽ سماجي مفڪرن کي سنڌ واسين جي اهڙي نفسيات جو سنجيدگيءَ سان مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙا دڳ، طريقا تجويز ڪرڻ گهرجن ته جيئن اسان پاڻ وساري قوم کي ياد ڪيون، پنهنجي ڀلي کان اڳ ٻين جو ڀلو به چاهيون. اها اسان جي وڏ آهي ته فقط ۽ فقط پنهنجي لاءِ سوچيون ۽ لوچيون ٿا پر ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن کي صفا وساري ويهون ٿا. اسان ناني ويڙهن ٺاهڻ ۽ هڪ هٽيون قائم ڪرڻ بدران جيڪڏهن اڪيلا هوندي به ۽ انفرادي طور تي به ڪي اجتماعي ۽ قومي مفاد وارا ڪم ڪيون ته هوند مثبت تبديلي آڻي سگهون ٿا. هن وقت اسان نظرين ۽ قدرن کي پوئتي رکي بت سازيءَ ۾ اهڙو ته ماهر ٿي ويا آهيون جو ڪا نه ڪا شخصيت پوءِ ڀلي ان جا هڏا به ڳري ويا هجن، پر ان کي آدرش بڻائي هادي ۽ رهبر بڻائي سندس نالي ۾ پنهنجي من پسند نظرين ۽ قدرن جي تبليغ ڪيون ٿا ۽ ماڻهن کي زوريءَ مڙهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ۽ اهو سمجهون ٿا ته اسان سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ ڪو انقلاب آڻي رهيا آهيون.
ڀلي ڪو انقلاب نه اچي، ڀلي ڪا ڌرتي ڦاٽي نه پئي يا آسماني نه ڪري. فقط ائين ۽ اهو ٿي پئي ته اسان اڌ ڪاٺ جا ۽ اڌ لوهه جا نه ٿيون. جهڙا اندر هجون، اهڙا ٻاهر هجون، جهڙا پنهنجي لاءِ هجون، اهڙا ٻين لاءِ هجون. ائين جيڪڏهن اسان سڀني جا ٿي پئون ته سڀ اسان لاءِ ٿي پون. دليون ۽ دماغ ئي بدلجي وڃن ۽ حالتون ئي بدلجي وڃن. ڪنهن انقلاب آڻڻ جي لاءِ ڪا رت- ڇاڻ ڪرڻي نه پئي پر ائين انقلاب اچي وڃن جو اسان جي دنيا ئي بدلجي وڃن.
No comments:
Post a Comment