Wednesday, 24 December 2025
SINDH in history today (25th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Ali.
SINDH IN HISTORY TODAY (25th DECEMBER)
25th December
BIRTH DATES
1. Qauid -i- Azam (Jhirk/Founder of Pakistan/ birth 25nd December 1876),
2. Dr.Choitram Gidwani (Hyerabad/Freedom Fighter/ birth 25nd December 1889),
3. Maniram Sainani (Sukkur - Gandhidham/Writer/ birth 25nd December 1911),
4. Moulvi Mian Ahmad Pirzado (Maad Pirzada/ birth 25nd December 1920),
5. Jhamatmal Talwani (Hyderabad - Ajmir/Writer/ birth 25nd December 1922),
6. M.H.Panhwar (Ibrahim Panhwar/Scholar/ birth 25nd December 1925),
7. Ghulam Murtaza Bhatti (Hyderabad/Writer/ birth 25nd December 1930),
8. Qambar Karimi (Writer/ birth 25nd December 19251931),
9. Syed Ghulam Murtaza Rashdi (Pir Goth/Journalist/ birth 25nd December 1936),
10. A.Aziz 'Shahzad' Mangi (Writer/ birth 25nd December 1950),
11. Anwar Dingrai (Poet/ birth 25nd December 19251964),
12. Habib Sajjid (Writer/ birth 25nd December 19251968),
13. Hafiz Badaruddin Agro (Qaim Shah/JUP Activist/ birth 25nd December 1976),
14. Jim Ain Manghani (Karachi/Poetess)
DEATH DATES
DEARTS: Shaikh Rahmatullah Sindhi (Religious Scholar/1585).
EVENTS
1835: Colonel Pottenger forwards to the Govt. of India copy of Lieutenant Burn's dispatch containing overtures from Sindh rulers for establishing intimate connection with the British Govt. including the residence of British Agent in Sindh.
1838: Mirza Agha is appointed by the British Govt. as first Persian Secretary at Persia.
1895: Dayram Gidumal Shahani delivers lecture at Sukkur on the topic of 'Seven sins against women'. It is arranged by the Sukkur Sudhar Sabha and was later on it was published by Tikamdas Ashram of Rohri.
1913: The All - India Theistic Conference starts at Karachi, Dr. j.T.Sunderland presides. Dewan Tarachand welcomes and Prof.T.L.Vaswani inaugurates. V.R.Shinde, Lalit Mohandas, Dr.B.S.Ghosh, Sir Narayan Chandavarkar, Rambhai Manipatram and Lala Kirshanram attend. The conference to continue for more three days.
1920: The meeting of the Central Khilafat Committee is held at Nagpur and Rules & Regulations of the party are discussed. Eminent Sindh Khilafat leaders attend.
1956: Real and peoples' democracy is at longest distance yet and we have to work for that, says Fatima Jinnah on the eve of her brother's Birthday celebrations.1963: It is begining of amendments in constitution. First ever amendment is made and the country should be known as 'Islamic Republic of Pakistan' and existing and future laws should be brought within purview of the principle which bars all legislation repugnant to the Holy Quran and Sunnah.
1973: Rais Ghulam Mustafa Khan Jatoi is sworn in as the Sindh Chief Minister.
(25 ڊسمبر جي ”واقعاتي تاريخ“, جيڪا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ ممتاز علي پٺاڻ ان جو انگريزئ ۾ ترجمو ڪيو)
*********
Good wish & Sindh history [ 25th December]
*************
Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society.
*************
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
25 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ.
***************
ڪجھ واقعا
***************
25.12.1842:
انڊيا جي گورنر جنرل فيروزپور مان نيپيئر کي خط لکيو ته سنڌ ۾ جيڪو قدم کڻي رهيو آھين, مان ان جي منظوري ڏيان ٿو ۽ خوشي محسوس ٿو ڪريان ته ڏکڻ سنڌ جي ابتر حالتن ۾ ڦيرو ايندو. خيرپور ۾ اقتدار جي ويڙھ مايوس ڪن آھي. مير علي مراد ئي مسندنشين ٿئي ته بهتر. پر اتي ڏسجي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي
25.12.1895:
سکر جي "سکر سڌار سڀا" طرفان نامور فيلسوف ڏيارام گدومل شھاڻئ کان ليڪچر ڪرايو ويو. هن "اسان جا عورت-ذات خلاف ست گناه" جي موضوع تي ليڪچر ڏنو. اهو ليڪچر پوء "ٽيڪم داس آشرم روهڙئ" طرفان ڇپرائيو ويو هو. هن ڏاهي انسان جو اهو ليڪچر ڪجھ وقت اڳ انڊيا ۾ ڇپيو آھي.
25.12.1913:
ڪراچئ ۾ برهمو سماج طرفان آل انڊيا ڪانفرنس
All-India Theistic Confrence
ٿي, ان جي صدارت ڊاڪٽر جي.ٽي.سندرلينڊ ڪئي. ڪانفرنس جي افتتاحي تقرير پروفيسر ٽي.ايل. واسواڻئ ڪئي, جڏهن ته آڌرڀائي تقرير وري ديوان تاراچند ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ ھند سنڌ جي نامور ودوانن ۽ برهمو سماج جي مت جي ڄاڻن شرڪت ڪئي.
25.12.1920:
ناگپور ۾ مرڪزي خلافت ڪميٽئ جو اجلاس ٿيو, جنهن ۾ سنڌ جي ڪيترن خلافتي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
25.12.1921:
لاڙڪاڻي ۾ ”پهرين سنڌ ادبي ڪانفرنس" ٿي, جنھن جي صدارت مرزا قيچ بيگ ڪئي. جڏهن ته استقباليه ڪميٽئ جو چيئرمن ميان علي محمد قادري, سيڪريٽري جنرل احمد علي "ڪامران" ۽ جوائنٽ سيڪريٽري حاجي محمود "خادم" هئا. هن ڪانفرنس ۾ مشاعرو به ٿيو, جنھن جي مصرع طرح ھئي:
"ستارو منھنجي قسمت جو اوهان جي مهرباني آ“ ھئي.
25.12.1943:
ڪراچئ ۾ سڏايل
آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جو اڄ ٻيو ڏينھن هو.
25.12.1954:
انڊيا ۾ آگري شھر مان اتان جي سنڌين جي "نواب شاه ايڊيوڪيشنل سوسائٽئ" طرفان "سرسوتي" نالي سالياني مخزن جاري ٿي. مخزن جو ايڊيٽوريل بورڊ موهن لعل ناگديو ۽ نرسنگ لعل منگهواڻئ تي ٻڌل هو.
25.12.1956:
فاطمه جناح پنهنجي ڀاء, هن ملڪ جي بانئ جي سالگره واري فنڪشن کي خطاب ڪندي چيو ته جهموريت اڃا اسان کان ڪيترو پري آھي ۽ ملڪ ۾ في الحال ان جو ڪو نالو نشان ڪونهي. انھئ منزل ماڻڻ لاء وڏئ جدوجهد جي ضرورت آھي.
25.12.1963:
آئين ۾ تبديلي آڻي ملڪ جو نئون نالو " اسلامڪ ريپلڪ آف پاڪستان" رکيو ويو.
25.12.1973:
غلام مصطفا جتوئي سنڌ جو وڏو وزير ٿيو. [سنڌي ٻولئ جي بل کي برداشت نه ڪندي لساني وڳوڙ ڪيا ويا. اسيمبلئ ۾ پاس ٿيل بل کي گهٽين ۾ گوڙ فساد سان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو بل تڏهن پاس ٿيو هو, جڏهن ممتاز علي ڀٽو سنڌ جو وڏو وزير هو. لساني هنگامن واري سياسي سمجهوتي موجب وڏو وزير تبديل ٿيو ۽ گورنري پناهگيرن کي ملي]
***************
جنم ڏينهن:
***************
25 ڊسمبر 1876ع قائد اعظم محمد علي جناح جي جهرڪن ۾ پيدائش ٿي.
25 ڊسمبر 1889ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻئ جو جنم ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1911ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مانيرام سيتاڻي جي سکر ۾ پيدائش ٿي.
25 ڊسمبر 1922ع ليکڪ جهمت مل تلواڻي (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن.
25 ڊسمبر 1920ع مولوي ميان منظور احمد پيرزادي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1922ع اردو ۽ سنڌي ٻوليء جي نامياري شاعر الياس عاشقئ جو جنم ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1924ع ڀارت جي اڳوڻي وزير اعظم اٽل بهاري واجپائئ جو جنم ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1925ع ريسرچ اسڪالر ڊاڪٽر ايم ايڇ پهنورجو جنم ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1930ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪ غلام مرتضى ڀٽي جو جنم ٿيو.
25 ڊسمبر 1931ع ليکڪ قنمبر ڪريمي جو جنم ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1936ع صحافت سان تعلق رکندڙ سيد غلام مرتضى راشدي جو جنم ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1949ع اڳوڻي وزيراعظم ۽ سياستدان نواز شريف جو جنم ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1950ع ليکڪ عزيز شهزاد منگي جو جنم ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1956ع شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصارئ جو جنم ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1962ع قومپرست سياستدان ڊاڪٽر قادر مگسي جو جنم ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1964ع شاعر انور ڏنگڙائي جو جنم ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1968ع ليکڪ حبيب ساجد جو جنم ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1976ع جي يو پي اڳواڻ حافظ بدرالدين آگرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 ڊسمبر 1982ع ليکڪ ڪاشف سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
***************
وڇوڙو:
***************
25 ڊسمبر 1977ع عظيم مزاحيه اداڪار چارلي چپلن جو انتقال ٿيو.
25 ڊسمبر 1979ع عالم، مفسر ۽ جماعت اسلامي جي باني مولانا ابوالاعلى مودودئ جو انتقال ٿيو
1. Good Wish:
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ The greatest contribution of Human-being is to love and respect human-being, who is equal and at par with him/her in all respects. He/She ignores his/her all limitations, mistakes and faults deliberately. He/She accepts him/her more pure and pious than Angels and more beautiful than Moon and Stars. The Human -Being is really Great. Salute to his/her greatness. It is bad luck to avoid responding and reciprocating his/her such a Unique and Wonderful action, and behavior.]
انسان جون عظمتون تہ هزارين پر محبت جو قصو امر آھي,
ڪمال کان بہ وڏو ڪمال آھي جو هو پاڻ جهڙي انسان کي چاهي,
ڪمين خامين خطائن عيبن پرين جي تان ڏسي وائسي ڌيان لاهي,
حورن فرشتن چنڊ ستارن کان پرين کي مٿي ڀائين بهاري ٺاهي,
يارو هلو تہ هلون ڪاهي, انسان جي در سرخ سائي سلام تي.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)

No comments:
Post a Comment