Tuesday, 23 December 2025
SINDH in history today (24th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr. Pathan & translator his son Mumtaz Ali.
SINDH IN HISTORY TODAY (24th DECEMBER)
24th December
BIRTH DATES
Mangharam Malkani (Hyderabad > Calcutta/Dramatist, Poet, Actor & Scholar/ birth 24nd December 1896),
Dr. Muhammad Ibrahim “Khalil” (Karachi/Poet/ birth 24nd December 1900),
Kiror Pati (Short Story Writer/ birth 24nd December 1923),
Doulatram Kewalramani (Larkano > Ulhasnagar/Writer/ birth 24nd December 1924),
Karam Talpur (Talpur wada/Poet/ birth 24nd December 1945),
Sanaullah Mahessar (Rafiq Mahesar/Political Activist/ birth 24nd December 1948).
Dr. Abdul Ghafoor Malik (Sinjhoro/Journalist/ birth 24nd December 1964)
DEATH DATES
Sardar Wahid Bux Bhutto (Member Bombay Legislative Council/ death 24th December 1931),
2. Khemchand Amratrai (Hyderabad/Journalist/ death 24th December 1941),
3. Ustad Piral Qambar (Poet/ death 24th December 1994),
4. Janan Chan (Tharri Hajran/ Saint Poet/ death 24th december1995).
EVENTS
1854: The Sindh Government recommends the Bombay Government that remount agencies be opened at Sukkur and Shikarpur, as it would be convenient for dealers.
1858: Sindh Commissioner, keeping in view the uprising in Sindh and Hind, recommends the Bombay Government that additional subsidy of Rs. 50,000 be granted to the Khan of Kelat and he also wants to present him 2 five and half inch mortars, complete with one hundred rounds of ammunition.
1869: The Commissioner Sindh orders that the Devanagri form of writing Sindhi should be improved for use by interested Hindus.
1893: The Annual function of the Union Academy (N.H. Academy) is held at Hyderabad. Sadhu Hiranand presents Annual Report. It is presided over by Mr. Jacob, Educational Inspector, who distributed Prizezs and Certificates on the occasion.
1943: The 31st Annual session of the All India Muslim League is held at Karachi with Quaid –i- Azam Muhammad Ali Jinnah as its president. It was the last annual session of the party before creation of Pakistan. This kindly be noted that Party’s first annual session was also held at Karachi in 1907. Party’s first president (Sir Agha Khan) was by birth Sindhi and it last president (before partition) was (M.A.Jinnah) also born in Sindh.
1955: An agreement is reached at between the center and the provinces on allocation of subjects.
1960: Pakistan – Soviet talks about oil open in Karachi. Pakistani delegation is headed by the Minister for Natural Resources, Fuel & Power, Z.A.Bhutto.
1963: The Convention Muslim League of Dhaka elects president Ayub as its president.
1971: First ever meeting of Presidential cabinet of Z.A.Bhutto is held. Dr. Mubashir, Ghulam Mustafa Jatoi, Abdul Hafeez Pirzada and others attend.
1981: 350 – member advisory body, named Majlis –i- Shora is announced by Zia.
1985: Ninth Amendment Bill making Islam as the supreme law is introduced in Senate.
SINDH IN HISTORY TODAY (24th December )
Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation.
Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to Sindh History lovers
***********
روز جيئن سج اڀري ۽ صبح ٿئي, تيئن مان به دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿي اوهان کي اوهان جي اڻ ٻڌل ۽ اڻ لکيل تاريخ جو هڪ ورق ٻڌائيدو آھيان. سالن کان سندم اها ريت رهي آھي. نه ٿڪيو آھيان ۽ نه ٿڪجي پوڻ وارو آھيان. فيسبوڪ ۽ انٽرنيٽ گروپن تي اها ئي سرگرمي رهي آھي. اوهان پنھنجي تاريخ پڙھو ٿا يا نه, ان سان منھنجو ڪم ڪونھي. منھنجو ڪم اهو آھي ته اوهان ۽ تاريخ وچ ۾ دوستي ڪرايان. ڇو ته تاريخ جي آئيني ۾ ڏسڻ سان اسان پنهنجي وطن دوستئ ۽ حالتن جو چهرو ڏسي سگهون ٿا. اڄ 24 ڊسمبر جي واقعاتي تاريخ ۽ ولادتن وفاتن جي معلومات کڻي آيو آھيان.
***************
ڪي واقعا
***************
24.12.1851:
هن کان اڳ اٺن مان فرنگي سرڪار آمدرفت, سامان ڍوئڻ, ٽپالين جي سوارئ ۽ اهڙن ٻين ڪمن هڪ خاص شعبو جوڙو/قائم ڪيو هو, جنهن کي
Camel Baggage Corp
چيو ويندو هو. اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي فوجي عملدارن گذارش ڪئي ته اهو ختم ڪيو وڃي.
24.12.1856:
ممبئ سرڪار سنڌ ڪمشنر جي ڌيان تي آندو ۽ صلاح ورتي ته ڊيلرن جي سهولت لاء ڪراچئ ۽ سکر ۾ سامان آڻڻ ۽ نيئڻ لاء گهوڙن جا دستا معاوضي تي مهيا ڪيا وڃن.
24.12.1893:
ساڌو هيرانند سنڌ جو هڪ بي بدل صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ٿي گذريو آھي. هن پنهنجي ڀاء جي مدد سان حيدرآباد ۾ ”يونئن اڪيڊمئ" جي نالي سان هڪ اسڪول کوليو هو. ان جو پوء نالو مٽائي "اين.ايڇ.اڪيڊمي" رکيو ويو هو. انھئ اسڪول جو ساليانو فنڪشن ٿيو, جنهن ۾ ان وقت جو ايڊيڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب مهمان ڪري گهرايو ويو هو. پاس ٿيل شاگردن ۽ فنڪشن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٻارن کي انعام ۽ شيلڊون به جيڪب کان ڏياريون ويون.
24.12.1921:
اڳوڻئ سنڌ جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن ! زندگئ جي هر شعبي ۾ اڳري هئي. هتي 1868 کان وٺي ساليانيون سياسي ڪانفرسون ٿيون ۽ مختلف ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ منعقد ٿيون. 1920 تائين اهي ڪانفرسون ٿيون. 1921 کان وري ادبي ڪانفرنسون شروع ٿيون ۽ ڪو سال نه گٿو. اهي 1972 تائين هليون.
پهرين ادبي ڪانفرنس ڊسمبر 1921 ۾ ٿي. اڄ ھن ڪانفرنس جو صدر مرزا قليچ بيگ لاڙڪاڻي ۾ پهتو ته هندو ۽ مسلمان اديب ۽ شاعر کيس اسٽيشن کان جلوس جي شڪل ۾ وٺي آيا. هن ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽئ جو چيئرمن ميان علي محمد قادري هو.
24.12.1922:
اڄ ”الوحيد" اخبار ۾ خبر ڇپي ته حڪومت ۽ حڪومتي ڇاڙتن جي دٻاء ھوندي به جوهئ جي جوانن ۽ سنڌ دوستن شهر ۾ "خلافت ڪميٽئ" جي شاخ کولي, ۽ ان لاء ھي عهديدار چونڊيا ويا: مولوي محمد حمزو (صدر), مولوي دين محمد (نائب صدر), مير محمد شاه (سيڪريٽري), ميان عبدالله (جوانئٽ سيڪريٽري) ۽ مولوي محمد حسن (خزانچي). اڃان ٿا سنڌ دشمن چون ته سنڌ ڪهڙو تحريڪ آزادئ ۾ هٿ ونڊايو. جوهئ ۾ ايترا عالم سرڪاري سختئ باوجود انگريز-دشمن پارٽئ جي شاخ قائم ڪن ٿا. 1947 کان پوء لڏي ايندڙ اهڙو رڪارڊ پيش نه ٿا ڪري سگهن ته سندن ڪهڙي ڳوٺ يا شھر ۾, ڪهڙي سال ڪهڙي پارٽئ جي شاخ کلي هئي,جنهن ۾ ھنن شرڪت ڪئي. هر ڪنهن جي زبان تي ڪليم هو, پر آزادئ واري تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جي شاهدي ڪا نه هئي ۽ نه وري اهڙي شاهدي هنن کان گهري وئي. بس جيڪو آيو سو اگهجي ويو.
24.12.1943:
آل انڊيا مسلم ليگ جو 31 هون ساليانو اجلاس ڪراچئ ۾ ٿيو, جنھن جي صدارت محمد علي جناح ڪئي. ياد رکڻ جي ڳاله اها آھي ته هن پارٽئ جو پهريون ساليانو اجلاس به 1907 ۾ ڪراچئ ۾ ٿيو هو. اڄ پهرين بيٺڪ ٿي. هي اجلاس 27 ڊسمبر تائين هليو. هن پارٽئ جو پهريون صدر سر آغا خان به سنڌ ڄائو هو ۽ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ان جو آخري صدر محمد علي جناح به جهرڪن ڄائو سنڌي هو.
24.12.1971:
ڀٽو جڏهن ملڪ جو صدر ٿيو ته هن جي دور جي ڪئبينٽ جي پهرين گڏجاڻي اڄوڪي تاريخ تي ٿي. غلام مصطفا جتوئي ۽ حفيظ پيرزدو شرڪت ڪندڙن ۾ ھئا.
24.12.1981:
ڀٽي جو تختو اونڌو ڪندڙ ضياء الحق اڄ 380 ميمبرن تي ٻڌل " مجلس شوارا" ٺاهي, جنهن نئشنل اسيمبلئ وانگر ڪم ڪيو.
***************
{24 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن]:
24 ڊسمبر 1896ع ليکڪ منگهارام ملڪاڻي(حيدرآباد / ڪلڪتو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
24 ڊسمبر 1900ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر ابراهيم خليل جو جنم ڏينهن آهي.
24 ڊسمبر 1915ع ناليواري قانوندان اي ڪي بروهي جو ڳڙهي ياسين ۾ جنم ٿيو.
24 ڊسمبر 1924ع برصغير جي عظيم گلوگار محمد رفيع جو جنم ڏينهن آهي.
24 ڊسمبر 1924ع ليکڪ دولترام ڪيولراماڻي (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
24 ڊسمبر 1952ع اديب، استاد ۽ محقق ٻلديو مٽلاڻي(لاڙڪاڻو / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
24 ڊسمبر 1964ع صحافي ڊاڪٽر عبدالغفور ملڪ جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو]:
24 ڊسمبر 1931ع سياستدان ۽ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر سردار واحد بخش ڀٽو جي وفات ٿي.
24 ڊسمبر 1941ع صحافي کيمچند امرت راءِ جي ديهانت ٿي.
24 ڊسمبر 1993 ع تي ناميارو شاعر ۽ اديب معمور يوسفاڻي وفات ڪري ويو.
24 ڊسمبر 1994ع شاعر استاد پيرل قنمبرجو لاڏاڻو ٿيو.
24 ڊسمبر 1995ع صوفي بزرگ ۽ شاعر جانڻ چن جو لاڏاڻو ٿيو.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)

No comments:
Post a Comment