Saturday 12 October 2024

Sindh in history today (13th October). By. Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {13th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan 1. GOOD DAY WISH composed in my language alongwith its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. [Dear you are more beautiful than this beautiful universe. Witness its waiting for you. Rainbow has less colours than your colourful personality. You are higher than high mountains. The flow of your love & beauty is more strong and speedy than flow of lakes and rivers. Dear! Don't hide, but add your beauty & love and vision & wisdom in this world and make it more wonderful & beautiful, please] تنهنجون سوچون انڊلٺ ريکا پر لوچون پوء ڇو تنهنجون ماٺيون ۽ مدهوش؟ گهاگهر بن شل گهري پئين دل سان تار ندئ منجھ ڀل اها ڏسي تنهنجو جوش, دل ۽ دنيا ۽ ھئ ڌرتي پل پل طلبن تانگهن تنهنجي سونهن سندو آغوش, پنهنجو روپ نہ ڪر روپوش, ڪر ظاهر سندرتا سرت ۽ سلام سان. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers. EVENTS ( 13 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 13.10.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي طويل خط لکي نور محمد خان جي هر پل تبديل ٿيندڙ حڪمت عملئ جي نشاندهي ڪئي آھي. هو لکي ٿو ته مير پنهنجي هر ڳالھ تان تڪڙو ڦري وڃي ٿو ۽ ان لاء ذميوار ٻين ميرن کي بڻائي ٿو. هن پنھنجي وزير اعظم نواب احمد خان لغارئ کي مون ڏانھن ڏياري موڪليو, جنهن اڍائي ڪلاڪ سنڌ ۾ فرنگين جي فوج اچڻ ۽ حيدرآباد ۾ منھنجي ريزيڊنسي ٺاهڻ جي حوالي سان خلاصو ڳالهايو. نواب بار بار چئي رهيو هو ته تنهنجي منھنجي وچ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿين ٿيون اهي مخفي رکجان. نواب جو چوڻ ھو ته مير نور محمد فرنگين سان سچو آھي, پر ٻيا ٻروچ اهو نه ٿا چاهن ته حيدرآباد ۾ ريزيڊينسي ٺھي ۽ سنڌ ۾ فرنگي فوج ڪو تڪڙو اچي. خط جي آخر ۾ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي گذارش ٿو ڪري ته 5 هزار فوجي هڪدم سنڌ موڪليا وڃن. 13.10.1938: "سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس" ڪالھ رات پڄاڻئ تي پهتي. هن کان پوء آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر سنڌ جي دوري تي نڪتو ۽ لاڙڪاڻي خواه جيڪب آباد جو دورو ڪيائين. سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس بابت کوڙ سارو مواد گل حيات جي ويب سائيٽ تي پيو آھي. هن ڪانفرنس سنڌ جي سياست ۾ وڏي تبديلي آندي ۽ مسلم ليگ سنڌي مسلمانن جي مقبول پارٽي بڻجي وئي. ان کان پوء ئي الله بخش سومري جي حڪومت کي ختم ڪري سگهي. 13.10.1939: سکر ۾ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان "مسجد منزلگاه تحريڪ" مقبوليت جي منزل ماڻڻ لڳي. جن تحريڪ جي ڊڪٽيٽرن, دنگل ڪندڙن ۽ سرگرم اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو, تن کي اڄ سکر ضلعي جي انتظاميه غير مشروط طور تي آزاد ڪيو. [ هن خوني تحريڪ سنڌ جي وحدت کي ٽوڙي هندو مسلمان ڪئمپن ۾ ورهائي ڇڏيو. هئ تمام وڏي ۽ خطرناڪ تحريڪ هئي. مون ان جي انگريزئ ۾ واقعاتي تاريخ مرتب ڪري گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکي آھي] 13.10.1954: لياقت علي خان جي قتل بابت وڌيڪ جاچ ڪرڻ لاء برٽش سيڪيورٽي سروس جو هڪ عملدار مقرر ڪيو ويو. 13.10.1965: اقوام متحده جي جنرل باڊئ ۾ روڊيشا خلاف ٺهراء پيش ٿيو ته روڊيشا پنهنجي ملڪ جي اترين حصي ۾ غير آئيني قدم کڻي اقليت کي اڪثريت مٿان حڪمراني ڪرڻ جو موقعو پيدا ڪري رهي آھي. [تعجب جي ڳاله اها آھي ته پاڪستان انھئ ٺھراء جو ڪو-اسپانسر ملڪ هو. جڏهن ته روڊيشا واري ساڳي سياست ڏکڻ پاڪستان/سنڌ ۾ شروع کان جاري آھي.] 13.10.1993: بينظير ڀٽو ملڪ جي وقتي صدر ۽ وقتي وزير اعظم سان ملي کين چيو ته کيس حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏيو, ڇو ته پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ج) گڏجي مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهي سگهن ٿيون. *************** 13 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 13 آڪٽوبر 1884ع شاعره ايلسا قاضيجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1911ع شاعر ميلها رام پتنگ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1916ع اسڪالر چيتن ماڙي والا (ڪراچي / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1928ع آرٽسٽ جيوڻ گرسهاڻي(ڪراچي / نئين دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1942ع شاعر ڀڳوان نردوش (سنڌ / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1948ع موسيقار، قوال ۽ گلوڪار نصرت فتح علي خانجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1958ع شاعر خليل لاکير جو جنم ڏينهن آهي. 13 آڪٽوبر 1966ع ليکڪ نوشاد کوسو (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 13 آڪٽوبر 1718ع مذهبي اسڪالر مفتي محمد رفيق (هالا) جو انتقال ٿيو. 13 آڪٽوبر 1963ع شاعر شير محمد چغدو جو لاڏاڻو ٿيو. 13 آڪٽوبر 1982ع ليکڪ ۽ هاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جو لاڏاڻو ٿيو. 13 آڪٽوبر 1987ع برصغير جي عظيم گلوڪار ڪشور ڪمار جي وفات ٿي. 13 آڪٽوبر 2002ع سياسي ورڪر ڊاڪٽر احسان علي مهيسر جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment