Sunday 27 October 2024

Sindh in history today (28th October). By. Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {28th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan ( 28 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 28.10.1838: سکر مان سر برنس اڄ پاٽينجر کي تفصيلي خط لکي ٿو. ان جون خاص ڳالهيون هي آھن: (1). خيرپوري مير پنهنجي روين ۽ عملن سان اسان سان وفاداري ڏيکاري رهيا آھن. ان ڪري هتان مير نور محمد کي سندس خط جي جوڳي موٽ ڪانه ملي. (2). ميرپوري مير-خاص طور تي مير شيرمحمد به اندرئون اندر خيرپوري ميرن جي سڳي ڌاڳي ۾ آھن ۽ مير نورمحمد کان راضي ناهي,(3). مير رستم جي گذارش مٿان گذارش آھي ته هن جي آمدني گهٽ آھي. ان ڪري هن تي شاه شجاع واري ڏن جي ڦوڙي ۽ فرنگي فوج کي سنڌ ۾ رکڻ واري ڦوڙي گهٽ کان گهٽ رکي وڃي. 28.10.1838: برنس اڄ گورنر جنرل کي سندس سيڪريٽرئ معرفت خط ۾ لکي ٿو ته ممبئي فوج جي اچڻ ۽ سنڌ ۾ ھجڻ جو حيدرآبادي ميرن تي رعب پوندو ۽ هو هاڻي جيڪا قنڌار ۽ ايران سان ملي اسان خلاف محاذ آرائي ڪرڻ جا سانباها ڪن ٿا, انھن کي ٻنجو ايندو. البته هو فوج لاء اٺ, گاه ۽ اناج وٺڻ ۾ اسان لاء رنڊڪون وجهي سگهن ٿا. 28.10.1888: حيدرآباد ۾ ديوان نولراء ۽ سندس ڀاء مشھور سماجي سڌارڪ ۽ صحافئ ساڌو هيرانند " يونين اڪيڊمي" نالي اسڪول قائم ڪيو. اڄ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب ان جو افتتاح ڪيو. اڳتي هلي هن اسڪول جو نالو بدلائي, ٻنھي ڀائرن جي نالن پٺيان "اين.ايڇ.اڪيڊمي" رکيو ويو هو. 28.10.1920: سنڌ خلافت ڪميٽئ مختلف ضلعن ۾ مبلغ مقرر ڪرڻ شروع ڪيا ته اهي در در وڃي پارٽئ جي حقيقت ۽ ان طرفان هلايل تحريڪن, جهڙوڪ: ترڪ موالات ۽ ڪائونسلن جو بائڪاٽ وغيره جي اهميت ۽ ضرورت کان عوام کي آگاه ڪري سگهن. اڄ لاڙڪاڻي ضلعي لاء مولوي محمد ۽ مولوي نورالحسن کي مبلغ مقرر ڪيو ويو. 28.10.1922: بدين ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر شيرسنگ جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سرڪار-پرست پارٽي "امن سڀا" قائم ڪئي وئي. ان لاء ديوان وزيرمل کي سيڪريٽري ۽ تنومل کي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 28.10.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته 980300 پناهگير اڄ پهچي ويا. 20.10.1958: جنرل ايوب حڪم نامو ڪڍي ملڪ سان صدارتي نظام لاڳو ڪيو. 28.10.1970: ٿيندڙ چونڊن جي ورڪ لاء حڪومت پارٽين جي اميدوارن کي ريڊيو ۽ ٽي.وئ تي خطاب ڪرڻ جو موقعو ڏنو هو. شيخ مجيب تقرير ڪندي اڄ چيو ته پاڪستان اسان جو مقصد آھي ۽ اسان جمهوريت جي بالادستي چاهيون ٿا. اسان رستي روڪيندڙ جا رستا روڪينداسين. [هن تقرير مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته 1970 جي آخر تائين شيخ مجيب علحگئ جي ڳالھ نه ٿو ڪري. فرقو چونڊن کان پوء ڦريو. هنن جي چونڊن واري سوڀ مغربي پاڪستان جي وس وارن قبول نه ڪئي] 28.10.1990: ڪالهوڪي صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جا نتيجا پڌرا ٿيا. بينظير ڀٽي وڏي پئماني تي ڌاڌلين ڪرڻ جو الزام هنيو. پيپلز پارٽئ کي سنڌ ۾ سادي اڪثريت به ڪانه ملي. آء.جي.آء کي سوڀ ملي.ملڪ ۾ انھن چونڊن دوران ٿيل فسادن ۾ 37 ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا. 28.10.1996: مير مرتضا ڀٽي کي مارائڻ واري واقعي ۾ آصف زردارئ, نصيرالله بابر ۽ عبدالله شاه جا نالا عام ماڻھن جي ذھن ۽ زبان تي عام ٿيا. 28.10.1998: نواز شريف ڀڀڪيون ڏنيون ته حڪيم سعيد کي قتل ڪرڻ جو منصوبو نائين زيرو تي تيار ڪيو ويو. ايم.ڪيو.ايم قاتل سرڪار حوالي ڪري. *************** {28 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1892ع ليکڪ عطا حسين شاهه موسوي(روهڙي). 1918ع ليکڪ نور محمد سنڌي (ڪنڊيارو). 1972ع شاعر عبدالراشد عادل سرڪي. 1972ع ليکڪ احسان ابڙو. [وڇوڙو]: 1958ع سياستدان شيوارام وزيراڻي. 1958ع شاعر پرسرام ضياء(ٽنڊو آدم / اجمير). 2002ع اديب، محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ شاعرتاج صحرائي.

No comments:

Post a Comment