Tuesday, 15 July 2025
Sindh in history today (16th July). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali
Sindh [ including Pakistan] in history today (16th July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute and translated by his son Mumtaz Ali Pathan **********
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[ I can't forget for a single moment, but am forgotten since centuries. Perhaps lovely people have imposed ban on the tradition of reciprocation, response and remembering others.
Why we can't find those, who are very much needed? Why we can't understand that peace and progress can be witnessed only because of cooperation? Why we don't believe that love and beauty are natural needs of everybody? What has happened to our hearts and minds? ]
ساریان ته بہ سپرین نہ ٿا سارین،
ورھین کان ایئن اسان کي وسارین،
اسان طلبیون من جئ کي جیارین،
پنھنجي دل جي نیٹن سان نھارین،
امرت سونھن سندو ھو شل پیارین،
پر نہ ٿا جیئارن پر جدائئ ۾ مارین،
گھنگھر گھارین، تن من روح اسان جو.
********** EVENTS FROM SINDH HISTORY (16th July) By: Dr. Pathan
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر سپرنٽينڊنگ سرجن کي هدايت جاري ڪئي ته حب نديءَ جي ويجهو علائقي لکڻ جو جائزو وٺي ان جي سينيٽيريم فٽنيس رپورٽ موڪلي وڃي، بعد ۾ سپرنٽينڊنگ سرجن ڊاڪٽر هنٽر پنهنجي رپورٽ ڪمشنر وٽ جمع ڪرائي.
** 1901ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز سرڪار پاران بمبئي روينيو ڪوڊ جي قلم 7 تحت نوٽيفڪيشن جاري ڪري لاڙڪاڻو ضلعو قائم ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن تي بمبئي حڪومت جي چيف سيڪريٽري جي وي پي ميڪنزي جي صحيح ٿيل هئي.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز وائسراءِ پنهنجي اتحادين جي هڪ تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي پنڊت پنچنداس شيوالا ۽ شهدادپور جي پيرو مل شرڪت ڪئي ۽ بمبئي حڪومت کي مبارڪباد ڏني.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ضلعي جي ڪانگريس ڪاميٽي ضلعي جي مختلف اسڪولن جي شاگردن کان اسڪالر شپ لاءِ درخواستون گهرائي ورتيون، ڪانگريس ڪاميٽي طرفان ڄاڻايو ويو ته ٽن شاگردن کي في شاگرد 15 رپيا ڏنا ويندا ته جيئن اهي عليڳڙهه يونيورسٽي ۽ گجرات وديا پٿ ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن.
** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مسلم ليگ جي سڏ تي واپار جو ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ ڪيترن ئي واپارين شموليت ڪئي.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي پي ڊبليو ڊي جي وزير محمد ايوب کهڙي ڪراچي جي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ سنڌ جي سياست جي عنوان هيٺ ليڪچر ڏنو، اهو پروگرام شيخ عبدالمجيد سنڌي طرفان منعقد ڪرايو ويو هو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر حڪومت خلاف لانگ مارچ ملتوي ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ بينظير ڀٽو اسلام آباد ۾ صدر غلام اسحاق خان ۽ آرمي چيف عبدالوحيد ڪاڪڙ سان ملاقاتون ڪرڻ بعد لانگ مارچ ملتوي ڪيو، بينظير ڀٽو کي خاطري ڪرائي وئي ته قومي اسيمبلي ٽوڙي چئني صوبن ۾ غيرجانبدار نگران حڪومتون جوڙيون وينديون، ان کانپوءِ شفاف چونڊون ٿينديون، اهڙي خاطري تي بينظير ڀٽو وزيراعظم نواز شريف خلاف لانگ مارچ تان هٿ کڻي وئي، ان کان اڳ پ پ اڳواڻ فاروق لغاري صدر غلام اسحاق خان سان ملاقات ڪئي ۽ صدر جو پيغام کڻي لاهور آيو، جتي هن بينظير ڀٽو کي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ذريعن اهوبه چيو ته وزيراعظم نوازشريف اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ صدر کي ايڊوائيس موڪلڻ تي راضي ٿي ويو آهي.
***********
اڄوڪي ڏينهن 16 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
16 جولاءِ 1909ع سياسي ورڪر لڇمنداس آريا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 جولاءِ 1932ع گلوڪاره وينا واڌواڻي (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 جولاءِ 1941ع شاعر رحيم بخش روشن جو جنم ڏينهن آهي.
16 جولاءِ 1957ع ليکڪ حافظ حفيظ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
16 جولاءِ 1965ع شاعر بشير بيوس اوٺو(مٺي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 جولاءِ 1984ع باليووڊ اداڪاره ڪترينا ڪيفجو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
16 جولاءِ 1954ع اسڪالر علامه علي خان ابڙو(سانگي) جو لاڏاڻو ٿيو.
16 جولاءِ 1956ع صحافي ۽ آزادي جي تحريڪ جي ورڪر ويرومل بيگراج جي ديهانت ٿي.
16 جولاءِ 1980ع شاعر علي محمد ساقي جي وفات ٿي.
16 جولاءِ 1994ع اسڪالر، اديب، شاعر ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر الهداد ٻوهيوجو انتقال ٿيو.
16 جولاءِ 2000ع سنڌ صوبي جي اڳوڻي گورنر اشرف ڊبليو تابانيجي وفات ٿي.
16 جولاءِ 2004ع شاعر معصوم سانگهڙائيجي وفات ٿي.
16 جولاءِ 2016ع ماڊل گرل قنديل بلوچ کي ملتان ۾ قتل ڪيو ويو.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)

No comments:
Post a Comment