Thursday, 1 May 2025

SINDH in history today (2nd May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

هينئن نه ڏٺم ڪڏهين ته هوتن هار تي پاتا هار, فرق هار ۽ جيت جو آخر ڪڏهن ڪندم پنهوار۔ Dr. Pathan 2. 5. 25 Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Ali SINDH IN HISTORY TODAY (2nd May) BIRTHS: Vilayat Ali Shah (Hanbah/Saint Poet/1911), Jamal Abro (Sangi/Short Story writer/1924), Talib ‘Latif’ (Poet/1932), P.K.Shahani (Karachi/Politician/1939), Syed Zia Shah (Shikarpur/Poet/1950), Ali Nawaz Phull (Poet/1954), Muhammad Yaqoob Khaskheli (Tando Allahyar/Journalist/1954), Abdul Majeed Odho (Ilyas Garhiyaseen/Journalist/1957), Khuda Bux ‘Khadim’ (Poet/1960), Qaim-u-ddin Sahito (Folklore Poe/1960), Fida Kalirai (Kalri/Poet/1961), Abdul Hussain Shah (Nasirabad/Journalist/1974), Liaquat Notkani (Turab Ali/Journalist/1979) DEATHS: Srichand Mewaram (Pad Aedan > Ajmir/Freedom Fighter/1967) EVENTS: 1838: Colonel Pottinger, Political Agent of the East India Company Government, in Sindh, approaches Munshi Jethananad, an influential Court-man and officer of Mirs of Hyderabad to help him to request Mir Sher Muhammad of Mirpurkhas either he will like to have a separate Treaty or, will sign the joint Treaty with Mirs of Hyderabad. He also wants to inform Mir Sher Muhammad that Dhoolaji, brother of Jagatsing of Nagarparkar has been seized and would be sent to Hyderabad, if Mir Noor Muhammad desires so. This may kindly be kept in mind that Dhoolaji was wanted for his criminal activities. 1948: Political Agent of Cutch requests the Sindh Commissioner for demarcation and approval of boundary between Sindh and Marwar. 1942: All-India Congress Committee in its resolution says that it can not agree any proposal which aims at disintegrating India by giving liberty to any territorial unit to secede from Indian Union or Federation. 1970: Pakistan and Turkey decide to establish a joint trade Commission to further develop trade between both countries. 1994: Karachi violence toll rises to rises to 20. MOM-sponsored strike enters third day. Troops called out. SINDHI VERSION OF THE POST: ** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر ميرن جي عملدار منشي ڄيٺانند کي خط لکي ٻڌايو ته هنن ننگرپارڪر جي جڳت سنگهه جي ڀاءُ ڍولڻ کي پڪڙيو آهي، جيڪڏهن مير نور محمد خان چاهي ته اهو ڏوهاري سندس حوالي ڪري سگهجي ٿو، پوٽينجر منشي ڄيٺانند کي اهو به لکيو ته هو ميرپورخاص واري مير شير محمد خان ٽالپر کان پڇي ڏسي ته ڇا انهيءَ جي اها مرضي اهي ته انگريز سرڪار هن سان الڳ معاهدو ڪري. ** 1848ع ۾اڄوڪي تاريخ تي ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ جي ڪمشنر کي گذارش ڪئي ته سنڌ ۽ مارواڙ جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ان جي سرڪاري طور تي منظوري ڏني وڃي. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيڪب آباد ۾ مولانا تاج محمود امروٽي جي صدارت هيٺ خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، هن ڪانفرنس ۾ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي پنهنجون ڊگريون، سرڪار طرفان مليل اعزاز ۽ خطاب واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان کانسواءِ پنهنجي زرعي زمين جي ڍل ۽ آبياني ڏيڻ کان نابري وارڻ جو به اعلان ڪيو، اڳتي هلي انهيءَ قدم تي سرڪار مٿس ڪيس مڙهيو ۽ حاضري جو نوٽيس موڪليو پر هن ان جي جواب ۾ لکيو ته افغانستان هجرت ڪري وڃڻ بعد هاڻي هو انگريز سرڪار جو راڄ نه آهي، ان ڪري مقرر ڪيل تاريخ تي ڪورٽ ۾ حاضر نه ٿيندو. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تيونس ۽ مراڪش جي آزادي لاءِ پاڪستان جيڪا ڪولمبو ڪانفرنس ۾ قرارداد پيش ڪئي، ان کي منظور ڪيو ويو. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فوج ۽ فضائيه جي ٻارنهن آفيسرن کي غداري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات اعلان ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف بين الاقوامي سازش ٿي رهي آهي ۽ اسان ساڻس گڏ آهيون، ٻئي طرف سعودي عرب جي سفير رياض الخطيب مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جيڪي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. ** 1998ع ۾ گوهر ايوب خان پرڏيهي وزير جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، جنهن بعد سرتاج عزيز کي نئون پرڏيهي وزير ۽ اسحاق ڊار کي ناڻي جو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ هو ته هن جا وزيراعظم نواز شريف سميت ڪجهه وزيرن سان اختلاف پيدا ٿيا هئا.ٻئي پاسي ساڳئي ڏينهن تي جسٽس وجيهه الدين کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور هن ساڍا 13 هزار پاڻمرادو نوٽيس ورتا. *********** اڄوڪي ڏينهن 2 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 2 مئي 1911ع شاعر داتا ولادت علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 مئي 1924ع جديد سنڌي ڪهاڻي جي اھم شخصيت جمال ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1939ع سياستدان پي ڪي شاهاڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1954ع ليکڪ علي نواز ڦل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 مئي 1955ع اديب ضياء شاهه (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1960ع سگهڙ قائم الدين سهتو جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1961ع ليکڪ فدا ڪلوئي (ڪنڊيارو) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1969ع ويسٽ انڊيز جي مشهور ڪرڪيٽر برائن لارا جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 2 مئي 1967ع فريڊم فائيٽر سريچند ميوارام (پڊ عيدن) ديهانت ڪري ويو. **********

No comments:

Post a Comment