Monday, 26 May 2025

Sindh in history today (27th May). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH IN HISTORY TODAY (27th MAY) 27th May BIRTH DATES 1. Abdul Fatah ‘Faiq’ (Poet/ birth 27th May 1908), 2. Syed ManzoorNaqvi (Poet/ birth 27th May 1924), 3. Asha Birjlal (Simla/Artist/ birth 27th May 1947), 4. AzharJiskani (BaryaPanhwar/Poet/ birth 27th May 1973) 27th May DEATH DATES 1. Habibullah Sindhi Nausherai (Religious Scholar/ death 27th May 1823), 2. Syed Miran Muhammad Shah (Halani/Mufti of Khairour State/ death 27th May 1925), 3. Dr.Khan Muhammad Panhwar (Aarazi/Journalist, Social worker & Scholar/ death 27th May 1999) 27th May EVENTS 1843: The Governor-General of India directs Charles Napier that ‘ The separation of the women from Amirs appears so extraordinary and unnatural……It is essential to our character, that they should be treated with all respect and honor’. 1950:Who so ever Sindhi Hindu migrant desires to return back to Sindh, will be accepted. Government of Pakistan agrees. 1953: The decision of Tribunal regarding the Rawalpindi Conspiracy case is challenged in the Federal Court by accuesed in the case. 1959: Dr.Raziuddin Sidiqui takes over as the Vice Chancellor of Sindh University. 1964: Pakistan mourns death of Indian Prime Minister Pandit Nehru, who breathed his last today. 1969: Budget for the next financial year will be presented by the President and Governors. 1971:Divisional and Taluka Councils are dissolved in Sindh. 1976: Federal Minister for Industries & Kashmir affairs, Syed Qaim Ali Shah lays foundation stone of 1oo kw Radio station at Khairpur. 1977: PNA is doing Table Work for talks with the Government; it is announced by the party spokesman. 1987: Former Balochistan Governor, Mir Ghous Bux Raisani and his five guards are killed in Karachi. 1990: Forty five in Hyderabad and Twenty two in Karachi are killed. Curfew is imposed. SINDH VERSION OF THE POST: قومون ڪهڙن سببن ڪري تباه ٿينديون آھن ۽ عظيم قومون ڀيانڪ حالتن جو ڪيئن مڙسئ سان مقابلو ڪنديون آھن ؟ اها خبر تاريخ جي مطالعي مان پوندي آھي. ماضئ جا واقعا وڏي-واڪ ڳالهائيندا آھن. پر ڪو کين ٻڌڻ, پرکڻ ۽ سمجھڻ وارو هجي. مان روز ٽالپورن جي دور کان وٺي ويندي, اڄوڪي دور تائين اوهان جي خدمت ۾ ڪن واقعن, افراد ۽ ادارن بابت اوهان سان ويچار ونڊيندو آهيان. *************** 27 مئي جي حوالي سان ڪي واقعا *************** 27.5.1841: ٻيٽ منوڙي ۽ ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انگريزن جون اکيون شڪارپور ۾ آھن. اڄ آئوٽرام پنهنجي سرڪار کي جيڪو خط لکيو آھي, ان مان اها ڳالھ پڌري آھي ته:1. مير نصير خان اصولي طور تي شڪارپور مان پنهنجو حصو ڌارين حوالي ڪرڻ لاء تيار آھي, رڳو کيس اپت جو چوٿون حصو ڏنو وڃي. 2. فرنگي سفارتڪار,سيد زين العابدين شاه ۽ سندس عزيزن کان خائف آھن. سيد گهراڻو شڪارپور ۽ ڪراچئ جي انتظام ۽ سياست تي وڏو عمل دخل رکندو هو ۽ ان ڪري انگريزن لاء مسئلا ٿي ٿيا. ان ڪري فرنگي ميرن جا ڪن ڀريندا ۽ سيدن جي شڪايت ڪندا رهيا. مطلب ته ڌاريا, اول عوام ۽ حڪومت جي خيرخواهن خلاف ٿي بيهندا آھن. 27.5.1843: نيپيئر جي انتظام ۽ ڪارڪردگئ بابت ليفٽيننٽ رٿبورن جي رپورٽ تي ڪمپني حڪومت اطمينان جو اظھار ڪندي, نيپيئر کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ غلامئ وارئ رسم ۽ تجارت خلاف جوڳا اپاء وٺي. 27.5.1936: ڪراچئ ۾ ” سنڌ سينٽرل لٽريچر سوسائٽي" جوڙي وئي ته جيئن بامبي يونيورسٽئ طرفان سنڌي ٻولئ سان ٿيندڙ ماٽيلئ ماء واري سلوڪ خلاف آواز اٿارجي ۽ سنڌئ جي تاريخي, سماجي ۽ تدريسي حقن جي حفاظت ڪجي. هن تحريڪ ۾ پرنسپال شاهاڻي, ڄيٺمل پرسرام ۽ شيخ عبدالمجيد اڳواڻ ھئا. 27.5.1971: سنڌ ۾ ڊويزنل ۽ تعلقي ڪائونسلن کي ٽوڙيو ويو. 27.5.1980: " هاء ڪورٽون مارشل لا ريگيوليشنس خلاف ڪو حڪم ڏئي نه سگهنديون"- سرڪاري حڪم نامو جاري ڪيو.

No comments:

Post a Comment