Sunday, 23 March 2025
Sindh in history today (24th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
اڄوڪي ”واقعاتي تاريخ“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اوهان لاء لکي ۽ ان جو ترجمو سندس وڏي پٽ ممتاز عليءَ ڪيو۔۔
Sindh in history today (24th March).
Research by Dr.Pathan.
24 مارچ سان لاڳاپيل 1).”واقعاتي تاريخ“, 2). ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون, 3). اوهان لاء صبح جو سلام,
هن چوڻ ۾ الزام نه پر سچائي آھي ته اسان پاڻ کي عقل جا اڪابر, ڏيه جا ڏاها ۽ ملڪ جا مدبر ته سڏايون ٿا, پر اسان جي سوچن ۽ لوچن جا قبلا ۽ حالتن کي بدلائڻ جون حڪمت عمليون درست ڪونهن. ان ڪري اسان پاڻ لاء عذاب ۽ سنڌ لاء سور ئي پيدا ڪندا آھيون:
1). ڪراچئ طرف رخ ڪري لانگ مارچ ڪرڻ درست ناهي, اسان کي پنهنجي ڳوٺن شھرن ڏي منهن ڪرڻ گهرجي.
2). سياسي, سماجي, نالي ماتر مذھبي يا روحاني آدرشن ۽ سندن آڪهين جي پوڄا ڪرڻ درست ناهي. اهي دوڪان داريون بند ڪجن.
3). يارن ۽ ٻارن جي تربيت ڪري انهن کي دودو, هيمون, هوشو يا آدرش بنائڻ وارو اسان جو تربيتي نظام درست ناھي. ٻارن ۽ يارن کي غلام بنائڻ بدران ”پاڻ سڃاڻڻ“ جو درس ڏجي.
4). اسان جي نظرياتي بيهڪ ٻڌ سڌ تي ٻڌل آھي ۽ ٻئي کي پڙھون ڪونه ٿا.
ان ڪري روز چوندو لکندو آھيان ته پنهنجي تاريخ پڙھو, ٻڌو ۽ سبسڪرائيب ڪريو.
تاريخ اوهان سان وڏي واڪ ڳالهائڻ گهري ٿي:
24.3.1839:
شاه شجاع جي نمائندي شڪارپور واري فرنگي سفارتڪار اليگزينڊر برنس کي لکيو ته ڪمپني حڪومت جو حڪم آهي ته خيرپوري مير مبارڪ اسان کي ست لک ڏن ڏيندو ۽ ٻين ميرن جيان فرنگي سرڪار کي سنڌ ۾ فوج رکڻ لاء ھڪ لک روپيا الڳ ڏيندو. سو تون ان سلسلي ۾ ڪمپني حڪومت جي حڪم جي پوئواري ڪر, دير نه ڪر.
24.3.1843:
دٻي مان اڄ نيپيئر پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي مير شير محمد سان جوٽيل جگ ۽ فتح حاصل ڪرڻ جو تفصيل ڏنو. هن کي ۾ هو گورنر جنرل کي هوشو شيدئ جي بهادرئ ۽ وطن تان جان قربان ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آھي. (هن خط مان ظاهر ٿئي ٿو ته هوشو شيدي 24 مارچ تي شھيد ٿيو).
24.3.1924:
ڪراچئ ۾ ٻارن جو قومي ڏينهن“ ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ مختلف ڏينهن تي مختلف هنڌن تي ٻارن لاء ٻارن جا فنڪشن ٿيا.
24.3.1935:
سنڌ ۾”انڊين نئشنل ليگ“ جي شاخ کلي. ان جو تفصيلي ذڪر منهنجي ويب سائيٽ تي موجود آهي (انهئ ويب سائيٽ جي لنڪ شيئر ڪرڻ تي سنڌ دشمنن جي رپورٽن موجب فيس بوڪ تي پابندي لاڳو ٿيل آھي. ڪي سنڌ دوست فيس بوڪ انتظاميه کان اها پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪري سگهن ٿا. مان روز سنڌ جي هسٽرئ تي ڊزائين ٿيل سلائيڊ رکندو آھيان, ان ۾ ويب ايڊريس لکيل هوندي آھي).
24.3.1941:
جي.ايم.سيد نه هجي ها ته ڪو ٻيو سياستدان سنڌ کي تمام وڏئ مشڪل سان پاڪستان ۾ شامل ڪرائي سگهي ها.
اڄ ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ جي.ايم.سيد مسلم ليگي هجوم کي پاڪستان سان وفادارئ جو قسم کڻايو ۽ پاڪستان لاء وڏي کان وڏي قرباني گهري وئي ته ڏبي.
24.3.1948:
ڍاڪا يونيورسٽئ جي سالياني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پاڪستان جي بانئ چيو ته اڙدو ملڪ جي ”ڪامن لئنگويج“ ٿيندي. (نوٽ ڪرڻ جي ڳاله آھي ته ملڪ جي بانئ
Common Language
جا لفظ ڪم آندا ۽ پوء ڪن اردو کي ”قومي ٻولي“ بنائڻ جو پڪو په ڪيو).
24.3.1955:
“راولپنڊي سازش ڪيس“ جي ملزمن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.
24.3.1965:
وفاقي ۽ مغربي پاڪستان حڪومتن جي وزيرن پنهنجي عهدي جو قسم کنيو. ذوالفقار علي ڀٽو وفاقي ۽ غلام نبي ميمڻ صوبائي وزير ٿيا.
24.3.1968:
اگرتله سازش ڪيس ۾ اڃا وڌيڪ گرفتاريون ڪيون ويون.
24.3.1971:
شيخ مجيب اعلان ڪيو ته وڌيڪ ڳالهين جي گنجائش ڪانهي.
24.3.1972:
ارباب سڪندر خان کي سرحد ۽ مير غوث بخش بزنجي کي بلوچستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
24.3.1977:
ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد حڪومت سان ڳالهائڻ کي رد ڪيو. حيدرآباد جي امن امان هي بگڙيل صورت کي سنڀالڻ لاء فوج کي گهرايو ويو.
24.3.1985:
محمد خان جوڻيجو پاڪستان جو وزير اعظم بڻجي ويو.
*************
_______24 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
24 مارچ 1946ع اسڪالر ڊاڪٽر هدايت الله پريم(روهڙي) جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1972ع صحافي ذوالفقار واهوچو جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1976ع شاعر گلشير پرديسي جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1978ع ڪالم نگار سارنگ منير سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1979ع باليووڊ اداڪار عمران هاشمي جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1982ع ليکڪ محبوب سنڌي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1982ع ليکڪا صائمه مگسي (گل مگسي) جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1984ع صحافي فيض لغاري جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
24 مارچ 1932ع ديني عالم ۽ فريڊم فائيٽر مولوي حاجي احمد ابڙولاڏاڻو ڪري ويو.
24 مارچ 2014ع سنڌي ٻوليءَ جو انقلابي شاعر راشد مورائي وفات ڪري ويو.
*************
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ Do you want anybody to withdraw her/his contact, connection and relation and leave or replace you? Give her/him loan, do good with her/him, or assure her/him of your love. You will find yourself in a state of humiliations facing sorrows & longings. Respect anybody, you will earn disregard & disrespect. It only happens in my society. Let it happen, so what? Lovers have to love and sincerely have to serve. It also happens in my society.]
لالڻ سان لاڳاپا ٽوڙڻ ٿو چاهين؟ قرض ڏي احسان ڪر يا هن سان پيار ڪر,
نفرتن جا ۽ عداوتن جا جيئن دل ڪڍئي تون اڻ-ڳڻيا ۽ اڻ-ميا جهول ڀر,
نيڪي ڪري درياه ۾ لوڙهين ان کان اڳي ئي ۾ لڙهندين پيو هن ڀر,
پيار سان وڃ ڪنهنجي در, ساه ڪڍندئي ڀل نياز سان تون دعا سلام ڪر.
*************
SINDH IN HISTORY TODAY (24th March)
24th March
BIRTH DATES
Asha Chand Punjabi (Mumbai/Artist/ Born 24th March 1951),
Gulsher ‘Pardesi’ (Dubi Masti/Poet/ Born 24th March 1976),
Mahboob Sindhi (Dadu/Poet/ Born 24th March 1982),
Saima Magsi (Gul Muhammad Magsi/Writer/ Born 24th March 1982),
Faiz Laghari (Lalhar/Writer/ Born 24th March 1984).
DEATH DATES
Hosh Muhammad Shidi (Originator of ‘Marvesoon Sindh na desson’, sacrificed his life while defending Sindh/ Death 24th March 1843).
EVENTS
1843: Charles Napier writes to Governor-General of India narrating battle between him and Mir Sher Muhammad. This letter has been written from Dubba, four miles from Hyderabad. It is important in a way also that it has indicated the death date of Hosho Shedi in this battle on 24th of March 1843.Whereas it is said and believed that HoshoShedi lost his life in the battle of Minani. Charles Napier writes: ‘ The forces under my command marched this morning at day-break. About half past 8 0’s clock we discovered and attacked the army under the personal command of the Mir Sher Muhammad, consisting of 20,000 men of all arms….. After a combat of about three hours, the enemy was wholly defeated with considerable slaughter, and the loss of all his standards and cannon.’ Napier ends his letter that:’Three Belochee chiefs fell in the action; one of them was the great promoter of the war,-- HOCHE Mahmud SEEDEE.’
1924: It was announced that the ‘National Baby Week’ will be celebrated in Karachi at various places and eminent Congress leader R.K.Sidhva will be its coordinator. In this connection the first program is held today at Lyari – the place, where people are witnessing heavy rains of bullets daily now. As per announcement, other programs will be held on 26.3.1924 at Old Town, on 30.3.1924 at Sadar and on 1.4.1924 at Kiamari.
1935: The branch of Indian National League is opened in Karachi. Details about its office-bearers and Aims & Objects are available at Gul Hayat website..
1941: In the public meeting held at Khalikdina Hall of Karachi, G.M.Syed presides over ‘Oath and Pledge Ceremony’ in the support of Pakistan. He starts reading it and is followed by participants. In that PLEDGE, it is said that we Muslims are different Nation and created by Allah with special Assignment, for translating it we need Pakistan. In this PLEADGE it is further said that any kind of sacrifice that is required by /for the cause will be made without any condition and objection.
1948: Urdu should be a common language of the country, says the founder of Pakistan, while addressing Annual Convocation of the Dhaka University.
1968: More arrests are made in connection with Agartala conspiracy. This drama was staged for years and none of accused was awarded any penalty or punishment. It is said that the script of that drama was written in West Pakistan as Bangladesh Flag was designed here and 6-poits were drafted here. It is said that some politicians of West Pakistan had decided to get rid of East Pakistan.
1985: Muhammad Khan Junijo is sworn in as the Prime Minister of Pakistan.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment