** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ کي بمبئي کان ڌار
ڪرڻ جي معاملي تي جوڙيل سنڌ جي سب ڪاميٽي گول
ميز ڪانفرنس ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي.
** 1937ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي جي چونڊن جا نتيجا
سامهون آيا، سنڌ اتحاد پارٽي 18، سنڌ هندو سڀا 11، ڪانگريس 8،
مسلم پوليٽيڪل پارٽي 3، ليبر هڪ ۽ آزاد اميدوارن کي 19 سيٽون مليون.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدارتي چونڊن ۾ ايوب خان
49 هزار 647 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته فاطمه جناح
کي 28 هزار 343 ووٽ مليا، انهيءَ
اليڪشن ۾ ايوب خان تي ڌانڌليون ڪرائڻ جا الزام لڳا.
No comments:
Post a Comment