ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
(تو بن جاني! هيءَ جهان)
”ايجها ڪام ڪريجي، جنهن وچ آدم آپ بڻيجي“
سچل سائين صلاح ڏني ته ”ايجها ڪام ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي.“ الله الله آهي ۽ بندو بندو آهي. بندو خدا ٿي نه ٿو سگهي ۽ خدا بندو ٿي نه ٿو سگهي. پر ديني ۽ روحاني ڪتابن ۾ اچي ٿو ته بندي کي پاڻ ۾ خدا جون صفتون پيدا ڪرڻيون آهن. اها ئي ڳالهه سچل سائين ڪئي ۽ سمجهائي آهي. خدا غفور ۽ رحيم آهي، اهڙيءَ طرح انسان کي ٻين کي معاف ڪرڻ ۽ ٻين تي رحم ڪرڻ گهرجي. الله رزاق، ان ڪري اسان کي به انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جي سار سنڀال لهڻ گهرجي. سچل سائين جو چوڻ آهي ته انسان کي پاڻ ۾ الله جون صفتون پيدا ڪرڻ گهرجن. اهو ئي سندس پيغام آهي.
سچل سائين جي انهيءَ صلاح کي ٿورو بدلائي، مون پاڻ کي ۽ ٻين کي گذارش ڪئي آهي ته اسان کي ڪجهه اهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي جو جيئن ماڻهو ۽ انسان ۽ ابن آدم هئڻ جي ڪسوٽيءَ تي پورا اچي سگهون. اسان جي معاشري ۾ جنهن ڳالهه جي سخت ضرورت آهي.
دنيا جي قومن کي ڏسو ۽ هن عظيم سنڌي قوم جي فردن کي ڏسو. قومن جي ماضي، حال ۽ مستقبل کي ڏسو ۽ ان ۾ پنهنجي ڪردار ۽ ڪارنامن جي حصي تي نظر وجهو. معلوم ٿيندو ته ٻي دنيا وڃي چنڊ ستارن تي پهتي آهي، پر اسان وڃون ٿا پٺتي پوندا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ دنيا اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن جو انسانن جون ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون، پر اهڙيءَ ترقيءَ، اهڙي ڪنهن ڪارنامي، ڪنهن ايجاد يا کوجنا ۾ اسان جو معمولي به ڪردار ڪونهي. موبائيل ۽ انٽرنيٽ جو اسان استعمال ته ڪريون ٿا، پر انهن جا خالق پاڻ ڪو نه آهيون. حالت هيءَ آهي جو جيڪڏهن ڪنهن غير خلاف ڪو به جلسو ٿا ڪريون ۽ ڪاوڙ ۾ جوشيليون تقريرون ڪندي، جيڪڏهن مائيڪ خراب ٿي پئي ٿو ته انهن ڏي ئي کڻي وڃون ٿا ته مائيڪ ٺاهي ڏيو ته اوهان کي ست سريون ٻڌايون.
پاڻ کي نه قاعدن تي مهارت نه قانون تي دسترس، نه دل کولي پنهنجيءَ يا ٻيءَ ٻوليءَ ۾ اثرائتي انداز ۾ پنهنجا دک درد بيان ڪري سگهون يا حق گهري سگهون، ان ڪري منشي رکي پيا ڪم هلائينداسين يا ٻين جا محتاج ٿي فقط ڪنڌ لوڏي ها ۾ ها ملائينداسين. ان ڪري حاڪم هوندي به محڪوم ٿي ويا آهيون.
پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن تي اعتبار ئي ڪو نه ايندو. ان ڪري پاڻ تي ڀاڙڻ بدران ڪنهن نه ڪنهن جيئري يا مُئي ماڻهوءَ جا خادم ۽ نوڪر بڻجي وينداسين. بت سازي ۽ بت پرستيءَ کانسواءِ ٻيو ڪم ئي ڪو نه ايندو. پاڻ به غلام بڻجي وينداسين ۽ ٻين کي به غلام بڻائڻ کي پنهنجي دين ايمان جو لازمي جز بڻائي ڇڏينداسين. ائين پنهنجي لاءِ به آزار ته ٻين لاءِ به مصيبت. مجال آهي ڪنهن جي جو اسان جي پير مرشد، وڏيري ننڍيري، سياسي اڳواڻ ۽ رهبر کي پنهنجو هادي ۽ رهبر ڪري نه مڃي يا هن خلاف ڪو لفظ زبان مان ڪڍي! بلاشڪ محبتون ۽ عقيدتون انسانن جو وڙ آهي، پر اهي اسان لاءِ مصيبتون بڻيل آهي. شايد اسان انسانن وانگر محبتون ۽ عقيدتون نه ٿا ڪريون. ڀلا ڪهڙي مجال جو اهو چئجي ته اسان ٻين ماڻهن وانگر انسان نه آهيون. پر هن چوڻ ۾ به وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ته اسان به عقيدتن ۽ محبتن ڪرڻ ۾ ماڻهوءَ جي روپ ۽ خوشبوءَ جو احساس ضرور ڏياريون، جيڪو في الحال نظر نه ٿو اچي.
مهين جي دڙي جي کوٽائي مان ثابت ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ اسان علم-ڌڻي به هئاسين ته قلم-ڌڻي به هئاسين. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا اهڃاڻ انهن کنڊرن ۾ به موجود آهن. پر ان کان پوءِ اسان ڇا ڪيو آهي؟ ڪا طوتري به ڪا نه ٺاهي آهي. هوائي جهاز جا پَرَ به ڪو نه ٺاهي سگهيا آهيون.
هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ اسان ڪهڙي ڪم ۾ مصروف آهيون؟ ڪارو ڪاري جي رسم کي مذهبي روايتن طور نافذ ڪرڻ ۾؟ هڪ ٻئي جي ٽنگن ڪڍڻ ۾؟ وڻن تا جهيڙا لاهي ٻين جي ڳچين ۾ وجهڻ ۾؟ ذات پات جو زنگ اسان جي نظرين ۽ قدرن کي وڪوڙي ويو آهي. رنگ نسل جو راڄ اسان وٽ ئي هلي ٿو. محبت سان نفرت ڪرڻ ۽ ماڻهپي کي ٻڌي ٻار ۾ اڇلڻ جي ريت اسان وٽ ئي آهي. دين ڌرم کي اسان ئي دلين ۾ ديوار ٺاهڻ جي ڪم آڻيون ٿا. اسان عقل ۾ ايترا ته اڪابر ٿي ويا آهيون جو پاڻ کانسواءِ باقي ماڻهو اسان کي بي وقوف لڳندا آهن. اسان ايترا ته عالم بڻجي ويا آهيون، جو دنيا ۾ جاهلن کانسواءِ ٻيو ڪجهه نظر ئي نه ٿو اچي! دشمنيون ڪرڻ ڪو اسان کان سکي، نفرتون ڪرڻ ڪو اسان جون ڏسي!!
اها آهي اسان جي سماجي ۽ نظرياتي بيهڪ. انهيءَ صورتحال ۾ ڪو ته هجي جو دانهون به ڪري ۽ صلاح به ڏئي ته ”ايجها عام ڪريجي، جنهن وچ آدم آپ بڻيجي.“ جيڪڏهن گستاخي نه ٿئي ته اهو ضرور پڇڻو پوندو ته اسان ماڻهن کي انسان ٿيڻ ۾ اڃا ڪيترو وقت لڳندو؟
اڄ سنڌ جيئن واڳن جي ور چڙهيل آهي، صدين کان ڪي مخصوص خاندان ۽ ذاتيون انهيءَ تي حاڪمي ۽ حڪمراني ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ عام ۽ عوام جو نه عمل دخل آهي نه وري ڪوئي مفاد، انهيءَ داخلي ۽ بيروني ڳنڀير صورتحال کي بدلائڻ لاءِ پهريون اسان کي پاڻ بدلائڻو پوندو ۽ ماڻهوءَ مان انسان ٿيڻو پوندو. ڇو ته اسان جنهن ڪم ڪار ۾ لڳا پيا آهيون اها پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻڻ برابر آهي. سنڌ ۽ سنڌين کي جيڏو ۽ جيترو خطرو اسان پاڻ مان آهي ان جيڏو ڪنهن ڌاريءَ قوم يا ڌاري ملڪ مان ڪونهي. هي وقت آهي ته اسان پاڻ سنڀاليون، پنهنجا اختلاف دور ڪريون، هڪٻئي کي معاف ڪيون، اجائي ڳالهين بدران مثبت ڪم ڪريون، جنهن مان پنهنجي خاندان، قوم ۽ انسانيت کي فائدو ملي. ڪو اسان مان اهڙو ماڻهو ته پيدا ٿيڻ گهرجي جيڪو ڪنهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان، علم ۽ علم جي حوالي سان، مثالي اصولن، قدرن ۽ نظرين جي حوالي سان دنيا جهان ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ۽ اسان جي سڃاڻ ٿي پوي. اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان پاڻ کي انسان اشرف المخلوقات طور ثابت ڪنداسين.
Email: gulhayat2010@gmail.com
Website: www.drpathan.com
No comments:
Post a Comment