پنهنجي پٽ ممتاز جي مهرباني، جنهن منهنجي
آزاد شاعري ڊيزائين ڪرائي شيئر ڪئي آهي. مون پنهنجي هن نظم ۾ سنڌ جي عوام ۽
سنڌي ماڻهو جي وصف بيان ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته قوم ته ڇا پر اسان جي قوم
جا آدرشي انسان ڪڏهن به نه مرندا آهن. ڇو ته انهن جون خدمتون ۽ محبتون،
انهن جوفڪر ۽ نظريو سنڌي ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين ۾ هميشه قائم ۽ دائم رهندو
آهي. دعا آهي ته منهنجي هن عقيدت ڀريل آزاد نظم کي سنڌ واسي هينئين سان
هنڊائين ۽ ثابت ڪري ڏيکارين ته اسان زندهه قوم آهيون. (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ)
No comments:
Post a Comment